Home / اسپيشل افيئر / هڪڙو هو  اگهم ڪوٽ
above article banner

هڪڙو هو  اگهم ڪوٽ

ابوبڪر شيخ

Abu Bakar Shaikh

 پُورن سَتاويهه سالن کانپوءِ آءٌ اگهم ڪوٽ وڃي رهيو هوس. آءٌ جڏهن پنهنجي مٿان گُذري ويل اڌ صديءَ مُتعلق سوچيان ٿو ته، هڪ سمجهه ۾ نه ايندڙ حيرانگيءَ جي ڪيفيت اندر ۾ جُڙي ٿي. وقت اِنسان کي اُڌڻي ٿو ڇڏي، پهريون ڀيرو جڏهن آءٌ هن ويران شهر ويو هوس ته جنوري جي مهيني جو سيءُ هو، رستو ڪَچو هو، اسين جنهن جيپ ۾ سوار هُئاسون اُن ۾ رستو گهَٽ طئه ٿي رهيو هو ۽گاڏيءَ جا لوڏا وڌيڪ اچي رهيا هُئا ۽ گڏوگڏ ماتليءَ طرف واري زرخيز زمين جي اَڇي کير جهڙي مٽي پڻ انهن لوڏن سان گڏ گاڏيءَ ۾ اچي رهي هُئي، هاڻي فرق اهو آيو آهي ته، انهن ڪچن رستن جي جاءِ تي لنڪ روڊ ٺهي به چُڪا ۽ ٽُٽُي به چڪا آهن، ان لاءِ گاڏيءَ کي لوڏا پهرين کان به وڏيڪ اچن ٿا، پر اوهانجي گاڏيءَ ۾ مٽي نٿي اچي ان لاءِ جو گاڏين جي بناوت ترقي ڪري چُڪي آهي.

مُونکي ياد آهي ته، مون جڏهن پهريون ڀيرو، اگهم ڪوٽ کي ڏٺو هو ته هيءَ آرڪيالاجي جي ايتري وسيع سائيٽ هُئي جو ڪيترن منٽن تائين آءٌ حيران هوس، جيستائين اوهانجي نظر ويئي ٿي گڏوگڏ تاريخي ماڳ جا آثار اوهانجي نظرن سان گڏ هليا ٿي. سلمان رشيد ۽ آءٌ سڄو ڏينهن اُتي رهياسين. هي اُهو زمانو هو جڏهن 35 ايم.ايم جو رول ڪئميرا ۾ پوندو هو ۽ 36 تصويرون نڪرڻ جي هڪ رول ۾ گنجائش هُئي، اوهانجي ڪئميرا جي بئگ ۾ ڀلي ڪيترا به رول پيا هجن پر اوهانجي مٿان رول ختم ٿي وڃڻ جي تلوار هر وقت لَٽڪندي رهندي هُئي، ان لاءِ ’ڪلڪ‘ ڪرڻ لاءِ احتياط کان ڪم وٺڻو پوندو هو. هاڻي ته ڪئميرا رول هڪ ڪهاڻي ٿيا، پَر هاڻي وري اِها پريشاني هُجي ٿي ته، تصوير ڪيترا پڪسل جي هُئڻ گُهرجي، ته ستاويهن سالن کانپوءِ انهن عظيم آثارن کي آءٌ ٻيهر ڏسڻ وڃي رهيو هوس.

01

توهان جيڪڏهن حيدرآباد کان ٽنڊوالهيار اچو ۽ پوءِ اِتان گُلاب لغاري طرف وڃڻ وارو رستو وٺو ته گُلاب لغاري جي ننڍڙي شهر کان پهرين رستي جي اولهه ۾ اوهانکي مُقبرن ۽ مَدرسن جا آثار نظر ايندا، توهان جيڪڏهن انهن آثارن کي غور سان ڏِسو ته، اِهي سڀ تعميرات مِٽيءَ ۽ سِرن جي دَڙن تي ڪيل آهن ۽ اِنهن دڙن اندر ماضيءَ جا ورق پُوريل آهن، اسانجي اکين کان اوجهل آهن،  اِهي ان حقيقت جي به غمازي ڪن ٿا ته، هنن آثارن تان صدين جا سوين اونهارا ۽ سِيارا گُذري ويا آهن.

تاريخ جا وَرق ٻُڌائين ٿا ته، ستين صدي عيسويءَ ۾ ’برهمڻ آباد‘ ۽ ’لُوهاڻو‘ جو هڪ بادشاه هو جنهن جو نالو ”راجا اَگهم“ هو، چون ٿا ته، هُن جي رهائش جنهن ڪوٽ ۾ هُئي اُهو ڪوٽ هتي هو. ’چچ نامو‘ جيڪو اٺين صدي عيسوي ۾ عربي زبان ۾ تحرير ٿيو، جنهن جو ترجمو 1240 ۾، فارسيءَ ۾ ’علي بن حامد ڪُوفي‘ ڪيو، اهو سنڌ جي تاريخ تي سڀ کان قَديم ماخذ طور مڃيو وڃي ٿو. انهيءَ ۾ تحرير آهي ته:”جڏهن چچ بن سيلائج جي سيوهڻ واري مُهم پنهنجي پُڄاڻي تي پهتي تڏهن، برهمڻ آباد واري لُوهاڻي جي بادشاه اگهم يعني لاکَن، سَمن ۽ سَهتَن جي حاڪم کي پيغام موڪليو ۽ تابعداري جو چيو ويو…“

محمد بن قاسم جي حملي وقت  يعني اٺين صدي جي ابتدا ۾، هن قلعي جي فوجي اهميت متعلق چچ نامي تحرير ٿيل آهي ته:”محمد بِن قاسم، سُليمان بِن نبهان قُريشي کي حُڪم ڏنو ته، توکي ’راوڙ‘  واري قلعي طرف وڃڻ گهُرجي، انهيءَ تي سليمان، عطيه تُغلبيءَ جي ڪَمان ۾ پنج سئو سپاهين کي اگهم ڪوٽ ۾ مُقرر ڪيو جيئن راجا ڏاهر جي پُٽ ’گوپي‘ کي روڪي سگهي جيڪو ’اروڙ‘ ۾ هو..“

ڏهين صدي عيسوي ۾ سنڌُو دَرياءَ جا ڇهه وهڪرا هُئا جنهن ڪري ڏاکڻي سنڌ ۾ نَهرن ۽ بندرگاهن جو هڪ ڄار وڇايل هو، جنهن سَبب ڪري هتي جهنگلن، جهنگلي حيات ۽ کيتي پنهنجي عُروج تي هُئي، هي اُهو زمانو هو جڏهن ’لُهاڻو‘ وَهڪري تي نصرپور، اگهاماڻي ۽ فتح باغ جا اَهم ۽ مشهُور بندرگاه هُئا، تاريخ جا ورق ٻُڌائين ٿا ته، اگهاماڻي جي اوسي پاسي مشهُور گهاٽ هُئا، واپار زورن تي هو جنهن ڪري اگهاماڻي جُون بازارون به وَسنديون هُيون. اگهم ڪوٽ جا مدرسا پنهنجي عِلم و فَضل جي ڪري مشهُور هُئا ۽ اِنهن درسگاهن جو مهتمم مخدُوم اِسماعيل سُومرو هو جيڪو اصل ۾ ڪَڇ ڪاٺِياواڙ جو رهڻ وارو هو پر هِتي جي علمي ماحول کان مُتاثر ٿي هتي جو ئِي ٿي رَهيو.

’وَتائي فقير‘ جو خاندان به، مخدُوم صاحب جي بَيعت تي مُسلمان ٿيو ۽ اَگهم ڪوٽ جي هنن ئي بازارن، مُحلن ۽ گهٽين ۾ هلندي پنهنجا ڏينهن رات گُذاريا، هن پنهنجي مَجذُوبيت جي مَستيءَ ۾ جيڪي ڳالهيُون ڪيون اُنهن جو مثال اڃان تائين ماڻهو پنهنجي ڳالهين ۾ ڏِين ٿا.وتايو يقينن هڪ ذهين ۽ الله وارو انسان هو جنهن جو ثرمايو سچ ڳالهائڻ هو. وتائي جي زندگيءَ جو احوال وري ٻئي دفعي اوربو.

شاه بيگ اَرغُون جنهن قَنڌار تي اِنتهائي چُست ۽ شاطرانه طريقي سان حُڪومت ڪئي هُئي، قسمت مَٿس سدائين مهربان ئي رهي ايستائين جو ڪابل واري ’ظفر‘ جي قلعي مان به ڀڄي نڪتو، پَر پوءِ جڏهن نصيبن ساٿ ڇڏيو ته، سيوهڻ مان گُجرات کي فتح ڪرڻ جو خواب اکين ۾ سجائي 1522ع جولاءِ جي گرم ترين مهيني ۾ اگهم ڪوٽ پهتو، اِتي کيس جڏهن کيس خبر پيئي ته ’بابر‘ خوشاب تائين اچي پَهتو آهي ته سنڌ جي حُڪومت ڦُرجڻ جي خوف کان  سندس حالت خراب ٿي ويئي، کيس دل ۾ شديد تڪليف ٿي انهيءَ تڪليف ڪري پاڻ اگهاماڻي ۾ دَم ڏنائين.

تخت ۽ تاج  ۾ به عَجيب ڪَشش، چاهت ۽ بيوفائي لِڪيل هُوندي آهي، چون ٿا ’شاه بيگ ارغون‘ جي ڪَفن جو پاڻي اَڃان خُشڪ نه ٿيو هو  جو ’مرزا شاه حسن‘ کي تخت تي ويهارڻ جي رسم اَدا ڪئي ويئي، عيد جي رات هُئي، اگهم ڪوٽ جي ڪنهن دالان ۾ پيءُ جو ٿڌو جسم پيل هو ۽ پُٽ کي تخت تي ويهڻ جُون مُبارڪُون مِلي رهيوُن هُيون.

آءٌ جڏهن اگهم ڪوٽ پهتس ته مئي مهيني جي گرم سج جي تپش پنهنجي عُروج تي هُئي، ڏينهن جا ڏهه ٿيا هُئا پر سج جي تيز روشني ۽ گرمي سڄي منظرنامي تي ڦهليل هُئي، ڪجهه آثار پنهنجي 03وجود ۾ وڏو سحر رَکن ٿا، منجهن هِڪ سَحر ۽ آسودگي هُوندي آهي جيڪا مَنجهن لڪيل هوندي آهي، پر اصل ۾ اِهو سڄو محسُوسات جو کيل آهي. انهن آثارن جي پهرين خسته حال ”پَتڻَ واري مَسجد“ آهي جيڪا اوهانکي کِيڪاري ٿي، هن مسجد جي تعمير ، جامع مسجد سان ملي ٿي، جيڪا مُغل فن تعمير جو هڪ خوبصورت نمونو آهي. انهيءَ ڀرسان لنگهندڙ درياءَ جڏهن پنهنجو رُخ تبديل ڪيو ته خبر ناهي ڇا ڇا ويران ٿيو. پاڻي نه رهيو ته گهاٽ به نه رهيا، انهن گهاٽَن تي آباد زندگي به پنهنجا رنگ وڃائي ويران ۽ اُداس ڀاڳن جو سودو ڪيو.

توهان انهيءَ مسجد کان اڳيان وڌندا ته توهانکي مخدُوم مِيان محمد اِسماعيل سومري جو مُقبرو ڏسڻ ۾ ايندو، انهيءَ مُقبري تي پهچڻ کان اڳ توهانکي درگاه جو استقبالي گُنبذ نظر ايندو جنهن تي مخدوم صاحب جي وفات جي تاريخ 996 هجري 1588ع لکيل آهي، درگاه تي ڪاشيءَ جي جَڙاءَ جو انتهائي نازڪ ۽ خوبصورت ڪم ٿيل آهي ۽ مقبري جي ڏکڻين ڀر ۾ جُڙيل مسجد تي به ڪاشيءَ جو انتهائي سُهڻو ڪم ٿيل آهي. درگاه جي اولهه ۾ هڪ ايراني شهزادي جي قبر آهي جنهن تي ڪجهه عرصو اڳ چوديواري جي تعمير ڪئي ويئي آهي، هن قبر جي قطبي تي جيڪا تاريخ تراشيل آهي، اُها گهڻن حوالن سان مُنجهيل آهي. انتقال متعلق لکيل آهي:

”تاريخ فوت بي بي ماهم… غره شعبان روز دوشنبه… بوقت نماز 170ط“

اسين جيڪڏهن ’ط‘ کي اهميت نه ڏيون ته پوءِ هي انتهائي قديم ڪَتبو بنجي پوي ٿو، يعني 170هه، پر ان زماني ۾ هتي فارسي جي تحرير مُروجه نه هُئي، پر اسين جيڪڏهن ’ط‘ کي استعمال ڪريون ته پوءِ سن جُڙندو 1070هه، جيڪو ارغُون زماني جو آهي، جنهن مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته، هتي مُغل پنهنجي خاندانن سان به رهيا هُوندا، پر کوٽائي يا سائنسي بُنيادن تي جيستائين تحقيق جو ڪم نٿو ٿئي تيستائين انُومان لڳائڻ  اسانجو بُنيادي حق آهي.

توهان جيڪڏهن مخدُوم صاحب جي مُقبري وٽان ڏکڻ طرف نظر ڪندا ته توهانکي هڪ وڏي گَجگاه شهر جا آثار ڏسڻ ۾ ايندا ۽ شهر جي ڏکڻ طرف اُن قديم دور جي مسجد جون ڊهندر ديوارون ۽ ابتدائي خسته گُنبذ نظر ايندو، مڪليءَ کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ مسجدن ۽ مَدرسن جو تعداد هتي ئي ڏسڻ لاءِ ملي ٿو.

چون ٿا، هتي جي ديني مدرسن ۾ فقه، شرح، حديث، منطق، حِڪمت، حساب، صرف و نحو جي تعليم ڏني ويندي هُئي ۽ تعليم ڏيندڙ پنهنجي زماني جا مڃيل ناموَر اُستاد هُوندا هئا. هتي جي مَدرسن جو بُنياد سمن جي دور ۾ پيو ۽ هتي موجود مدرسن متعلق تاريخ جا صفحا اسانکي ٻُڌائين ٿا ته:”هتي پَري پَري کان عِلم جا اُڃايل تعليم حاصل ڪرڻ ايندا هُئا، انهن جي رهائش، کاڌ ۽ خوراڪ لاءِ، مدرسن لاءِ مخصوص ڪيل زمين تي فصل پوکيا ويندا هُئا. مرزا باقي بيگ لاءِ مشهُور هو ته، هُو انتهائي بخيل طبيعت جو حاڪم هو، ٻن ٽَڪَنِ لاءَ ماڻهوءَ جي چمڙي لهرائي ڇڏيندو هو پر هتي جي مدرسن جي اُپت تي ڍَلَ معاف هُئي، انهيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، هتي جي مَدرسن ۾ رات جو ڏيئن جي روشنيءَ ۾ علمي بحث و مُباحثا ٿيندا هُوندا.”شاه لُطف الله قادري“ جيڪو سنڌيءَ جو مڃيل شاعر هو، جنهن جو ڪلام ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سهيڙي مرتب ڪري ڇپرايو اُن بُزرگ هنن مدرسن ۾ تعليم حاصل ڪئي.

مرڪزي جامع مسجد کان پهرين رستي ۾ اڳي هڪ ٽن گُنبذن واري انتهائي شاندار مسجد هُئي جيڪا مُون 1988 ۾ خسته حالت ۾ ڏٺي هُئي اُن وقت به اُن جا ٻه گُنبذ ڪري پيا هُئا بس هڪ مرڪزي گُنبذ وڃي بچيو هو، پر پوءِ به هوءَ پنهنجي وقت جي اِنتهائي شاندار مسجد رهي هُوندي، پر هاڻي اُها مسجد نه رهي آهي، وقت جي بيقدري هن مسجد کي جيئڻ نه ڏنو، مُنهنجي گهڻي ڳولها کانپوءِ اُن مسجد جون ڪجهه ڪريل ديوارون ۽ گنبذ جا حصا مونکي شايد آخري دفعو نظر آيا، ڪريل ديوارن تي ڪنڊن وارا وڻ اُڀري آيا هُئا، بيقدري جي آخر ڪا ته سَرحد ٿيندي هُوندي  پر هتي فقط بيقدري آهي ۽ اِن جي ڪا سرحد ڪانهي…

اگهاماڻي شهر جُون گهٽيون ۽ بازارون آهن جيڪي ماضيءَ جي گُمنام صبح ۽ شامن ۾ ڪٿي گُم ٿي ويون آهن، پر جيڪڏهن توهان وٽ مُشاهدي جي سگهه آهي ته اُنهن بازارن ۽ مُحلن جي گهٽين ۾ توهانکي ماڻهن جي اچ وڃ ضرور نظر ايندي. توهان انهن گُم ٿيل گهٽين مان پنڌ ڪندي شهر جي مرڪزي جامع مسجد وٽ پهچو ٿا جنهن مُتعلق تاريخ لکي ٿي ته:”مسجد مشرقي فن تعمير جو اعليٰ نمونو آهي، مسجد جو محراب هئڊي مضبُوط پٿر جو جُڙيل آهي جنهن جي ٻنهي طرفن جي ڪُنڊن تي پِلر  ٺهيل آهن ۽ اعليٰ درجي جي سنگتراشي ٿيل آهي. محراب مٿان قرآن شريف جي آيتن کي تراشيو ويو آهي. انهيءَ محراب تي ڪاريگرن جا نالا به آهن. اِهي تحريرون عَربي ۽ فارِسي ۾ آهن. هن محراب تي مَسجد جي تعمير جي تاريخ به تحرير ٿيل آهي:”خرد گفت تاريخ بي وقتي .. کــه جامع جهايان جنتي“. قطع تاريخ ”جامع جهايان جنتي“ مان مسجد جي تعمير جو سال 797هه نڪري ٿو. هن مسجد جي اُتر ۽ ڏکڻ ۾ ’درويش دائود‘ ۽ ’ميان همُون‘ جا مشهور مدرسا هُئا جتي هڪ ئي وقت پنج پنج سئو ماڻهو علم حاصل ڪرڻ ۾ مشغول رهندا هُئا…“

02

پر هاڻي هتي ڪو محراب ڪانهي، البته 1988 ۾ مُون انهيءَ محراب کي بلڪُل مُڪمل ڏٺو هو، اُن وقت هن شاندار مسجد جُون ٻه ديوارون سالم هُيون پر هاڻي ڪُجهه به سالم ناهي، البته مسجد جو داخلي گُنبذ خسته حالي جي باوجود ڳاٽ اوچو ڪري بيٺل آهي، اُهي مدرسا جن جو ذڪر ’تحفته الڪرام‘ ۾ ٿيل آهي اُنهن جي نشاني ڳاڙهيون ڳرندڙ سِرُون رهجي ويون آهن.

علم جي هن مرڪزي شهر کي پاڻيءَ جي وهڪرن ته ويران ڪيو باقي رهيل ڪثر مدد خان پٺاڻ پُوري ڪئي ۽ هنن آثارن کي برباد ڪرڻ ۾ موجوده وقت به پنهنجي هٿان ڪو نه گهٽايو آهي، پهرين آثار جيڪي نظر جي وسعت تائين ڦهليل هُوندا هُئا اُهي مُختصر ٿي ڪُجهه ايڪڙن تائين رهجي ويا آهن، ماضيءَ ۾ جتي بازارون ۽ مُحلا هُئا اُتي هاڻي ساوا فصل بيٺل آهن، آثارن جي وچ مان پڪا رستا ٺهي ويا آهن، ماڻهن آثارن مان سروُن ڪڍي وڃي پنهنجا گهر جوڙيا آهن، لڳي اِئين ٿو ڄڻ آرڪيالاجي کاتي نالي هن مُلڪ ۾ ڪو ادارو ئي ڪونهي…گذريل ستاويهه سالن جي عرصي هنن آثارن کي اُڌڻي ڇڏيو آهي.آءٌ شايد خوشنصيب آهيان جو 27 سال اڳ آيس جو اُن وقت جي ٽن گُنبذن واري مسجد ۽ جامع مسجد جي سلامت محراب جُون تصويرون مُون وٽ آهن، پر ايندڙ پنجويهه سال شايد ايترا خوشنصيب ثابت نه ٿين هنن آثارن لاءِ …

مددي ڪتاب:

*.”تحفته الڪرام“، مير علي شير قانع. سنڌي ادبي بورڊ.

*. ”اگهاماڻو“، محمد حسين ڪاشف. (مضمون)

*. ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“، ڊاڪٽر ايس.پي.ڇٻلاڻي. سنڌي ادبي بورڊ.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو