Home / اسپيشل افيئر / ڀارتي ناول نگار موروگن، عتاب جو شڪار
above article banner

ڀارتي ناول نگار موروگن، عتاب جو شڪار

رئوف نظاماڻي

Rauf Nizamani

خيالن، نظرين ۽ عقيدن وغيره جي اظهار جيِ آزادي تي پابندين جي لحاظ کان هاڻوڪو دور به گذريل دورن کان گھڻو مختلف ناهي. اظهار جي ذريعن ۾ جيئن جيئن وسعت آئي آهي تيئن تيئن ان جي مخالف قوتن جي سرگرمين ۾ پڻ واڌارو ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ هڪ پاسي ته سرڪار جا قاعدا ۽ قانون هوندا آهن جتي حدون اورانگھيندڙ کي نه رڳو مختلف سزائن جو ڊپ ڏنو ويندو آهي پر اهي سزائون ڏنيون به وينديون آهن. ان سان گڏوگڏ مختلف مذهبي، سياسي ۽ سماجي تنظيمون وغيره آهن جيڪي ان سلسلي ۾ هڪ دٻاءَ وجھندڙ جو ڪم ڪندي ان ڳالهه کي يقيني بڻائينديون آهن ته ڪو سندن ڪڍيل ليڪو نه اورانگھي. پر ڪي ماڻهو انهن پابندين کي قبول نه ڪندا آهن ۽ شعوري يا غير شعوري طور انهن حدن کي اورانگھي ڄڻ ته ان سماج جي اسٽيٽس ڪو جي قوتن لاءِ چئلينج بڻجي ويندا آهن. اها صورتحال ٿوري گھڻي فرق سان دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ موجود آهي.

ڀارت دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت آهي. پر هن وقت اتي اظهار جي آزادي کي خاص طور تي مذهبي انتها پسندي جي صورت ۾ انيڪ چئلينج درپيش آهن. انهن جو هڪ تازو مثال تامل ٻولي جو شاعر ۽ ناول نگار پيرو مل موروگن آهي. اٽڪل سترنهن سالن تائين تامل ٻولي پڙهائيندڙ موروگن جو چوڻ آهي ته سندس واسطو هڪ غريب هاري گھراڻي سان آهي.ِ هو ويهن سال جي عمر تائين کليل آسمان هيٺان ۽ ڳئن جي واڙن ۾ رهيو آهي ۽ کيس ان وقت تائين اها ڄاڻ نه هئي ته رهڻ لاءِ گھر ڇا ٿيندو آهي. سندس تخليقن ۾ فطري ماحول ۽ نظارن جي جيڪا عڪاسي ٿيل آهي ان جو هڪ ڪارڻ اهو پسمنظر به آهي. پنجن ناولن، چار افسانن جي مجموعن ۽ چئن شاعري جي مجموعن جي ليکڪ موروگن پنهنجن ٻارن سان واعدو ڪيو هو ته هو گھٽ ۾ گھٽ ڏهه ناول لکندو ۽ سندس چوڻ آهي ته سندس اندر ۾ اڃا به پنج نوان ناول موجود آهن. سندس ٽي ناول انگريزي ٻولي ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن. پر اٽڪل اوڻويهه ويهه مهينا اڳ هن تخليقڪار کي هڪ ليکڪ طور پنهنجي موت جو اعلان ڪري جلاوطني اختيار ڪرڻي پئي. ان جو ڪارڻ سندس تامل ٻولي جو ناول مدوراگوبن يا One Part Woman هو. ان ناول جو موضوع تامل ناڊو ۾ موجود هڪ اهڙي مذهبي رسم آهي جنهن ۾ زرخيزي جي ديوي جي ٿيندڙ سالياني ميلي ۾ عورت ڪنهن به اڻڄاتل مرد سان رات گذاري سگھي ٿي. ان عمل جي نتيجي ۾ جيڪڏهين ڪو ٻار جنم وٺي ٿو ته ان ٻار کي ڀڳوان جو تحفو ۽ ان اجنبي مرد کي ڀڳوان جو نمائندو ڪري ليکيو وڃي ٿو.

02

موروگن جي ان ناول جا مرڪزي ڪردار هڪ اهڙا زال مڙس آهن جيڪي پاڻ ۾ نهايت ميٺ محبت سان رهي رهيا آهن ۽ هر لحاظ کان هڪ ٻئي کان مطمئن آهن پرکين ڪو به اولاد ناهي. اهي لاڳيتو پنهنجن مٽن مائٽن ۽ اوڙي پاڙي وارن سڀني جي مهڻن طعنن ۽ ڳالهين کي برداشت ڪن ٿا. مڙس جي ماءُ جو خيال آهي ته انهن جي خاندان کي ديوي جو پاراتو آهي ۽ ان ڪري جيڪڏهن کين ڪو اولاد ٿئي به ٿو ته اهو گھڻو جي نه ٿو سگھي. نيٺ زال جي سس ۽ ماءُ ٻنهي جي صلاح اها بيهي ٿي ته خرابي مڙس ۾ آهي. ان ڪري زال کي ديوي جي ان ڏڻ ۾ شرڪت ڪري ان رسم ۾ حصو وٺڻ گھرجي ته جيئن کيس اولاد ٿي سگھي. مڙس جيتوڻيڪ ان ڳالهه تي راضي نه ٿو ٿئي پر زال کيس ان تي مڃرائي ٿي وٺي. اهو ڄڻ هڪ لحاظ کان زال ۽ مڙس جي ناتن جو انت هجي ٿو. موروگن ان ناول ۾ انهن ماڻهن ۽ علائقي جتي اها رسم ڪجهه عرصو اڳ رائج هئي جي فرضي نالن بدران انهن جا اصلي نالا ڏنا آهن. اهو ناول شروع ۾ تامل ٻولي ۾ ئي ڇپيو ۽ ان وقت ئي ان ڄڻ هڪ لحاظ کان تامل ناڊو ۾ هڪ ڀونچال پيدا ڪري ڇڏيو. سڄي رياست ۽ خاص طور تي ان علائقي ۾ هنگاما شروع ٿي ويا، ڪتاب جي ڪاپين کي ساڙيو ويو ۽ سرڪار کان گھر ڪئي ويئي ته ڪتاب تي پابندي لڳائي وڃي ۽ ليکڪ خلاف قدم کنيو وڃي. سندن موقف هو ته ليکڪ هڪ فرضي ڳالهه گھڙي آهي ۽ اهو ناول لکي هن ان علائقي جي گھڻن ماڻهن جي زندگي کي مشڪوڪ بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ديوي جي بيعزتي ڪئي آهي. ان سڄي احتجاج جي مهڙ ۾ شيوسينا جي مقامي تنظيم جا ماڻهو هئا. جيئن ته پيرومل جو پنهنجو واسطو ان علائقي ۽ ماڻهن سان ئي آهي سندن ان سلسلي ۾ موقف هو ته اها فرضي نه پر هڪ حقيقي رسم آهي جيڪا علائقي ۾ پنجاهه سٺ سال اڳ تائين موجود هئي. سندس وڌيڪ چوڻ آهي ته بازارن ۽ رستن تان هلندي سندس واسطو پنجاهه سال ۽ ان کان وڌيڪ عمر جي اهڙن گھڻن ماڻهن سان پيو جن کي اڌ مرد يا اڌ عورت ڪوٺيو ٿي ويو. هن ان معاملي جي تحقيق کان پوءِ ئي ان تي قلم کنيو. ڪتاب تي پابندي ۽ موروگن کي سزا جو معاملو جڏهن تامل ناڊو جي هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو ته اتي جج ڪتاب ۽ ليکڪ کي ڪنهن به قسم جي سزا ڏيڻ ۽ ڏنڊ وجھڻ کان انڪار ڪندي پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ليکڪ کي پنهنجي لکڻين وسيلي جنهن ۾ کيس مهارت حاصل آهي نئون جيئدان وٺڻ ڏيو. ان سڄي معاملي ليکڪ کي جذباتي ۽ ذهني لحاظ کان شديد طور متاثر ڪيو ۽ هن ماڳهين لکڻ تان ئي هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اٽڪل اوڻويهن ويهن مهينن کان پوءِ اها خبر پيئي ته هن وري لکڻ شروع ڪيو آهي ۽ اٽڪل ٻه سئو نظم ان عرصي ۾ لکي چڪو آهي.

01

ان سلسلي ۾ سندس چوڻ آهي ته هڪ ڀيري پنهنجي ڌيءَ سان ملڻ لاءِ هو ٻئي شهر ويو هو جتي کيس هڪ دوست جي گھر ۾ رهڻو پيو هو. اتي هڪ ڪمرو رهڻ جو ۽ ٻئي ۾ ڪتاب رکيل هئا. وٽس ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪم نه هو. ان ڪري کيس هڪ ڀيرو وري پڙهڻ ۽ لکڻ جو اتساهه مليو. پر سندس چوڻ آهي ته هن ڪورٽ جي فيصلي جي رڳو ٽن مهينن کان پوءِ شاعري لکڻ شروع ڪري ڇڏي هئي. هيستائين هو اٽڪل ٻه سئو نظم لکي چڪو آهي. جيتوڻيڪ سندس سڃاڻپ هڪ ناول نگار طور آهي پر هو پاڻ کي بنيادي طورهڪ شاعر ئي سمجھي ٿو ۽ لکڻ جي شروعات به هن هڪ شاعر جي حيثيت ۾ ئي ڪئي هئي. ايستائين ته ناول لکڻ دوران به هن پنهنجي شاعري جي عمل کي جاري رکيو آهي. موروگن جون ڪهاڻيون تامل ناڊو جي وچولي علائقي جي محنت ڪندڙ هارين ۽ انهن ٻارن جن کي پنهنجن پيئرن جي قرض لاهڻ لاءِ شاهوڪار ماڻهن جي لاءِ ڪم ڪرڻو پئي ٿو جي زندگي سان واسطو رکن ٿيون. اهي ماڻهو ساڳي وقت سماجي تبديلي جي هڪ عمل مان پڻ گذري رهيا آهن. موروگن کي حقيقت جي عڪاسي ڪندڙ هڪ ليکڪ سمجهيو وڃي ٿو جنهن جي لاءِ سندس ناول جي ترجمي نگار جو چوڻ آهي ته اهي زندگي جي تفصيلن، قدرتي نظارن، ماحوليات، ذات پات جي نظام ۽ علائقي جي سماجي زندگي سان ڀرپور هونديون آهن. پر موروگن جو چوڻ آهي ته هن وقت منهنجي ذهن ۾ هڪ تضاد آهي. هاڻي کيس پڪ ناهي ته هو مستقبل ۾ به ان ساڳي نموني لکي سگھندو يا نه. رڳو وقت ان ڳالهه جو فيصلو ڪندو پر شايد مون کي ڪهاڻي ٻڌائڻ جي ٻين طريقن کي اختيار ڪرڻو پئي. سندس وڌيڪ چوڻ آهي ته منهنجي اندر ۾ هڪ سينسر ڪرڻ وارو اچي ويهي رهيو آهي جيڪو منهنجي هر لکڻي جو جائزو وٺي ٿو. ايستائين ته سندس چوڻ آهي ته کيس شايد پنهنجين اڳوڻين تخليقن ۾ به ترميم ڪرڻي پئي. موروگن سياست تي ڳالهائڻ کان اهو چوندي پاسو ڪندو آهي ته هو هڪ ليکڪ آهي ۽ سياسي معاملن جي کيس ڄاڻ ناهي پر جڏهن تازو ڀارت جي آزادي جي حوالي سان کانئس پڇيو ويو ته هو ان آزادي کي ڪيئن ٿو محسوس ڪري ته هن شروع ۾ ان کان لنوائيندي پر پوءِ نهايت محتاط انداز ۾ چيو ته جتي ڳالهائڻ، لکڻ ۽ پنهنجن خيالن جي اظهار جي آزادي نه هجي ته پوءِ ان آزادي جو مطلب ڇا آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو