Home / سنڌ افيئر / ٿر ۾ ڏڪار کي منهن ڏئي سگهجي ٿو!
above article banner

ٿر ۾ ڏڪار کي منهن ڏئي سگهجي ٿو!

نور  احمد جنجهي

Noor Ahmed Jhinjhi

ٿر۽ پارڪر جي هڪ نرالي ڀونءِ بناوت ۽ ماحولياتي مهانڊو آهي جنهن  جي اهميت ٻنهي حالتن يعني هوند توڙي اڻهوند ٻنهي ۾ آهي . ميگهه  رُت مهرباني ڪندي آهي ته هر طرف ولهارن ۾  گاهن جا انڇر ٿي پوندا آهن. ڪارونجهرجي ڪور به انيڪ ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي آهي.  ڏڪارسالي جڏهن ڏيهه کي ڏولائي ۾ وجهندي آهي ته به ڪيئي ماڻهو ٻه منهين بلائن وانگر اچي منهن ڪڍندا آهن جن مان ڪي خيرات جي نالي ۾ ٿر ۾ پنهنجو ديرو دمائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته ڪي وري مذهبي مشنرين جي نالي ۾ غربت  جو هر جائز ناجائز فائدو وٺندا آهن . ڪوئلي جي کوٽائي کان پوءِ ان ۾  ڪارپوريٽ سيڪٽر شامل ٿي چُڪو آهي جنهن  جو  دنيا جي قدرتي وسيلن کي تاراج ڪري ، منافعي خوري جي منڊيءَ کي مچائي مواڙ ڪرڻ وارو اهڙو ڪردار رهيو آهي تنهنڪري  ان کي  ”ڳاڙهه ڳلي ڳجهه “ چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو، جيڪا سدائين ڊونڍيءَ جي ڳولها ۾ ڌرتيءَ مٿان پيئي لامارا ڏيندي آهي. قحط سالي ۽ ٿر پاڻ ۾ جاڙا لڳن ٿا ڇاڪاڻ ته هي علائقو  ”ٿر“ ٿيو آهي تڏهن کان هتي ڏڪارن پويان ڏڪار اڻ ڪوٺي مهمان وانگر ايندا رهيا آهن جن ۾ ڇني جو ڏڪار، ڇپني جو ڏڪار، اٺو ڏڪار  وغيره مشهور آهن. انهن ڏڪارن ۾ ماڻهن توڙي مال تمام گهڻي تڪليف ڏٺي . اهڙيءَ  ريت  ڏڪارن جو سلسلو  هلندي هلندي ، هاڻي هر پنج ساليءَ ۾  گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڏڪار پون ٿا. اهي ٻه ڏڪار ”ڀلسري “ وارين سالن کي کائي وڃن ٿا. ان جي باوجود ڏڪارن جو اثر اڳين کان گهٽيو آهي جنهن ۾ مواصلات جي وسيلن جو سُڌرڻ آهي ۽ هاڻي ڪارو ڏڪار نٿو پوي . ڏڪارن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڳالهيون  ته گهڻي وقت کان هلنديون اچن پيون پر ڏڪار ساليءَ کي هر دفعي ”ايڊهاڪي “  ڪم ڪار وسيلي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي جنهن مان ڪيئي ”موقعي پرست ڏڪاريا “ فائدو وٺي ، راتو رات امير ٿي ويا. باقي غريب ماڻهن  ۽ مالوند ماڻهن جو حال ساڳيو ئي آهي جو کين هر ڏڪار ۾  ساڳيو ڏولائو ڏسڻو پوي ٿو. ان لاءِ ضروري آهي ته ڏڪار ساليءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ  هڪ جامع  ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ تي  ٻڌل اهڙو گهڻ رخو پئڪييج جوڙيو وڃي جنهن جي رٿابندي ، فيصلي سازي ۽ نگرانيءَ ۾ متاثر ڌرين يعني غريب ۽ مالوند ماڻهن جو مُکيه ڪردار هئڻ گهرجي . ان لاءِ چند گذارشون عرض رکجن ٿيون ؛

39362652855_ee0c7f2937_b (1)

ٿر کي زراعتي خطي بدران مالوند خطو سمجهي ، مال پالنا ۽ سار سنڀال جي اوسر کي سائنسي بنيادن تي استوار ڪيو وڃي جنهن ۾ چوپائي مال جي جنسن ۽ ڏڪار  جو ڌڪ پچائڻ جي صلاحيت وارين جنسن کي همٿائڻ. مالوند ماڻهن کي ضرورت وقت  آسان شرطن واري قرض جي فراهمي ڪرڻ  جيئن اهي پنهنجي مال جي چاري ۽ آهر جو پاڻ بندوبست ڪري ڏين. چوپائي مال جي بيمارين جو وقت سر علاج ڪرڻ لاءِ وٽرنري ڊاڪٽرن توڙي  پئراميڊيڪل عملي کي وڌائڻ سان گڏوگڏ ڳوٺن ۾ موجود مال جي ”ڏاهن “ جي جديد طريقن پٽاندر سکيا ڪرائي وڃي جيئن تُرد واهر جو جوڳو بندو بست ٿي ٿي سگهي . کير ، مکڻ ، گيهه ، ڏاس (ٻڪريءَ جا وار) ، اُن (رڍ جا وار ) مِلس (اُٺ جا وار ) ۽ کلن جي واپار کي همٿايو وڃي جيئن مالوند ماڻهو  اقتصادي طور پاڻ ڀرا ٿين. چوپايو مال اثاثو آهي ۽ موجوده انگن اکرن مطابق  انساني آباديءَ کان چوپائي مال جي آبادي ڇهوڻي آهي تنهنڪري جيئن ماڻهن جو ويمو ڪري سندن حياتي ۽ صحت جو خيال رکيو وڃي ٿو تيئن چوپائي مال جي به انشورنس ڪئي وڃي.

ٿر ۽ پارڪر ٻنهي ۾ ڏڪارساليءَ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ٿئي ٿي ۽ جر جو پاڻي هيٺ هليو وڃي ٿو . پاڻي هن وقت به ٿر جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي جو تمام گهڻي آباديءَ کي پيئڻ جو مٺو پاڻي ميسر ناهي . آر او پلانٽس جي اڪثريت بند پيئي آهي ياوري انهن مان ضرورت کان گهٽ پاڻي ملي ٿو. گرميءَ جي ڏينهن ۾ جڏهن ماڻهو اهڙو ٻاڙو پاڻي واپرائين ٿا ته کين پيٽ جون بيماريون ٿي پون ٿيون . ٿر ۾ جيتوڻيڪ نهري پاڻي به مٺي ۽ اسلام ڪوٽ تائين اچي ٿو ڪجهه هندن تي ٽيوب ويل لڳل آهن ته ڪٿي رورس آسموسس پلانٽ ۽ سبمرسيبل پمپ لڳايا ويا آهن پر پوءِ به پاڻيءَ جو مُکيه ذريعو ”کوهه “ آهي جنهن جي اونهائي ڏکڻ اولهه ۾ گهٽ ،  ڪنٺي يا وچولي ۾ وچٿري ۽ کائڙ ۽ ڍاٽ يعني اُتر اوڀر ۾  تمام اونهي ٿي وڃي ٿي . ڏڪاري سال ۾ ڪارونجهر تان به پاڻي نٿو لهي . ڪوئلي وغيره جي کوٽائي ۾ به پاڻي ڪڍيو وڃي ٿو جنهن سان به مجموعي طور جر جا نار متاثر ٿين ٿا. انهن سڀني شين کان نظر ۾ رکندي ، نهري پاڻيءَ جو چينل ٿر جي اُڀرندين پٽيءَ ۽  وچ واري حصي وٽان آندو وڃي جيئن سڀني آبادين تائين يئڻ جو پاڻي پهچي سگهي . ان ڪم  ۾ حڪومتي ادارا خانگي شعبو ۽ راڄن جا ماڻهو گڏجي بندوبست ڪري سگهن ٿا ڇاڪاڻ ته هن وقت به تمام ججهي تعداد ۾ غير معياري منرل واٽر به کپي رهيو آهي . ماڻهو ان تي به پئسا خرچ ڪري رهيا آهن. ٻيو ته پاڻيءَ جي ڪري جيڪي بيماريون ٿين ٿيون تن جي علاج  معالجي تي جيترو خرچ اچي ٿو شايد ان کان گهٽ خرچ ۾ پاڻي ماڻهن تائين پهچي وڃي . ٻيو متبادل بائوزرس وسيلي پاڻي پهچائڻ آهي جنهن ۾ به ماڻهو قيمت ادا ڪري پيئڻ جو مٺو پاڻي خريدي سگهن ٿا جيئن شروع شروع ۾ مٺي شهر ۾ نئون ڪوٽ کان پاڻي آندو ويندو هو.

صحت جي سهولتن جي پهچ کي وڌايو وڃي . اسپتالن  ۽ شفاخانن جي تعداد کي وڌائي ، ڳوٺاڻن علائقن تائين صحت جي سهوليت کي آسان ڪيو وڃي جيئن ماڻهن کي  تُرت امداد گهر جي ويجهو ملي سگهي  ۽ شهرن جي اسپتالن تي جيڪو  دٻاءُ آهي اهو گهٽجي ڇاڪاڻ ته ماڻهن کي ڏورانهن ڳوٺن کان شهرن تائين اچڻ ۽ مريضن سان گڏ رهڻ تي  ايترو ڳاٽي ڀڳو خرچو اچي جيڪو اصل علاج کان تمام گهڻو آهي . سڀ کان وڌيڪ جيڪو طبقو صحت جي ميدان ۾ متاثر آهي تن ۾ عورتون ۽ ٻار شامل آهن . عورتن ۾ به ڳورهاريون عورتون ۽ ٻارن ۾ وري ابهم ۽ ٿڃ ڌائڪ ٻارڙا. ان لاءِ علاج معالجي سان گڏوگڏ ”صحت جي تعليم ۽ سکيا “ جو بندوبست ڪيو وڃي جيئن ماڻهن کي تندرستيءَ بابت جاڳرتا ملي ۽ هو صحت جي ميدان ۾ پاڻ ڀرا ٿين. دائي سکيا ، اسڪولي ٻارن جي سکيا ، گرڀوتي عورتن جي سکيا، لائق ٿيندڙ يعني جوانيءَ ۾ قدم رکندڙ ڇوڪرين جي سکيا، ڄم وڇوٽي ۽ ڄم روڪ بابت سکيا جو مناسب بندوبست ڪيو وڃي.

ڳوٺن جي صفائي سُٿرائي توڙي شخصي صفائي سُٿرائي جي  جاڳرتا ڏيئي ، ڳوٺن توڙي شهرن جي ماحول کي صاف سُٿرو بنايو وڃي . رستن تي ۽ چئوواٽن تي گند ڪچري جا ڍير هجڻ ۽ ٻارن توڙي وڏيءَ عمر وارن پاران کُلي ميدان ۾ يا اڱڻ جي پڌر ۾ ڪاڪوس ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ جي ترغيب ڏني وڃي . پاڻي صاف ڪري پيئڻ جي سکيا به ڏني وڃي . اهي سڀئي ڪم حڪومت جي ٿوري تحرڪ ، خانگي ادارن جي سهڪار ۽ ماڻهن جي سرگرم شموليت سان سولائي سان سرانجام ڏيئي سگهجن ٿا.

کاڌي پيتي جي معاملي ۾ متوازن کاڌي جي جاڳرتا ڏيئي ، متوازن کاڌو  دستياب ڪري ڏيڻ جو بندوبست ڪيو وڃي . ان سلسلي ۾ ٿر جي ڏُٿ جو واهپو وڌائڻ جي ترغيب ڏني وڃي. وسڪاري ۾ ٿيندڙ ڏٿ يا آرهڙ جي مند ۾ ٿيندڙ ڏٿ جو تُرت استعمال به ڪيو وڃي ته ان کي سُڪائي ، مند کانپوءِ به واپرايو وڃي . ڏٿ  غذائي سگهه جي لحاظ کان انتهائي سگهارو آهي . پپون ، ڪونڊير، مريڙو ، للر ، ٻگرو ، سالارو ، چڀڙ، ميها ، ڇانهيان ، گدريون، گوار، مڱن ۽ موٺ جون ڦريون، پُسي ، ڏونرا، پيرون ، پڪا ، ڪوڪڙ ، سڱر وغيره ڀلوڙ ڏُٿ آهن. غذائي کوٽ جي پورائي لاءِ  وٽامنس جو استعمال ڪري سگهجي ٿو.

ٿر ۾ زمين پوکڻ بابت زميني کڻت جي پاليسيءَ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي يعني زمين جو تليءَ وارو حصو پوکيو وڃي باقي چوپائي مال لاءِ ڇڏيو وڃي . ڀٽون پاساڙا ، آسائشون ۽ گئوچر پوکيءَ کان بچايا وڃن. ٿوري زمين تي پوکي ڪئي وڃي ۽ زرخيز زمينن ۾ ”ڦُڙ ڦُڙ پاڻي پهچ “ واري سرشتي وسيلي آبادي ڪئي وڃي . گهرن اندر به خالي ٽڪرن تي ڀاڄيون وغيره پوکي سگهجن ٿيون. وڻن جي واڍيءَ کي نندڻ ۽ بند ڪرڻ  لاءِ حڪومت جوڳا اُپاءَ وٺي ۽ ان ۾ ڳوٺاڻا سهڪار ڪن . ڪنڊيءَ تان سک وغيره هٿن سان لاهين نه ئي ڪهاڙيءَ سان. ڪنڊيءَ کي  ڪهاڙي  خراب ڪري ڇڏي ٿي ۽ اها ڇتي ٿي پوي ٿي. ڳوٺن ۾ يا جهنگ ۾  سُڪل ڪاٺيءَ کانسواءِ ڪوبه وڻ نه وڍيو وڃي . متبادل ٻارڻ متعارف ڪرڻ لاءِ گئس توڙي متبادل توانائي ڪتب آڻي سگهجن ٿا.

ان سموري ڪم کي منظم ڪرڻ لاءِ غربت ڳڻپ جا توڙي ٻيا بنيادي اکر واسطيدار ڪامورن وٽ هئڻ گهرجن جيئن مناسب رٿابندي ٿي سگهي، ان سان گڏوگڏ هن سموري عمل جو جامع نگراني سرشتو هجي جيئن وسيلن جي اجائي استعمال کان بچي سگهجي.

مٿي ذڪر ڪيل گذارشون موجوده وسيلن مان ڪري سگهجن ٿيون جنهن لاءِ حڪومت ، خانگي شعبي ۽ راڄن جي ماڻهن جو گڏجي ، سهڪاري سرشتي وسيلي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان کان به وڌيڪ ٽنهي ڌُرين کي مختلف فورمن ۽ ادارن وسيلي هڪ  مطابقتي جوڙجڪي سرشتي  جوڙڻ جي اشد ضرورت آهي.

فاقو فرحت جن کي، سترجني سيڻ،

ولهو ڪڍن نه ويڻ، ڳالهيون ڪندي ڳوٺ ۾.

(غلام محمد جنجهي )

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو