Home / سنڌ افيئر / Larkana Dispatch : چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو: 72 ڪروڙ بجيٽ باوجود مريض دربدر!
above article banner

Larkana Dispatch : چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو: 72 ڪروڙ بجيٽ باوجود مريض دربدر!

 حنيف سولنگي

Haneef Abbasi

 پيپلز پارٽي گذريل 11 سالن کان مسلسل ٽيون ڀيرو سنڌ جي اقتدار اعلى جي مسند تي براجمان آهي، هن پارٽيءَ سنڌ جي اقتدار جي منصب تي پھچائيندڙ سنڌ جي ووٽرن کان بدترين حڪمراني جي ذريعي بھترين انتقام ورتو آهي. جنھن جي ساک سنڌ حڪومت جا سمورا تباهه حال ادارا ڏئي رهيا آهن. سنڌ حڪومت جا هڙئي ادارا ڪرپشن ۽ انتظامي نااهلي جي ور چڙهيل آهن. ان سلسلي ۾ انساني ڀلائي سان تعلق رکندڙ يعني سوشل ويلفيئر سان لاڳاپيل ادارا وڌيڪ متاثر نظر اچن ٿا. خاص طور صحت جي شعبي جي حالت انتھائي رحم جوڳي آهي. هتي اسان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي چونڊ تڪ لاڙڪاڻي ضلعي جي صحت جي شعبي سان لاڳاپيل مسئلن جي اپٽار ڪنداسين. اتر سنڌ جي وڏي ۾ وڏي چانڊڪا اسپتال جيڪا 1600 بيڊن تي مشتمل آهي، هن اسپتال اندر دل، دماغ، اکين،هڏين، گردن ۽ آءِ سي يو سميت صحت جا مختلف شعبا قائم ٿيل آهن، ان کان علاوه ايمرجنسي (شعبئه حادثات) چوويھه ئي ڪلاڪ کلي رهي ٿي. هن اسپتال جي سالياني بجيٽ 72 ڪروڙ روپيه آهي، اسپتال اندر ذڪر هيٺ آيل شعبن جا سينئر ۽ جونيئر ميل/ فيميل سميت ڊاڪٽرس جو انگ 402 موجود آهي. انهن ڊاڪٽرن کان سواءِ ڪجهه پروفيسرس جو انگ به موجود آهي. هيءَ اسپتال پنجن يونٽن تي مشتمل آهي جن مان هرهڪ ٽيچنگ اسپتال، سول اسپتال، شيخ زيد عورتاڻي اسپتال، ٻاراڻي اسپتال ۽ ڪيجولٽي (لال بتي) سميت شھر جي وسيع ايراضيءَ تي پکڙيل آهي.

موجوده لاڙڪاڻي ڊويزن جي پنجن ضلعن سميت بلوچستان جي سنڌ سان ملندڙ ضلعن جا هزارين مريض علاج جي سلسلي ۾ هتي اچن ٿا. پر افسوس سان چوڻو ۽ لکڻو ٿو پوي ته هيڏي ڳري بجيٽ رکندڙ صحت جو هي ادارو سنڌ جي ٻين ادارن جيان ڪرپشن ۽ بدانتظامي جي ور چڙهيل هئڻ ڪري بي پھچ ۽ لاچار مريضن لاءِ بي فيض بڻيل آهي. هتي دوائن جي کوٽ هميشه رهندي پئي اچي. بيمارين جي چڪاس ۽ٻيون ضروري ٽيسٽون ڪندڙ اڪثر مشينون ناڪاره ۽ خراب پيل آهن. ٿورڙي انگ ۾ هلندڙ مشينن تي ٽيسٽن جي گهربل سامان جي عدم دستيابي جو عذر ڄاڻائي مريضن کي موٽايو وڃي ٿو. هن وقت ايڪسري مشين، ايم.آر.آءِ مشين، وينٽيليٽر مشين سميت ڪروڙين روپين جي لاڳت سان خريد ڪيل مشينري خراب پيل آهي. اهڙي صورتحال ۾ سرنديءَ وارا مريض خانگي ليبارٽرين تان ضروري ٽيسٽون ڪرائن ٿا جڏهن ته غريب ۽ بي پھچ مريض علاج اڌ ۾ ڇڏي گهرن ڏانھن راهي ٿين ٿا.

01

ٻئي طرف اسپتال اندر ڊيوٽين تي مقرر ٿيل سينئر پروفيسر ڊاڪٽر سرڪاري خزاني مان لکين روپيا ماهوار پگهارون ۽ ٻيون مراعتون ته کڻن ٿا پر اڪثر ڊيوٽين تان غائب ئي هجن ٿا. ساڳيائي نالي وارا ڊاڪٽر پنھنجين خانگي ڪلينڪن ۽ سينٽرن تي پابنديءَ سان ٽائيم ڏين ٿا جنھن ڪري سرڪاري اسپتالون لاوارث ۽ ننڌڻڪيون بڻيل آهن. جڏهن ته خانگي سينٽرن جي چاندي لڳي پئي آهي. هاڻ ته اهي ڊاڪٽر صاحبان پنھنجا ڪاروباري گروپ جوڙي شھر اندر وڏا وڏا ميڊيڪل ڪامپليڪس ٺاهي رهيا آهن، جتي هيٺين ۽ وچولي طبقي لاءِ علاج جي سھولت حاصل ڪرڻ هڪ خواب بڻيل آهي. جڏهن ته سول اسپتال ۾ قائم جنرل او پي ڊي ۾ هزارين مريض روزاني جي بنياد تي اچن، جتي پنھنجن شعبن جا ماهر ڊاڪٽر مريضن کي نه ٿا چڪاسين جن جي جاءِ تي جونيئر ۽ هائوس جاب ڊاڪٽر مريضن جو معائنو ڪري وڏين ۽ پيچيده قسم جي بيمارين ۾ مبتلا مريضن کي ڪراچي يا خانگي اسپتالن تي وڃڻ  جو ڏس ڏين ٿا، جتي  هيڏو وڏو صحت سسٽم عام ۽ بي پھچ ماڻهن لاءِ ريفر سينٽر بڻيل هجي، مسيحا جلاد بڻجي وڃن. اتي هن انڌير نگريءَ خلاف عوام ڪنھن کان پڇاڻو ڪري ۽ ڪنھن در دانھن ڏئي ۽ ڪنھن وٽ پڪاري. هتان جا چونڊيل نمائندا ۽ لاڳاپيل ڌريون ڪن ۽ اکيون بندڪري ويهي رهيون آهن.

هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر غربت ماريل ماڻهن جي زندگيءَ جي هن اهم ترين مسئلي کي ڪير حل ڪندو. سينئر ڊاڪٽرس کي ڊيوٽين جو پابند ڪير بڻائيندو، دوائن جي کوٽ ۽ ليبارٽرين ۾ ڪتب ايندڙ سامان جي دستيابي کي ڪير يقيني بڻائيندو؟ ۽ ان سلسلي ۾ هن ئي شھر جي ڄائي چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ ڪورٽ جناب احمد علي شيخ صاحب کي اڳتي اچي ڪو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ غربت ۽ افلاس جي ماريل مريضن لاءِ پنھنجي بنيادي انساني حق يعني صحت تائين رسائي هڪ خواب ئي بڻيل رهندي …..!!؟؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو