Home / ليکڪ افيئر: ايڊيٽر (page 131)

ليکڪ آرڪائيوز: ايڊيٽر

فيڊ ميمبرشب
افيئر، سنڌي ٻوليءَ جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ نيوز مئگزين آهي جيڪو پاڪستان کان علاوه ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين پاران به پڙهيو ۽ پسند ڪيو وڃي ٿو.

!امڪاني ٻوڏ ۽ مڪمل نه ٿيندڙ بندن جي وارتا

پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي، جنهن جي گذريل ٻوڏ دوران ڪارڪردگي ڪنهن کان ڳجهي نه آهي. ان اداري هيل امڪاني ٻوڏ جي صورت ۾ هڪ ڪاغذي پلان جوڙي ورتو آهي.

فلڊ 2011 جي عنوان سان جوڙيل ان پلان ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌو درياءَ سان لڳندڙ 14 ضلعن سکر، گهوٽڪي، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، قمبرشهدادڪوٽ، دادو، ڄامشورو، خيرپور ميرس، نوشهروفيروز، حيدرآباد، نوابشاهه ۽ ٺٽو ٻوڏ اچڻ جي صورت ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندا.

Read More »

!ڪراچي ، اول آخر سنڌين جو شهر

جرمنيءَ جي گادي واري تاريخي شهر برلن ۾ پاڪستان اندر لسانيت ۽ فرقيواريت جي بحران جي عنوان هيٺ ٿيندڙ هڪ بين القوامي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت سان گڏوگڏ ڪراچي جي موجوده سياسي، معاشي صورتحال ۽ ان تي لساني وڳوڙن ...

Read More »

سنڌ کي جوش نه سياسي ساڃاهه گهرجي

گذريل سال جولاءِ جي مهيني ۾ جڏهن مون سون جا ٻه سسٽم ساڳي وقت ٽڪرايا هئا ته هڪ ڀيانڪ ٻوڏ جي شڪل ۾ تباهي نازل ٿي هئي. هن سال جولاءِ ۾ سياسي بي عقليءَ جون ٻه انتهائون ساڳي طرح ڪراچيءَ ۾ ٽڪرايون جن سنڌ کي هڪ نئين سياسي تباهيءَ جي ويجهو آڻي ڇڏيو. هڪ رات دير سان سنڌ سرڪار جي هڪ اهم وزير پنهنجي جوشيلي تقرير سان فاشسٽ گروهه کي اهو موقعو فراهم ڪيو ته ٻئي ڏينهن اهو ڏيڍ ڊزن کن بي گناهه ماڻهن جي جان وٺي

Read More »

پيپلز پارٽي ۽ ڦٽاڪن جي سياست

پيپلز پارٽي هن ملڪ جي مالڪن لاءِ وڏي ڪم جي پارٽي آهي. هي پارٽي مالڪن جي سنڌ جي عوام سان سياسي سڱابنديءَ جو واحد وسيلو آهي. نه ته”اُٺان مينهان دا ڪهڙا ميلا؟ او چرن جهنگ او چرن ٻيلا!” هن پارٽيءَ ...

Read More »

!ڪراچي رتوڇاڻ، ڪمشنري نظام جي بحالي

ڪراچي ۾ رتوڇاڻ ٿيڻ جون رپورٽون حساس ادارن ان وقت تيار ڪري اعلي اختيارين کي اماڻي ڇڏيون هيون جڏهن اڃان ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي واپس گهرو وزارت ۾ اچڻ ۾ ٻه هفتا پيا هيا، تڏهن ڳجهن ادارن گهرو کاتي کي هڪ رپورٽ موڪلي ته ڪراچي ۾ رتوڇاڻ ٿيڻ جو خطرو موجود آهي، پر مفاهمت جي نالي ۾ مجبور سرڪار ان باهه کي روڪڻ لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا، توڙي جو ڊاڪٽر مرزا جي واپسي جو امڪان 6 جولاءِ تائين هو، ڇو ته ان جي موڪل 5 جولاءِ تي ختم ٿيڻ جي اميد هئي ۽ ان کي 6 جولاءِ تي چارج وٺڻي هئي.“

Read More »

سلمان ۽ قطرينا وچ ۾ ڪير؟؟؟

بالي ووڊ جي شيلا، قطرينا ڪيف جو نالو سلمان خان سان وڏي عرصي کان ڳنڍيل آهي، پر سلمان خان جي ٽرڙي طبيعت ۽ وڏي عمر سبب هاڻ قطرينا ڪيف به کانئس ڇڊي ٿيندي وڃي، اهو ئي سبب آهي جو قطرينا ...

Read More »

July_15_2011

Read More »

!جاپان ۾ طلاق لاءِ خاص تقريب جو اهتمام

جاپان ۾ هلندڙ سال مارچ ۾ ايندڙ زبردست زلزلي ۽ پوءِ سونامي کانپوءِ جوهري توانائي جي بحران ازدواجي زندگيءَ مان ناخوش جوڙن کي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي حالتن جو جائزو وٺڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان جي نتيجي ...

Read More »

!فلپائين صدر ساک بچائڻ لاءِ مهانگي ڪار وڪڻي ڇڏي

فلپائين جي صدر پينڪوا ڪيو پنهنجي ڪرندڙ ساک بچائڻ خاطر پنهنجي نهايت قيمتي ڪار پورشي (Porsche) وڪڻي ڇڏي آهي. ذڪر ڪيل ڪار پئٽرول جي دشمن نمبر وَن آهي. ٻئي طرف صدر جي ترجمان جو چوڻ آهي ته صدر پنهنجي ڪار ...

Read More »

!ليبيا معاملو: روس فرانس تي ڏمريل

روس جو چوڻ آهي ته ان ڳالهه جو امڪان موجود آهي ته فرانس لبيا جي سرڪاري فوج خلاف جنگ ۾ رڌل باغين کي هٿيار مهيا ڪري لبيا کي هٿيارن جي فراهمي تي گڏيل قو،من جي لاڳو ڪيل پابندي جي ڀڃڪڙي ...

Read More »
صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو