Home / ايڊيٽوريل / مُنجهيل ماڻهو ڪهڙو ٻوٽو ٻاريندا؟
above article banner

مُنجهيل ماڻهو ڪهڙو ٻوٽو ٻاريندا؟

ايڊيٽوريل

Title

 پراڻي زماني ۾ ورهايو ۽ راڄ ڪريو جي سامراجي پاليسي بابت ٻڌندا هئاسين. انگريزن ان پاليسي هيٺ ڏکڻ ايشيا ۾ ماڻهن کي هندو، مسلمان وغيره ۾ ورهائي، وڙهائي راڄ ڪيو. آمريڪين ان ورهاست ۾ شيعا-سني جي ورهاست شامل ڪئي. مسلمان دنيا سعودي ۽ ايران جي اڳواڻي ۾ ان ڪارخير ۾ حصو ورتو. ماڻهن کي ورهائي پنهنجو ڪم ڪڍڻ پنهنجي جاءِ تي اڄڪلهه هڪ ٻي پاليسي يا چال  بابت  ڳالهيون ٿين پيون: منجهايو ۽ راڄ ڪريو. اڄ پاڪستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي سو ان پاليسيءَ جو هڪ نمونو آهي.

مثال طور: ملڪ جي هڙ ۾ ٽڪو ئي ڪونهي. قرضن جي ادائيگي ۽ دفاع جي خرچن کانپوءِ سرڪاري ملازمن جي پگهارن جيترو پئسو مس بچي ٿو. ترقياتي اسڪيمون ڪيئن توڙ تي رسن؟ صوبن کي وفاق پئسا سندن اين ايف سي ايوارڊ ۾ حصي مطابق ڏيندو آهي.  هن سال سنڌ جا وفاق ڏانهن 119 بلين رپيا رهيل آهن. هاڻ سنڌ پنهنجي حصي جا پيسا گهري رهي آهي ۽ وفاق معاملي کي منجهائڻ لاءِ ارڙهين آئيني ترميم جو بي وقت راڳ شروع ڪيو آهي. حالانڪه ستن ووٽن تي بيٺل پي ٽي آءِ سرڪار کي خبر آهي ته آئين ۾ ترميم واسطي کين پارليامينٽ ۾ ڪيتري اڪثريت کپي.

پي ٽي آءِ اندر گروپ بندي عروج تي آهي. شاهه محمود قريشي ۽ جهانگير ترين پهاڄن وانگر وڙهن پيا. پنجاب جي وزيراعليٰ جي تبديليءَ جون ڳالهيون ٿين پيون. اسد عمر خزاني جون ڪُنجيون حفيظ شيخ حوالي ڪري وڃي ڪُنڊائتو ٿي ويٺو آهي. وفاقي ڪابينا ۾ زلزلو  آيل آهي ۽ پي ٽي آءِ جا اڪابر صدارتي نظام سو به اسلامي آڻڻ جون ڳالهيون ڪن پيا.

پي ٽي آءِ ڏکڻ پنجاب کي صوبو ٺاهڻ جي واعدي هيٺ ڏکڻ پنجاب مان ووٽ کنيا. پر بجاءِ ڏکڻ پنجاب جي صوبي لاءِ قانون سازي شروع ڪرڻ جي سنڌ جي ورهاڱي جو شوشو ڇڏيو ويو آهي. پوين ڏينهن ۾ عمران خان کي اوچتو ايم ڪيو ايم جا وزير وڻڻ لڳا، کين پوري ڪابينا ۾ نفيس ترين سڏيو ويو. حيدرآباد ۾ يونيورسٽي ۽ ڪراچي کي الڳ پيڪيج ڏيڻ جون ڳالهيون ٿيون. ايم ڪيو ايم وارا ٻِرن مان نڪري آيا ۽ ”آڌا تمهارا، آڌا همارا..“ جا نعرا هڻڻ لڳا. معنيٰ پي ٽي آءِ کي جيڪو صوبو ٺاهڻو هيو سو اتي رهيو هاڻ ويٺا ڪراچي صوبي لاءِ ڪج بحثي ٻڌون.

ملڪ مٿان قرض جو مرض چڙهندو ٿو وڃي. سعودي ۽ گڏيل عرب امارات جو قرض ڳڙڪائي ڇڏيوسين. چين مان ملندڙ قرض جي ادائيگي جي سوال پريشان ڪري ڇڏيو آهي. ڊالر مهانگي ٿيڻ سبب ٻاهران ايندڙ هر شئي مهانگي ٿي وئي آهي. پرڏيهي ناڻي آڻڻ لاءِ ڪا خاص شئي تيار ٿي ٻاهر نه ٿي وڃي. ايڪسپورٽ ٻُڙي جي لڳ ڀڳ آهي. جيڪي پاڪستاني ٻاهر رهن ٿا سي ٿورو ٿڪو ڪمائي موڪلين ٿا جنهن مان گاڏو هلي ٿو. آءِ ايم ايف کان ست اٺ بلين ڊالر ملڻ جي اميد آهي. اهڙا ئي ڪجهه بلين ڊالر عالمي ۽ ايشيائي بينڪ ڏيندي. اهي ادارا پنهنجي ڏنل قرضن جي اوڳاڙي يقيني بڻائڻ لاءِ ٽيڪس هڻڻ ۽ فلاحي خرچ گهٽائڻ جا شرط رکندا. حڪمران مدينا رياست جي هام هڻندي ماڻهن کي قناعت ۽ صبر جي تلقين ڪندا رهندا. صورتحال اڳي کان به خراب ٿيندي.

ملڪ ۾ احتساب جي نالي تي جيڪا ٻڌ ڇوڙ ٿي رهي آهي تنهن جزا سزا تان به ارواح کڻائي ڇڏيو آهي. جيڪو سُر سان سُر ملائي ٿو تنهن کي سئو خون معاف ۽ جيڪو نه ٿو ملائي تنهن جي کل لاهڻ سبب احتساب جو عمل تماشو بڻجي ويو آهي. آفيسر فيصلا نه ٿا ڪن. واپاري هٿ روڪي ويهي رهيا آهن. ماڻهن بينڪن بدران صندوقن ۾ ڏوڪڙ رکڻ شروع ڪيا آهن. ان سڄي صورتحال ۾ ملڪ جو گاڏو ڪيئن هلندو؟

شايد اها خبر حڪمرانن کي به ناهي ته سندن ايندڙ ڏينهن ڪيئن هوندا؟ پاڻ ئي مڊٽرم چونڊن جي ڳالهه ڪندا رهن ٿا. پاڻ ئي ڪمزور معيشت جي ڳالهه ڪن ٿا. پاڻ ئي هاڻوڪي پارلياماني سيٽ اَپ جي جاءِ تي ڪو ٻيو نظام آڻڻ جي ڳالهه ڪن ٿا. ان عالم ۾ ماڻهو مونجهارن جو شڪار ته ٿيندا.

سو، ڪنهن به سماج جي ترقي لاءِ لاڀائتي، ڪارائتي انسان جي ڪيتري ضرورت آهي اها سڀ کي خبر آهي. مُنڌل ماڻهو ڇا ڪري سگهن ٿا؟ وسوسن ۽ خوف ۾ ورتل سماج ڪهڙو ٻوٽو ٻاريندا؟ ۽ ان جو ذميوار ڪير آهي؟ ۽ ڪير آهي جيڪو عوام کي مونجهارن جي ڪُن ۾ ڦاٿل ڏسڻ چاهي ٿو؟

هاڻ اهو مڃڻ ۾ ڪو عيب نه هجڻ کپي ته تحريڪ انصاف جي سرڪار ان صورتحال جي ذميوار آهي. اها پنهنجي ڪوتاهي تسليم ڪري وسيع البنياد قومي ڳالهه ٻولهه جي شروعات ڪري. کين نه وسارڻ کپي ته سندن نااهلي ۽ نالائقي جي سزا سياسي نظام کي ملندي. ملڪ ۾ اڳ اهو ٿي چڪو آهي. ٿيندو رهيو آهي ۽ تاريخ مان نه سکندڙ لاءِ ڪو امير المومنين اچي اها تاريخ ورجائي سگهي ٿو. ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا!

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو