Home / ليکڪ افيئر: ايڊيٽر (page 100)

ليکڪ آرڪائيوز: ايڊيٽر

فيڊ ميمبرشب
افيئر، سنڌي ٻوليءَ جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ نيوز مئگزين آهي جيڪو پاڪستان کان علاوه ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين پاران به پڙهيو ۽ پسند ڪيو وڃي ٿو.

بشير قريشي جو وڇوڙو ۽ سنڌي چئنلن جي غير ذميوار رپورٽنگ

سنڌ وري هڪ ٻي سڪرات مان گذري، جڏهن 7-اپريل واري رات جي پوئين پَهر ۾ ميڊيا سنڌ جي ارڏي عاشق بشير خان قريشيءَ جي اوچتي لاڏاڻي جي خبر نشر ڪري ڇڏي. جيتوڻيڪ اهو وقت رات جو 2 وڳي کان 3 وڳي تائين وارو هو، جنهن وقت سموري خلق اگهورننڊ ۾ هوندي آهي، پر اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سيل فون ٽيڪنالوجي جي وسيلي سموري سنڌ تائين هيءَ اڀاڳي خبر منٽن ۾ پهچي وئي ۽ پوءِ پرهه ڦِٽيءَ کان پهريائين سنڌ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ جاڳي پئي ۽ سموري سنڌ سڏڪن ۾ هلي وئي. پهريان موبائل تي فون آيا، پوءِ ميسجز جو ڊگهو سلسلو شروع ٿي ويو، ايئن سموري سنڌ، (جتي جتي ٽي وي تائين ماڻهن کي رسائي دستياب آهي) اچي گوڏا کوڙي خبرون ٻڌڻ ويهي رهي ۽ سامهون هئا سنڌي ميڊيائي چينل، ڪي ٽي اين، مهراڻ، سنڌ ٽي وي ۽ آواز نيوز چينل! هڪ ته خبر ايتري ڏکوئيندڙ هئي، جو ان کي پهريان ٻڌڻ ۽ پوءِ هضم ڪرڻ به سڀ ڪنهن جي وس ۾ ڪونه هو، پر جنهن ريت سنڌي ،ميڊيا هن اشو تي Mis reporting ڪئي، منهنجي خيال ۾ مون گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي شعوري عمر ۾ ڪنهن به اشو تي ڪنهن نيوز چينل جي ايڏي نااهلي ۽ لاپرواهي نه ڏٺي آهي.

Read More »

مون اهڙا مڙس مٿير ڏٺا بشير قريشي جي جهدوجهد جو عوامي رنگ

جيئن ڪنهن کي اوچتو اچي ڪو هانءُ ۾ ڌڪ لڳي، بشير خان قريشي جي شهادت کي سموري سنڌي قوم ايئن محسوس ڪيو. هو جيڪو قومي تحريڪ جو راڻو هو جنهن جو ماروئڙن سان وچن ۽ واعدو سون جي سڪي وانگر پڪو ۽ جٽادار هو. جيڪو قافلو ڏيئا ڏيئا ٿي ٻريو هو، ان کي هن پنهنجي ڄمار، اوجاڳا، وسيلا ۽ حياتيءَ جو پل پل ۽ آخر ۾ پنهنجو رت ڏيئي به جلائي رکيو. “ٻَري جن ٻاري، آئون نه جيئندي ان ريءَ”.

Read More »

بشير قريشي جو وڇوڙو ڏک کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت

 

جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمين محترم بشير قريشي، تاريخ 07-اپريل 2012 تي سڪرنڊ لڳ اوچتو وفات ڪري ويو. جوان سال بشير خان جي اوچتي وڇوڙي تي نه رڳو سندس جماعت جيئي سنڌ هلچل پر سڄي سنڌ سوڳوار ٿي وئي ۽ گهر گهر ۾ تڏو وڇائجي ويو. ڇاڪاڻ جو اُنجا ٻه سبب هئا. هڪ ته بشير قريشي، جيئي سنڌ هلچل جي سڀني جماعتن جي اڳواڻن منجهان، سڀ کان وڌيڪ متحرڪ ۽ عوامي رابطا رکندڙ شخصيت هو. ٻيو ته سندس موت کان فقط ٻه هفتا اڳ يعني 23 مارچ تي بشير خان، جسقم جي پليٽ فارم تان ڪراچي ۾ تبت سينٽر وٽ هڪ عظيم الشان فريڊم مارچ ريلي منعقد ڪئي هئي جنهن ۾ لکين سنڌ واسين شرڪت ڪئي هئي. جنهنجو نه رڳو سنڌ اندر پر بين الاقوامي سطح تي نوٽيس ورتو ويو هو ۽ سنڌ جي سنڌ دوست ماڻهن ۾ خوشي جو احساس پيدا ٿيو هو خاص طور ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين کي ان ريلي وڏو حوصلو بخشيو هو.

Read More »

نام نهاد مهاجر صوبي جي نالي ۾ سنڌ ۾ نسلي فسادن جي سازش تيار

  صدر آصف علي زرداريءَ ملتان ۾ سرائيڪي صوبي لاءِ چٽو اعلان ڪندي چيو ته سندس سرڪار ئي سرائيڪي صوبو قائم ڪندي. پيپلز پارٽيءَ جي سرائيڪي صوبو قائم ڪرڻ جي پاليسي ۾ ملتان کي ان صوبي جي راڄڌاني بڻائڻ جي ...

Read More »

صدر زرداريءَ جي ڪاري جادو جا ڪمال

 

سينيٽ جي چونڊن کان پوءِ هاڻي اڳ ـ وقتيون عام چونڊون ٿيڻ جا امڪان ختم ٿي ويا آهن. جن پارٽين گذريل سال آڪٽوبر کان ئي اليڪشن مهم هلائڻ شروع ڪري ڏني هئي تن جا پئسا هاڻي ٻڏل سمجهيا پيا وڃن. کين ٻيهر مهم هلائڻي پوندي. ٻين پارٽين مان جيڪي گهارا پيا ۽ جيڪو هر پاسي جو پاڻي وهندو سناميءَ ۾ پوندو پئي ويو سو نه رڳو رڪجي ويو آهي پر جي اليڪشن پنهنجي وقت تي ٿي ته ڪا ابتي سنامي به شروع ٿي سگهي ٿي. سناميءَ جو زور ٽٽڻ سان پيپلز پارٽي سرڪار جي ٻيڙي به لوڏن مان نڪري آئي آهي ۽ ان جي مقابلي جي سگهه (Resilience)به وڌي آهي.نواز ليگ به ڪجهه ساهه پٽيو آهي.

Read More »

مصر جي بازار ۾ عرب انقلاب ۽ جنس وکر بڻجي ويا

  “هائو…. مان پنهنجا اهي فوٽو پاڻ پنهنجي بلاگ تي رکيا آهن ۽ سنگت ساٿ لاءِ Twitter تي Share به ڪيا اٿم. جيڪڏهن مصر جي مُلن کي ان تي ڪو اعتراض آهي ته اچن… مون کي ماري ڇڏين. مون پنهنجي ...

Read More »

بدين جي هڪ مثالي ڳوٺ جي بدحاليءَ جي درد ڪٿا

بدين تعلقي جي يوسي عبدالله شاهه ۾ قائم قديم ڳوٺ علي مراد چانڊيو تيل ۽ گئس جي معدني دولت سان مالا مال ملڪ جي امير ترين ضلعي بدين جو اڪيلو مثالي ڳوٺ آهي، جيڪو بدين ۾ ماڊل وليج طور مشهور ...

Read More »

سنڌ جي ٻهراڙين جا اربين روپيا شهري رٿائن تي خرچ ٿيڻ لڳا

  سنڌ ۾ پ پ پ سرڪار کي چار سال ٿي چڪا آهن جنهن ۾ هر سال اربين رپيا صوبي جي ترقي لاءِ رکيا ويا ته جيئن بهتر نموني سان  انهن جو استعمال ڪري عوام کي سهولتون فراهم ڪري سگهجن ...

Read More »

لياريءَ مان پ پ جي تڏاويڙهه جا امڪان

لياري جنهن جو نالو ٻڌڻ سان هڪدم گينگ وار جو خيال اچي ٿو، سا عملي طرح اڳ ايئن هرگز نه هئي، جھڙي اڄ آهي.  لياريءَ جي هڪ ننڍڙي حصي ۾ گينگ وار جو اثر ضرور هوندو هو پر رهيل لياري امن ۽ آشتي جو مرڪز هئي.

Read More »

سنڌ جو مزاحمتي ڪردار بشير خان قريشي

اپريل جو مهينو سنڌ واسين لاءِ انتهائي نڀاڳو مهينو ثابت ٿيو آهي. ذوالفقار علي ڀٽو به اپريل ۾ سنڌ واسين کان وڇڙيو. سائين جي ايم سيد اپريل ۾ ڏهاڳ ڏيئي ويو. ان کانپوءِ شهيد سرائي قربان پنهنجن ساٿين سميت سنڌ ...

Read More »
صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو