Home / سنڌ افيئر / View Point:  لاهور ميل جو حادثو ۽ حُر مارشل لا جي سازشII
above article banner

View Point:  لاهور ميل جو حادثو ۽ حُر مارشل لا جي سازشII

 الهه ورايو بهڻ

wrtier

انهيءَ دوران اسان ڏسون ٿا ته ٻئي پاسي پير علي محمد راشدي تحرڪ ۾ اچي ٿو وڃي، 22 آڪٽوبر 1941ع وائسراءِ هندکي گورنر هيوڊو معرفت هڪ طويل خط لکي صلاح ٿو ڏئي ته پير صاحب ڪراچيءَ ۾ آرام سان ويٺو آهي، ۽ اتان کان سرگرميون جاري پيو ڪرائي، ٻئي طرف پير صاحب ڪانگريسين سان ملاقاتون به ڪيون آهن، ڪانگريسي ورڪرن ۾ تارا چند گجرا شڪارپوري (2) سوامي پرباگ جي شڪارپور (3) ڌرما چند شڪارپور وارو (4) چوئٿرام سکر وارو ۽ (5) رستم سڌوا ڪراچيءَ واري سان ملاقاتون ڪري چڪو آهي، تنهن ڪري پير صاحب کي سنڌ کان ٻاهر رکو، حُرن کي ڪئمپن ۾ قيد ڪريو، پير صاحب جو خزانو ضبط ڪريو، سندس خاندان کي نظر بند رکو، درگاهه کي اوقاف حوالي ڪريو ۽ پير صاحب جي گادي ختم ڪريو!. (عجيب ڳالهه آهي ته هن بعد جيڪي واقعا ٿي گذريا، انگريز حڪومت هوبهو راشديءَ جي سفارش تي عمل ڪيو).

هاڻي اسان ڏسون ٿا ته سنڌ ۾ مارشل لا لڳائڻ جي تياريءَ جو هڪ اهم سازشي مرحلو اچي ٿو. پير صاحب ڪراچيءَ ۾ نظر بند آهن، گورنر هيوڊو کان ذاتي ڪمن بابت ڪجهه ڏينهن لاءِ اجازت طلب ڪن ٿا، پر گورنر اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ٿو، تنهنڪري هڪ ڏينهن پير صاحب نظر بندي واري هنڌ کان نڪري ريل رستي پير ڳوٺ ڏانهن وڃي ٿو. اها خبر پوڻ تي گورنر هيوڊو سکر جي ايس پي کي حڪم ٿو ڪري ته پير صاحب کي فورن گرفتار ڪري ڪراچي پهچايو، 14 آڪٽوبر 1941ع تي پير صاحب کي پوليس گرفتار ڪري ريل رستي ڪراچي پهچائي نظر بند ڪيو ويو.

01

انهيءَ دوران پير علي محمد راشدي گورنر کي دانهي ٿو، نوابشاهه مان ڊي ايس پي سيموئل غنيءَ هڪ رپورٽ ظاهر ڪئي آهي جنهن موجب حر ڪجهه ماڻهن کي قتل ڪرڻ وارا آهن ۽ انهيءَ لسٽ ۾ پهريون نمبر علي محمد راشدي دانهين ٿو ته منهنجو آهي ۽ ٻيو نمبر فتح علي شاهه جو آهي (هي سيد فتح علي شاهه پير صاحب جي چاچي جو فرزند، پير علي محمد راشدي سان ٻٽ ۽ انگريز جي چوڻ ۾) راشدي ان شڪايت ۾ لکي ٿو ته حڪومت فتح علي شاهه کي پستول جو لائسنس ڏيڻ کان انڪاري آهي. جيتوڻيڪ هو آنريري ماجسٽريٽ پڻ آهي، فتح علي شاهه کي صلاح ٿي ڏني وڃي ته هو سکر ۾ رهائش اختيار ڪري، کيس ٻه پوليس وارا حفاظت خاطر ڏنا ويا. غريب آباد سکر ۾ فتح علي شاهه کي هڪ جڳهه ۾ ترسايو ويو. جنهن جون حفاظتي ديوارون ڪري چڪيون هيون ۽ گهٽين وارو رستو کليل هيو، صبح جو ڏهين وڳي فتح علي شاهه کٽ تي ڏيڍيءَ سامهون ستل هيو ۽ کيس هڪڙو حڪيم صاحب تپاسي رهيو هو، سپاهي به موجود هئا. انهيءَ درميان اوچتو ٽي ماڻهو ڪهاڙين سان هٿياربند اچي پرگهٽ ٿيا ۽ حملو شروع ڪري ڏنائون، هنن حملي آورن فتح علي شاهه ۽ سندس نوڪر تي ڪهاڙين سان حملو ڪري کين قتل ڪري ڇڏيو، هڪ سپاهي به مارجي ويو ۽ ٻئي سپاهي جي بندوق جي قنداق کي ڪهاڙين سان وڍيو ويو ۽ قاتل ڀڳل ڀت وٽان فرار ٿي ويا. سوال ٿو پيدا ٿئي ته پير علي محمد راشديءَ جي شڪايتن باوجود فتح علي شاهه کي هڪ کليل ۽ غير محفوظ عام جاءِ تي ڇو رهايو ويو؟. ڇا کيس ڪنهن گهري سازش تحت قتل کي سبب بڻائي مارشل لا واري سازش کي اڳتي وڌايو ويو، قتل جي هيءَ واردات 19 آڪٽوبر 1941ع تي ٿي گذري.

هن واردات کان پوءِ گورنر هيوڊو انتهائي قدم کڻي ٿو، يعني ته هن سازش جي نهايت اهم مرحلي جي شروعات ڪري ٿو، جنهن جي پروڙ هيوڊو جي هڪ غير معمولي خط مان پئي ٿي جيڪو هن 29 آڪٽوبر 1941ع تي، وائسراءِ هند لارڊ لنلٿگو کي لکيو. هن خط جي شروعات ۾ بيان ڪري ٿو ته “ توهان پير پاڳاري بابت وڌيڪ تفصيل ٻڌڻ پسند ڪندو، اهي تفصيل بيان ڪرڻ لاءِ آئون معلومات واري پندرنهن روزه رپورٽ کان اڳ لکي رهيو آهيان.

The Pir was picked up at about 4:30 pm from the house where he was staying in Karachi

اڳتي لکي ٿو ته پير کي پوليس اهو تاثر ڏئي ساڻ کنيو ته کيس وزير داخلا جي آفيس ۾ وٺي ٿا هلون. (هاڻي هتي هي جملا لکي ٿو ته پوليس هن کان گولين سان ڀريل ريوالور وٺي ڇڏيو ۽ گهر جي ترت تلاشي وٺندي ٻه رائيفلون به هٿ ڪيون ويون)، ياد رهي ته پير صاحب وزير داخلا سر هدايت الله جي گهر ۾ نظر بند هو، ايئن ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته پير صاحب پنهنجي دوست وزير جي گهر ۾ پستول ۽ رائيفلون بغير ڪنهن سبب جي لڪائي رکيون! هن خط ۾ اها ڳالهه به بيان ڪري ٿو ته مون مسٽر غلام حسين هدايت الله کي پنهنجي آفيس ۾ طلب ڪري ويهاري ڇڏيو ۽ پويان اها گرفتاري عمل ۾ ڪرائي. خط جي ٻئي ڀاڱي ۾ سنڌ جي پريميئر (الهه بخش سومرو) سان ان گرفتاري بابت ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪري ٿو، چوي ٿو ته پريميئر سومرو صاحب تازو بمبئي ۽ وارڌا جي دوري تان واپس آيو آهي وزير اعليٰ هن گرفتاري بابت اتفاق ڪري ٿو، خط جي ٽئين حصي ۾ اهم ڳالهه ٿو لکي.

02

Incidentally I ascretaind that Gandhi had closely questioned him about Pir, who for some time had been playing up to the congress by purchasing large quantities of khaddar through Sidhwa and bidding his followers to take to the charkha. Allah Bakhsh states that he had no further difficulty in persuading Gandhi that the Pir was by no means non violent or truthfull, and Gandhi showed no further interest in the subject

يعني ته مسٽر الله بخش چواڻي ته مون کي گانڌيءَ کي اهو سمجهائڻ ۾ ڪابه ڏکيائي محسوس ڪونه ٿي ته پير Nonviolent  يا Truthfull نه آهي ته پوءِ گانڌي انهيءَ موضوع تي وڌيڪ دلچسپي ڪونه ظاهر ڪئي.

هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته مسٽر الهه بخش سومرو جيڪو خود ڪانگريسي هيو، ان کي بمبئي ۽ وارڌا ۾ وڃي گانڌي کي اهو ٻڌائڻ جي ڪهڙي ضرورت پئي ته گانڌي کي حُر تحريڪ جي سرواڻ بابت منفي بيان ٻڌائي هن تحريڪ سان همدردي يا دلچسپي ختم ڪرائي! اصل حقيقت اها هئي ته گانڌي صاحب ايندڙ سال سموري هندستان ۾ برٽش راج خلاف Quit India جي تحريڪ شروع ڪرڻ وارو هيو، جنهن جو نعرو هيو “ڪرو يا مرو!” انهيءَ پسمنظر ۾ پير صاحب جي ڪانگريسي ڪارڪنن سان لاڳاپن جي مدِنظر، گورنر هيوڊو اهو ضروري ٿي ڄاتو ته ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي سياسي ورڪرن کي Quit India تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ کان روڪيو وڃي، خدشو هيو ته متان حُر تحريڪ به هندستان خالي ڪريو تحريڪ سان شامل نه ٿي وڃي. ان ڪري سنڌ ۾ اهڙا حادثا ڪرايا ويا ته جيئن ڪانگريسي سنڌ ۾ هلندڙ تحريڪ کان پاسيرا ٿي وڃن ۽ سنڌ ۾ حُر تحريڪ کي اڪيلو ڪري مارجي! ۽ پوءِ اسين ڏسون ٿا ته واقعي حُر تحريڪ تي گانڌيءَ کان الڳ ڪري مارشل لا لڳائي ظلم جي انتها ڪئي وئي.

هيوڊو طرفان وائسراءِ هند کي لکيل خط جي چوٿين پئرا ۾ هو لکي ٿو ته آئون توهان کي پير علي محمد شاهه کان مليل خط جي ڪاپي موڪلي رهيو آهيان، جيڪو پير صاحب جي گرفتاريءَ کان ڪجهه ڏينهن اڳ موصول ٿيو، انهي پيرا ۾ علي محمد راشدي جو ذڪر ڪندي هن کي ٽوڪيندي Crooked Customer سڏي ٿو. جنهن جي معني Dishonest آهي، پر تنهن هوندي به هن جي ذهانت جو ذڪر ڪندي، اهو پڻ چوي ٿو ته هن جو پير بابت بيان ڪو غلط نه آهي، يعني ته ساڳئي وقت هن کي ڏنگو به ڪوٺي ٿو پر ان Crooked Customer جي پير صاحب مخالف خيالن کي درست به سمجهي ٿو.

جيئن جيئن هندستان ۾ Quit India جي تحريڪ زور ورتو ته گانڌي ازم تي عمل ڪندي الهه بخش سومري انگريز کان مليل خطاب واپس ڪري ڇڏيا، نتيجي ۾ سندس سنڌ جي چيف منسٽري ختم ٿي چڪي.

پير صاحب کي انگريزن خفيه نموني سان چپ چاپ سيئوني جيل ۾ قيد ڪري ڇڏيو، پويان حُر تحريڪ جي سيڪنڊ لائين ڪمان جو ڪوبه متبادل اڳواڻ موجود ڪونه هيو، سنڌ جي حُر مخالف ڀوتارن ۽ گورنر هيوڊو اهو پئي چاهيو ته سورهيه بادشاهه جي غير حاضريءَ ۾ سازش تحت اهڙيون حالتون ۽ حادثا ڪرايا وڃن جو سنڌ ۾ مارشل لا جي راهه هموار ٿي وڃي. سورهيه بادشاهه جي غير حاضري دوران ڇا ٿيو جو سانگهڙ جي آس پاس واري علائقي ۾ هڪ ٻه هندو قتل ٿي ويا. انهن ۾ پيرونمل جي وڏي سيٺ زميندار ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر سيٺ سيتل داس کي 14 مئي 1942ع تي پيرونمل ۾ قتل ڪيو ويو، اهو قتل مقامي سازشي عنصرن جي اشاري تي ڪرايو ويو، ڊاڪٽر حميده کهڙو صاحبه جي ڪتاب ۾ ان جو سبب غيرت کي بڻائي اهو قتل ڪرايو ويو، سيٺ سيتل داس هڪ ته هندو هيو ٻيو سنڌ اسيمبلي جي ڪانگريسي گروپ ۽ خاص طرح الهه بخش سومري صاحب جو سياسي ساٿاري پڻ هو. هن قتل هندستان ۾ حُر تحريڪ تي منفي اثر وڌو ۽ پوءِ حالتن اتي بس نه ڪئي، 16 مئي 1942ع تي لاهور ميل کي فش پليٽون کولي ڪيرايو ويو ۽ انهن ٻنهي واقعن جو انگريز سرڪار خوب فائدو ورتو. هڪ ته گڏيل هندستان ۾ انگريز سرڪار خلاف تحريڪ هلائيندڙ ليڊر سنڌ جي سياست کان پرڀرا ٿي ويا ۽ ساڳئي وقت معتصب گورنر هيوڊو کي 01 جون 1942ع تي سنڌ ۾ مارشل لا لاڳو ڪرڻ جو وجهه ملي ويو. هيءَ مارشل لا جيتوڻيڪ حُر تحريڪ خلاف لڳائي وئي پر حقيقت ۾ سنڌ جي اوڀر پاسي وارن ضلعن ۾ ويندي جيسلمير تائين سموري خلق خدا عذاب ۾ متبلا ڪئي وئي. انهيءَ عرصي دوران 29 آڪٽوبر 1941ع کان جنوري 1943ع تائين حضرت سورهيه بادشاهه سيئوني لکنو ۾ قيد رهيو. جنهن بابت سنڌ اندر جماعت جي ڪنهن بني بشر کي علم ڪونه هو ته پير صاحب ڪٿي آهن.

03

انهي وقفي دوران انگريز سرڪار پير صاحب خلاف “تاج برطانيه سان جنگ جوٽڻ” جو مارشل لا تحت ڪيس قائم ڪيو، جنهن لاءِ گهربل شاهد (Prosecution Witness) سنڌ جي ڀوتارن مان چونڊيا ويا. انهن ۾ سورهيه بادشاهه سان ويجهڙائي رکندڙ ماڻهو ۽ سندس ڪجهه عزيز پڻ شامل هئا. جنرل وصال محمد جي اکين ڏٺي احوال موجب حيدرآباد جي سرڪٽ هائوس ۾ انهن شاهدن جي ڪئمپ لڳائي انهن کي شاهدين وارا جملا بار بار ياد ڪرايا ويا.

پير صاحب کي جنوري 1943ع ۾ سيئوني مان هوائي جهاز رستي حيدرآباد ايئرپورٽ تي پهچايو ويو، جتان بند گاڏيءَ ۾ کين سينٽرل جيل آندو ويو، اتي انهن پڇيو ته هي مون کي ڪٿي وٺي آيا آهيو؟ کين ٻڌايو ويو ته هي سينٽرل جيل حيدرآباد آهي، ان وقت جا فائيل ٻڌائين ٿا ته ايڇ ٽي لئمبرڪ اتي موجود هيو، جيڪو سنڌي ٻولي ڄاڻندڙ هيو، ان جي اها ڊيوٽي لڳائي وئي ته پير صاح سان جيل جي ڪوٺڙيءَ تائين گڏجي وڃي ۽ پير صاحب جيڪي جملا ۽ لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳالهائي، انهن جو رڪارڊ خاطر انگريزيءَ ۾ ترجمو لکندو وڃي، هتي پهچڻ بعد پير صاحب کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ مارشل لا جو قانون لاڳو ٿي چڪو آهي ۽ توهان تي حيدرآباد جيل ۾ مارشل لا ڪورٽ ۾ ڪيس هلايو ويندو! پير صاحب جيل جي ڪمري ۾ پهچي نماز لاءِ قبلي جو طرف معلوم ڪن ٿا. جيڪو جيل جي انگريز جيلر اچي کين ٻڌايو، انهيءَ دوران ليمبرڪ ڪمري ۾ ويٺو رهيو. پير صاحب جنهن وقت غسل فرمائي رهيو هيو ته ان وقت ليمبرڪ لکي ٿو ته He was wistelling يعني ته غسل دوران پير صاحب جهونگاريو پئي وغيره وغيره جيل ۾ پهچڻ بعد پير صاحب جيل معرفت مارشل لا ائڊمنسٽريٽر جنرل رچرڊ سن کي ڪجهه ماڻهن جي ملاقات ڪرائڻ لاءِ لسٽ ڏني، جن سان آخر تائين ملاقات ڪونه ڪرائي وئي، پير صاحب جن ماڻهن کي ملاقات لاءِ جنرل رچرڊ سن کي وڪيل ڏيئل مل جي ليٽر پيڊ تي هيٺين ماڻهن جا نالا لکي موڪليا.

  1. دين محمد جوڻيجو ولد سمون جوڻيجو ويٺل سنڌڙي
  2. بانڪو جوڻيجو ولد فيض محمد جوڻيجو ويٺل بقار
  3. محمد حيات ولد ڪريم داد جوڻيجو ويٺل بقار
  4. مير خدا بخش ولد نامعلوم ويٺل ٽنڊو باگو
  5. علي حيدر شاهه ولد پريل شاهه ويٺل پير جو ڳوٺ
  6. مُکي نيڀن داس ويٺل پير جو ڳوٺ
  7. ملوڪ پهوڙ (هي ماڻهو کپري جي پاسي جو هو).
  8. محمد ايوب کهڙو ايم ايل اي (هن سان ملاقات ضروري آهي)
  9. مير بنده علي ٽالپر ميمبر سنڌ اسيمبلي
  10. قيصر خان بوزدار ميمبر سنڌ اسيمبلي.

هن ڪيس دوران سورهيه بادشاهه ڪافي ڪوشش ڪئي ته پير صاحب طرفان قائد اعظم محمد علي جناح وڪيل ٿيڻ قبول ڪري. حضرت جن محمد ايوب کهڙي کي خط لکيا ته قائد اعظم سان رابطو ڪري، ليڪن قائد اعظم پنهنجي مصروفيت جو سبب ڄاڻائي ڪيس جي پيروي ڪرڻ کان انڪار ڪيو، پوءِ هن ڪيس جي پيروي سرڪاري طور موجود ڪيل وڪيل ڏيئل مل ڪئي، هن ڪيس جا جج سڀ انگريز ۽ ملٽري جا ماڻهو هئا. پير صاحب پنهنجي فائدي ۾ جن ماڻهن جي شاهديءَ لاءِ نالا ڏنا، انهن ۾ محمد ايوب کهڙي مارشل لا ڪورٽ ۾ پيش ٿي پير صاحب جي طرفداري ۾ بيان ڏنو ۽ ٻيو دفاع جو شاهد سنڌ جو اڳوڻو گورنر سر لئنسلاٽ گراهم به پيش ٿيو. هن ڪورٽ انگريز سرڪار جي اڳواٽ سٽيل سازش موجب تڪڙو ڪيس هلائي حضرت سورهيه بادشاهه کي ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي ۽ 20 مارچ 1943ع فجر ويل کين تختئه دار جو سينگار بنائي، کين جماعت کان ظاهري طور جدا ڪيو ويو، جنرل وصال محمد سنڌ ڪواٽرلي رسالي ۾ پير صاحب جي شهادت کان پوءِ جون تصويرون GHQ جي اجازت سان شايع ڪرايون، وصال محمد صاحب پنهنجي آخري مضمون ۾ حضرت جن جي آخري آرامگاهه بابت اسٽولا ٻيٽ جو ذڪر ضرور ڪيو آهي.

مٿي بيان ڪري آيو آهيان ته هيوڊو ۽ سنڌ جي انگريز نواز ڀوتارن، سنڌ ۾ مارشل لا لڳرائڻ جي سازش تحت ڏاڪي به ڏاڪي اهڙا حادثا ڪرايا جن جي ڪري سنڌ ۾ آزادي جي تحريڪ هلائيندِڙ مسلمان خواه هندو مارشل لا تحت گانڌيءَ جي تحريڪ Quit India ۾ حصو ڪونه وٺي سگهيا. هيمون ڪالاڻي جهڙي ڳڀرو جوان پنهنجو سر قربان ڪيو، باقي سنڌ جا ڪانگريسي اُٿي کڙا ڪونه ٿيا. حُرن کي سياسي طور اڪيلو ڪري قيدين، ڦاسين ۾ ڦاسايو ويو، 1898ع ۾ حُرن مٿان Criminal Tribe Act لاڳو ٿيل هو ان سان گڏ 1942ع ۾ سنڌ اسيمبلي جي ڀوتارن اِن ڪئمرا اجلاس ۾ Hur Act پاس ڪري، انگريز کي ظلم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو، ياد رهي ته 03 مارچ 1942ع تي جڏهن سنڌ ۾ مارشل لا نافذ ٿيل هئي ۽ سورهيه بادشاهه تي حيدرآباد ۾ ڪيس هلندڙ هيو ته سنڌ اسيمبلي قرارداد پاڪستان منظور ڪئي.

هزارين حُر عورتون، ٻڍا ۽ ٻار ڪئمپن ۾ قيد ڪري بُک، بيماري ۽ وبائن جو شڪار ڪيا ويا. سينٽرل جيل حيدرآباد ۽ سکر ۾ وڏي پيماني تي حُرن کي ڦاسيون ڏنيون ويون. 20 ڪئمپون سنڌ ۾ قائم ڪري 1942ع کان هزارين حُرن کي 1952ع تائين ڪسمپرسي جي حالت ۾ قيد ۾ رکيو ويو. سندن مال ملڪيتون، گهر، زمينون ضبط ڪيون ويون، حُر تحريڪ سنڌي ماڻهن جي تحريڪ هئي ۽ سنڌ  جي آجپي جي تحريڪ هئي، حُر تحريڪ جي تاريخ کي جديد سنڌ جي تاريخ نويسن اڄ تائين فقط ان ڪري اهميت نه ڏني ڇاڪاڻ ته اهي نام نهاد ايڇ ٽي لئمبرڪ کان متاثر هئا.                       (پورو ٿيو)

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو