Home / ويندي ويندي / آڌا تمهارا، آڌا همارا!
above article banner

آڌا تمهارا، آڌا همارا!

ويندي ويندي

01

ملڪ جي پهرين وزيراعظم، لياقت علي جڏهن اڪبر شاهه ميهڙ واري جي اڳواڻي ۾ ملندڙ سنڌ جي مسلم ليگين جي وفد کي ملڪ ٺهڻ کان سُتت پوءِ اهو چيو هو ته ڪهڙي سنڌ؟ گڏهن ۽ خچرن چاريندڙ ڪلچر واري سنڌ؟ ته ان وقت اهو طئي ٿي ويو هيو ته ڀارت مان لڏي سنڌ ايندڙ ماڻهو پاڻ کي سنڌ ۾ پناهه وٺندڙ نه پر فاتح سمجهن ٿا. حالانڪه سنڌ هاڻوڪي پاڪستان ۾ واحد صوبو هيو جنهن ورهاڱي کانپوءِ پناهگير ڀائرن جو آڌر ڀاءُ ڪيو.

ملڪ ٺهڻ جي سال اندر ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪري سنڌ حڪومت جا ٽپڙ حيدرآباد کڻي ڦٽا ڪيا ويا. سنڌ جي وزيراعليٰ کهڙي جڏهن لياقت علي جي ان ارهه زورائي جي مخالفت ڪئي ته کيس ڪرپشن جي الزام ۾ لاهي سندس جاءِ تي پير الاهي بخش کي سنڌ جو وڏو وزير بڻايو ويو. ڪراچي کي پناهگير آبادي جو اڪثريتي شهر بڻائڻ لاءِ سرڪاري سرپرستي ۾ فساد ڪرايا ويا. سيد هاشم رضا ڪراچي جو ايڊمنسٽر مقرر ٿيو. سندس ڀاءَ ڪراچي پوليس جو چڱو مڙس هيو. ٻنهي گڏجي لياقت علي خان جي حڪم جي بجاآوري ڪئي. ڪراچي سنڌين جي شهر مان ڦري پناهگيرن جو شهر ٿي ويو. ڪراچي جي ان اوج جي هڪ جهلڪ يا ته اوهان کي تاريخ پڙهندي ملي سگهي ٿي يا  بندر روڊ ۽ ڀرپاسي جي زبون عمارتن کي ڏسندي.

لياقت علي خان جي سوچ ڪڏهن به ختم نه ٿي. ڀارت مان لڏي ايندڙ پناهگير آبادي جي اڪثريت سنڌين کي پنهنجي برابر نه سمجهيو. ها! برابر، اهي به هئا جن سنڌين سان پنهنجو سڱ ڳنڍيو. سنڌ سان جڙي ويا. پر اهڙا اردو ڳالهائيندڙ اقليت ۾ هئا. اڪثريت وري به انهن جي رهي جيڪي سنڌين سان سياسي ۽ سماجي طور جڙڻ جا مخالف هئا. سنڌي ون يونٽ جا مخالف ۽ هي حامي. سنڌي ايوبي آمريت سان جهيڙي ۾ ۽ هي حامي. سنڌي ڀٽي جي پارٽي سان گڏ ۽ هي مخالف. سنڌي ضيا خلاف تحريڪون هلائي رهيا هئا ۽ هي ماٺ. نيٺ وڃي مهاجر قومي موومينٽ ٺاهيائون. ان پليٽ فارم تان جيڪو ڪجهه ٿيو سو ويجهي ماضي جي المياتي تاريخ آهي.

مافيائي انداز سان سياست کي هلايو ويو. مخالف جي سزا موت مقرر ٿي. سنڌ شهري ۽ سنڌ ٻهراڙي جي ورڇ وڌائي وئي. کين ان ورهاست ۾ وڏي سرڪار جي سرپرستي ملندي رهي. ضيا کانپوءِ هڪ ٻئي آمر مشرف ته کين خزاني جون چاٻيون حوالي ڪيون. هي کائي کائي ڏنڊا ٿي ويا. ايم ڪيو ايم جو مقصد سنڌ جو ورهاڱو ئي هيو پر ان مقصد جي حاصل ڪرڻ واسطي هنن خالي ملڪي اسٽيبلشمينٽ تي نه ڀاڙيو. عالمي ۽ علائقائي اسٽيبلشمينٽ سان به ناتو رکيو.

کين ڪنهن ڪن ۾ ڦوڪ ڏني ته ملڪ گهڻا سال نه هلي سگهندو. گهرو ويڙهه اوس آهي. ان ڪري لنڊن ۾ ويٺل پارٽي قيادت ٻاهرين طاقتن سان لهه وچڙ ڪئي ته جيئن ڪنهن به بحران پيدا ٿيڻ وقت سندن مدد سان پاڪستاني اختيارين سان وڙهي مهاجر رياست حاصل ڪري سگهون. پلان بي هيٺ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اختيارين سان به نِوڙت جي واٽ رکي. سندن حڪم جي تعميل ڪندا رهيا ته جيئن ڪڏهن ڪا بهتر صورتحال ٿئي ته ڪراچي صوبي جي فرمائش مڃرائي سگهن. سندن پلان اي، پلان بي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ ثابت ٿيو. ملڪي اسٽيبلشمينٽ سندن سمورن قول اقرارن جي باوجود مٿن اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي. کين ڀارت ۽ ٻين ملڪن سان سڀ ناتا ٽوڙڻ جا حڪم جاري ٿيندا رهيا. نيٺ ٻه ٽي سال اڳ کين لنڊن جي ريموٽ ڪنٽرول قيادت کان الڳ ڪيو ويو.  پر پلان بي جي خواهش اتي جو اتي موجود رهي. حالانڪه گذريل ڏهن سالن ۾ ڪراچي جون زميني حقيقتون تبديل ٿي ويون. سنڌ جا شهر سنڌين لاءِ اوپرا نه رهيا. پر ايم ڪيو ايم جي قيادت اڄ به اها خواهش رکي ٿي ته ملڪي اختياريون کين الڳ صوبو ڏيارين ۽ ڏسجي ٿو ته ايم ڪيو جي پٺي ٺپي به پئي وڃي. ڪجهه ڏينهن اڳ سندن جلسو جنهن ۾ سنڌ جي ورهاست جو نعرو لڳو ان لقاءُ جو مظهر آهي. پر وقت سنڌ جي پاسي آهي. فطرت به سنڌ جي طرفدار آهي. پناهگير تاريخ جي هڪ واقعي سبب ڀارت مان لڏي هتي آيا. سنڌ کين ڇاتيءَ سان لاتو. ايئن جيئن عربن، ايرانين، افغانن، بلوچن ۽ ٻين نسلن کي سنڌ سيني سان لاتو هيو. سنڌ جي زرخيز مٽي کين هتي جذب ڪري رهي آهي. جيڪي جذب نه ٿيندا سي يا ته لڏي ويندا يا اجائي خواري کڻندا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو