Home / اسپيشل افيئر / View Point رقص جي نگهبان گم ٿي ويل قبيلي جي ڪٿا
above article banner

View Point رقص جي نگهبان گم ٿي ويل قبيلي جي ڪٿا

خالد ڪنڀار

  Khalid Kunbhar

نوٽ: هي مضمون معلوماتي هجڻ سبب شايع ڪيو پيو وڃي. ليکڪ جي راءِ سان اداري جو متفق هجڻ ضروري ناهي. “ادارو”

ڪڃرن جي پوري قبيلي جي سڃاڻپ ڪڃريون آهن. اهي ڪڃريون وري پنهنجي ناچ جي ڪري نالي چڙهيون هيون.هر ڪڃري جي انگ انگ ۾ ناچ هو. ڪڃري جيڪو بـ قدم کڻندي هئي انهي ۾ رقص هو. هن جي وک وک ۾ ناچ جي لئي هئي. ڪڃري جهڙي ناچ اڄ بـ ڪير نـ ڪري سگهندو.انهن جي مشهور ناچ جو نالو روپ ناچ هو.اها روپ ناچ نچڻ بـ هر ڪڃري جي وس جي ڳالهـ ڪونـ هئي. بس ڪا ڪا ڪڃري ئي روپ ناچ نچي سگهندي هئي. ڪڃرين جي اکين جا ڇپر کڄڻ ۽ جهڪڻ ۾ بـ هڪڙو رقص هو.

انهن ڪڃرين ۾ ڀاجوڙي هنن جي پوري قبيلي جي مشهور ناچڻي هئي. جنهن جو ناچ اڄ بـ انهن ڪڃرين جي لوڪ قصن ۾ مشهور آهي. اها ڀاجوڙي ئي هئي. جنهن گجر بادشاه کي پنهنجي ناچ سان گهائي وڌو هو. جڏهن اها گجرن جي محل ۾ ناچ ڪري رهي هئي تـ گجر بادشاه هن ڏانهن دادا ۾ سوني جا ڪنگڻ اڇليا هئا . جيڪي هن روپ ناچ  ڪندي جهٽي ورتا هئا. تڏهن انهي گجر بادشاهه هن کي چيو هو جيڪڏهن تنهنجا ٻئي پير ناچ ڪندي تنهنجي اکين جي برابر اچي ويا تـ آئون توکي گجرن جي بادشاهي ڏئي ڇڏيندس. هن ايئن ڪري ڏيکاريو هو . پر تيستائين هن جا ٻار وچ ۾ اچي ويا ۽ هوءَ ڪري پئي. انهي ۾ هو سخت زخمي ٿي پئي. اها زخمي ڀاجوڙي مرڻ لڳي . ايئن سمجهو تـ ڀاڄوڙي رقص ڪندي مري وئي. هن جي رقص بڻجي ويل جسم مان جڏهن ساه ناچ ڪندي نڪري رهيو. تـڏهن هن پنهنجي ويجهن عزيزن ۽ قبيلي وارن کي ڪجهـ مشورا ڏنا. هن پنهنجي انهن ڪڃرن جي قبيلي کي چيو تـ اوهان مان هاڻ ڪوبـ روپ ناچ نـ ڪندي . اوهان جي قبيلي جو ڪوبـ ماڻهو جون جي مهيني ۾ پپر جي وڻ هيٺان نـ ويهندو.  اوهان کي هميشـ  وهندڙ نديءَ مان پاڻي پيئڻ کپي. ڏياري تي سڀ ڪڃر  پنهنجا پکن وارا گهر ڏيئن سان روشن رکجو. انهن ڪڃرن انهي قسم کي نڀايو . ڀاجوري کانپوءِ ڪنهن بـ ڪڃري وري روپ ناچ نـ ڪيو. اهي ڪڏهن بـ جون جي مهيني ۾ پپر جي وڻ هيٺان نـ ويٺا. وهندڙ درياءِ جو پاڻي پيئڻ جي ڪري اهي ڪڃر خانه بدوش بـ ٿي ويا.

01

ڀاجوڙي مري وئي ڪڃرين روپ ناچ ڇڏي ڏنو پر  رقص ڪڃرين جي انگ انگ ۾ هو. هو هلنديون بـ ناچ واري ردم ۾ هيون. روپ ناچ ڇڏي باقي جيڪي بـ ناچ انهن ڪڃرين کي ايندا هئا . اهي ڪڃريون نچنديون رهيون . اهي ڪڃريون نچڻ سان گڏ ڳائينديون بـ رهيون . جڏهن ڪڃرين جي خانـ بدوشي ختم ٿي تـ هنن وري ڪوٺن کي آباد ڪيو. ڪوٺن تي نچڻ کانپوءِ ڪڃريون نچڻ ۽ ڳائڻ کان بـ ڪجهـ قدم اڳتي نڪري ويون. مڌ ناچ هنن جي رون رون کي رقص ۾ آڻي ڇڏيو. مڌ،ناچ ، موسيقي انهن جي سڃاڻپ هئي.

اهي  ڪڃر ۽ ڪڃريون اڄ بـ پنهنجي ڪنهن مري ويل جي قبر تي ويندا آهن تـ پاڻ سان گڏ مئه جا مٽ ڀري ويندا آهن. هو اتي ويهي ڪچي مَڌ سان گڏ چلم ڇڪيندا آهن ۽ ڪڃريون ڳائينديون ۽ رقص ڪنديون آهن. چون ٿا تـ انهن ڪڃرين ۽ ڪڃرن جي انهن قبرن جي مٿان هڪڙي ننڍڙي دري بـ ٺهيل هوندي آهي. جنهن مان هو مَڌ ۾ چلم کي قبر ۾ بـ لاهيندا آهن. هنن جو خيال آهي تـ جيڪو ڪڃر ۽ ڪڃري مري وئي آهي.  انهي جو روح انهي دريءَ مان ٻاهر نڪري هن دنيا جو دورو بـ  ڪري ٿو. ڪڃر باه ۽ پاڻي جي پوڄا بـ ڪندا آهن. پر هنن جو گهڻو عقيدو وري پپر جي وڻ تي آهي.

جڏهن ميواڙ واري مهاراڻي پرتاب ۽  اڪبر جي وچ ۾ هلدي گهاٽي ۾ جنگ لڳي هئي. تڏهن بـ هن راجستاني قبيلي پنهنجي ميواڙ جي مهاراڻي سان نڀايو هو. مهاراڻي ڪڃرين ۽ ڪڃرن کي باقائده جاسوسي جي سکيا ڏئي، مغلن جي راڄڌاني دهلي ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو.پوءِ اهي ڪڃر ۽ ڪڃريون پوري دهلي ۾ مهاراڻي جا جاسوس ٿي . مغلن تي نظر رکندا رهيا . اهين هي دهلي ۾ بـ آباد ٿيا. پر چون ٿا تـ ڪڃرن جو اصل وطن راجستان ۽ پنجاب آهي.

اهي ڪڃر در در جا رولاڪ هئا. ڪڃر اصل ۾ سنسڪرت جي لفظ ڪناچارا مان نڪتل آهي. جنهن جي معنيٰ آهي . ”جهنگل ۾ گهمڻ وارا “انهن ڪڃرن جون راجستان ۾ 23 نکون آهن ۽ پنجاب ۾ انهن جون وري 12 نکون آهن .جنهن ۾ چماڙ منگتا، ڀاٽ چوهاڻ جٽ ۽ ٻيون اچي وڃن ٿيون .انهن ڪڃرن جي هڪڙي نک جلاد ڪڃر بـ آهي. انگريزن انهي قبيلي تي ڏوهاري قبيلي جو اسٽيمپ بـ هنيو هو.

 اينٿروپالاجي جا شاگرد چون ٿا تـ ڪڃر ڪو هڪڙو مخصوص قبيلو ناهي اهو ڪيترن ئي قبيلن جومجموعو آهي. جنهن ۾ سانسي ۽ جوڳي بـ اچي وڃن ٿا . پر اهي ڪڃر جڏهن راجستان ۽ پنجاب مان ٿيندا سنڌ پهتا تـ هتي هنن کي ڪوچڙا بـ چيو ويو. اهي ڪوچڙا اڄ بـ پنهنجي ذات لڪائي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آباد آهن.يا اهي سنڌ ۾ ڪڃر ۽ ڪوچڙي جي بدران پنهنجي نک سڏائيندا آهن. اهي ڪڃر پنهنجو نسل مانا گرو سان ڳنڊين ٿا. هي چون ٿا تـ اسان مانا گرو جي نسل مان آهيون . جنهن جي زال جو نالو نٿيا هو. مانا ۽ نٿيا جهنگل ۾ رهندا هئا. هنن جو گذران شڪار ۽ ڏوه تي هوندو هو. اهو مانا زوراور ۽ مضبوط ماڻهو هو. مغل سلطنت هن کي انعامن سان نوازيو هو. اهڙيون ڪڃرن وٽ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون آهن.

02

اهي ڪڃريون هاڻ دهلي ۽ بمبئي جي بار ۾ تـ رقص ڪندي نظر اچن ٿيون . ڪڏهن ڪڏهن رات جو پوليس انهن کي گرفتار ڪري بـ وٺي ويندي آهي. ۽ لاڪپ ڪري ڇڏيندي آهي. .پر لاهور واري قلعي جي بلڪل ڀرسان هاڻ انهن ڪڃرين واري اها بازار  فوڊ اسٽريٽ ۾ بدلجي چڪي آهي.جتي مٿئين ڪلاس جا ماڻهو پنهنجي فيمليز سان گڏ رات جو انهن ڪوٺن جي ڇت تي چڙهي قلعي کي هڪ نظر حسرت سان ڏسن ٿا.مغل دور ۽ بيٺڪي دور جا اهي ڏينهن ياد ڪندا آهن. جڏهن هي بازار سڄي رات رقص ، راڳ ۽ مَڌ جي ڪري مدهوش هوندي هئي.سنڌ جي ناري وارن وڏيرن جا اتي بورڊ لڳل هوندا هئا. چون ٿا تـ ناري جا گهڻا نواب پنهنجون جاگيرون بـ انهي ئي گهٽي ۾ ڪٿي وڃائي آيا. انهي فوڊ اسٽريٽ ۾ اڄ بـ پروفيسر اقبال جو اهو ننڍڙو ميوزيم انهي دور جي هڪ هڪ لمحي کي محفوظ ڪري ويٺو  آهي. اقبال فائن آرٽ جو پروفيسر آهي. انهي ڪري هن ڪوٺي جي هڪ هڪ منظر کي پينٽ ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪڃرين جي هر ادا ۽ ناچ جي هر لئي محفوظ آهي. اهو ميوزيم اڄ بـ ڪوٺي واري اصل شڪل ۾ محفوظ آهي. اتي سوپاري ٽوڙڻ واري سهڙي ۽ ڪاٺ مان ٺهيل پان داني کان وٺي هر شئي محفوظ آهي.

انهي ميوزيم تي رهندڙ پوڙهي مونکي ٻڌايو تـ هن ميوزيم جي اپت مان پوڙهين ڪڃرين جو پيٽ ڀرجي ٿو.هن اهو بـ ٻڌايو تـ جڏهن هتي رقص ٿيندو هو تـ وڏن گهراڻن جا ماڻهو پنهنجا ٻار بـ هتي ڇڏي ويندا هئا. اهو رڳو انهي جي ڪري تـ هو محفل جا آداب سکن.  هڪڙو اهڙو دور بـ آيو تـ ڪوٺي تي رقص ڪندڙ هر رقاصا کي ڪڃري سمجهيو ويندو هو. ڪوٺا ڪڃرين جي ذات سان سڃاپجڻ لڳا. اهو ڪڃر لفظ پوري سماج ۾ هڪڙي گار بڻجي ڪري رهجي ويو. نـ تـ لفظي طور ڪڃر ڪا گار نـ آهي. ڪڃريون رقص واري آرٽ جي ڪري معتبر بـ آهن. اهي لاهور واريون ڪڃريون هيون يا نـ پر انهن کي بـ چوندا ڪڃريون هئا.

جڏهن هاڻ نـ ڪوٺا رهيا آهن نـ رقص جي اها اهميت رهي آهي. ڪڃرين ۽ ڪڃرن بـ رولاڪيون ڇڏي ڏنيون آهن. هاڻ هو دنيا جا ٻيا ڌنڌا سکي ويا آهن. ذات مٽائي ڇڏي اٿن. پر جيڪڏهن ڪنهن رقص جي ڄاڻو جي نظر ڪنهن ذات ۽ مذهب مٽائي ويل  ڪڃري تي پئجي وئي تـ هو هن جي هلڻي جي لئي مان ئي سمجهي ويندو، ها ٻيلي اها آهي ڪڃري.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو