Home / سنڌ افيئر / پاري نگر، پڌارجو !
above article banner

پاري نگر، پڌارجو !

 نور احمد جنجهي

Noor Ahmed Jhinjhi

ٿر ۽ پارڪر جي يادگيري  جي پُڄاڻيءَ تي ضميما ڏنا ويا آهن جن ۾  چڱو موچارو تاريخي وچور ملي ٿو. انهن ضميمن مان ضميمي سي ۾ پارينگر بابت يادداشت ڏني ويئي آهي جنهن مطابق ؛

پاري نگرتي ڌرڻي براهه پرمار جي پُٽن هانسي ۽ ڀوڏي جي حڪومت هوندي هئي .

پاري نگر ۾ 5200 گهر واڻين جا ، 900 گهر لوهارن جا ، 700 گهر راجپوتن جا، 1200 گهر ڪاريگرن جا ۽ 1300 گهر لوهاڻن جا رهندا هئا.

هانسي کي ٻه پُٽ هوندا هئا ؛ گووند ۽ ڀيم .. گووند پاري نگر جو حڪمران ٿيو. گووند کي چار پٽ هئا؛ ورسنگهه ، ويٺلداس، ڀيم ۽ چندن.. جن مان چندن گاديءَ تي ويٺو . هو سخي هو. سنان پاڻي ڪرڻ اڳي هر روز صبح جو سوير 24 سالن تائين ڪروڙين  رپيا ماڻهن کي دان ڪندو هو. چندن جا ٻه پُٽ هئا سائر ۽ نير جيڪي رول ۽ ڀاڄوڪڙ هئا. ان ڪري  هانسي جو ٻيو پُٽ ڀيم گاديءَ تي  ويٺو. هن ڀائپي ۾ تلاءُ اڏائي ان ۾ 140 کوهه کوٽرايا. هو مرڻ گهڙيءَ تائين حاڪم رهيو پر سندس وفات کانپوءِ  هانسي جي ڪُٽنب جو ڇيهه آيو.

01

ڀوڏائين وري ڀر ۾ ئي شهر ٻڌو . هڪ تلاءُ کوٽرايو پر ان پاڻي نه جهليو تنهنڪري هنن  پنهنجي پٽ نارڻداس جي قرباني ڏني.

ان ريت  هن خاندان جي حڪومت هلندي آئي تان جو هرڀيم گاديءَ تي ويٺو . ان وقت دهليءَ کان هڪ وڏو ڪٽڪ ڪاهي آيو جنهن هن شهر کي تباهه ڪيو.

هن يادداشتنامي مطابق  پاري نگر هڪ وڏو شهر نظراچي ٿو جنهن ۾ ڪُل 9300 گهر آهن جن جي آبادي لڳ ڀڳ 55 هزار اٺ سئو هوندي . اٽڪل اڌ لک آبادي وارو شهرهڪڙو وڏو شهر هوندو جنهن ۾ مختلف ذاتين ۽ ڪمن ڪارن سان لاڳاپيل ماڻهو رهندا هئا. هن شهربابت ڪا مناسب تحقيق نه ٿي آهي. پاري نگر بابت محمد حسين پنهور پنهنجي ڪتاب ”اين السٽريٽڊ ائٽلس آف سومرا ڪنگڊم “  ۾ پاري نگر بابت هن ريت لکيو آهي ، ”پاري نگر (قائم ٿيل 512 ق م ) کي 1222 کان 1224 تائين ساڙي تباهه ڪيو ويو. غالب گمان اهو به آهي ته هن شهر کي ڦرلٽ لاءِ خوارزم شاهه ساڙيو. هيءُ شهر بندرگاهه هو جنهن تي سنڌ جي نار وسيلي پهچ آسان هئي. شهر جي تباهيءَ سببان اتان جي واپاري برادري پهريائين 1338 ع ڀوڏيسر ويئي تنهنکانپوءِ  ڄام نگر لڏيائون.“ ان نموني جيڪڏهن خوارزم شاه يا ٻئي ڪنهن شهر ساڙيو يا تباه ڪيو هو ته سوال اُٿي ٿو ته ڇا شهر ٻه سال تائين ساڙيو پئي ويو. هتان جا رهواسي جيڪڏهن هتان لڏيا ته پوءِ اهي 1338 ع ۾ ڇاجي ڪري لڏيا ؟ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي مقالي ”ٿر ۾ جين ڌرم“ ۾  پاري نگربابت احوال به رئڪس جو حوالو ڏيندي لکيو آهي. هو اڳتي ٽاڊ جي حوالي سان پارود قوم جو ذڪر ڪري ٿو ته اهي پارسي هئا جن جو قديم شهر مين گڍ هو جنهن جو نالو ڦيرائي پارسي نگر رکيائون جيڪو بگڙجي پاري نگر ٿيو. مين گڍ مان پاري نگر ڪيئن ٿيو ؟ ان ڳالهه جو ڪوئي کُر پير نظر نٿو اچي.

03

اُستاد رائچند تاريخ ريگستان جي پهرئين ڀاڱي ۾ پاري نگر بابت تفصيل سان لکيو آهي هن به ٽاڊ راجستان جي گجراتي ڇاپي، اوريئن  ۽ رئڪس جا حوالا ڏنا آهن. سڏونت ساوڻنگا جي ديومالائي قصي جو ذڪر ڪندي ، ”پاري نگر پڌارجو “ وارو  دوهو به ڏنو آهي جنهن ۾ ڊگهي ويس ۽ ناريل جي وڻن جو ذڪر ڪيو آهي جيتوڻيڪ ان دوهي ۾ عام طور ڀڳونئين ويس جو حوالو ڏنو ويندو آهي. اُستاد رائچند پاري نگر جي بيهڪ ننگرپارڪر جي هاڻوڪي شهر کان 14 ميل ۽ ويراواءِ کان 2 ميل اوڀر طرف ٻُڌائي آهي . ڪٽهڙي جو ذڪر ڪيو آهي ته هتي لوهه جو ڪم ڪار به ٿيندو هو ته جهاز به ٺهندا هئا. ويراواءِ ۾ رکيل بُتن ۽ پاري نگر ويجهو ڪنهن ڦٽل جاءِ ۾ پيل بُت جو ذڪر ٿيل آهي . منگهارام اوجها به  اُستاد رائچند جي ڳالهه کي  ورجايو آهي ۽  وڌيڪ  لکيو آهي ته پارڪر تي جيتوڻيڪ ڌاڪو اوسواڙن جو هو پر حڪومت سدائين سوڍن جي رهي آهي. اهي سڀئي ڳالهيون مختلف اُهڃاڻ ٻُڌائين ٿيون پر ڪو واضح خاڪو نروار نٿيون ڪن .هڪ ٻئي ليکڪ صلاح الدين قريشي پنهنجي ڪتاب ”سنڌ … اي ٽائم ڪيپسول آف هيريٽيج “ ۾  پاري نگر توڙي جين مت جي ڏهرن بابت ڪافي تفصيلي لکيو آهي. هن رئڪس ، ڊاڪٽر برجس ۽ مئڪمرڊو جو حوالو ڏنو آهي. ان کانسواءِ هن  قائم مقام ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر مسٽر جائيلس  جو اهو خط به ڏنو آهي جنهن ۾ هو جين ڏهرن جي عبادتگاهن جو ذڪر ڪري ٿو ته اهو به ڄاڻائي ٿو ته ويراواءِ جو شهر به جُزوي طور پاري نگر جي ٺڪراٺي تي  اڏيل آهي. خط جي آخر ۾  هو شهر جي بيهڪ کي ٿر ۽ جبل جي هنج ۾ ڄاڻائي ٿو . هو به شهر جي تباهي کي رئڪس جي حوالي سان 1226ع  ۾ لکي ٿو ۽ شاندار بندرگاهه ڪوٺي ٿو. اهي سموريون ڳالهيون هن  ماڳ کي ۾ تمام  گهڻي دلچسپي پيدا ڪن ٿيون.

02

هن وقت ڪو گهڻو ٺڪراٺو وغيره موجود ناهي . ويراوءِ کان اولهه طرف ننگر جي رستي ويجهو  جين مت جو ڏهرو آهي ان جي آسپاس ڪافي ٺڪراٺو آهي جنهن جو جائيلس به ذڪر ڪيو آهي ته ڳوٺاڻا اهو کڻڻ نٿا ڏين. اهو واضح نظرا چي ٿو ته هيءُ شهر سامونڊي ڪناري جو شهر هو جتي نه رڳو جهاز ايندا هئا پر شپيارڊ به هو . جهازن جي مرمت وغيره ٿيندي هئي. سمنڊ جي حدن کي ڳولڻ جي ضرورت آهي ته هن شهر جي نالي ”پاري نگر“ جي پرولي ڀڃڻ جي ضرورت آهي. هن شهر جي اولهائين ڪناري وٽان پٿرن جون بچيل اڏاوتون توڙي ڀوڏيسرجي جيني ڏهرن جي ڀر ۾ نياري نموني جي ڏهرن جي اڏاوت به الڳ آهي جيڪا اولهه کان هتي آيل ”جکن“  جي  باقيات آهي.ڇا پاري نگرتي اهو نالو پارسناٿ جي ڪري ته نه پيو يا اهو ڪو پارسي نگر هو يا پارڌوئن جي وسندي هو ؟ شهر جي ڊيگهه ويڪر ڇا هئي؟ ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن شهر جي تاريخ ۽ نشانن کي ڳولڻ لاءِ قبل مسيح جي تاريخي ثقافت تي نظر وجهڻ گهرجي ته هتي جي آبي وسيلن يعني ندين ۽ سمنڊ جي اهڃاڻن کي به ڦلهورڻ گهرجي . پاري نگر جي   پروليءَ جو دائرو پرمارن جي حڪمرانيءَ کان اڳڀرو وڃي ٿو. تاريخ جي اهڃاڻن ملڻ سان تاريخ جون  ٽٽل ڪڙيون ملي پونديون.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو