Home / افيئر (page 18)

افيئر آرڪائيوز: افيئر

فيڊ ميمبرشب

ڏڪار، سڪار ۽ ٿر جي لوڪ ڏاهپ

اڀري سڀري ڳالهـ تي ڪن ڪونـ ڏبو. ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏبي.پر جي ڳالهـ اڀري سڀري نـ هجي . مرڳو راڄن ۾ رئي هجي. پوءِ ته هئين سان هنڍائبو. ڳالهـ جا ابتا سبتا پير اوهاڙبا. آڏي ابتي پڇا ڪبي. اوسا ...

Read More »

برسات متاثر دربدر

سنڌ ۾ 2011،2010 ۽ 2012ع جي مها ٻوڏ ۽ برساتن صوبي جي ساڄي پاسي کي ٻه ڀيرا ۽ کاٻي پاسي هڪ ڀيرو متاثر ڪيو جنهن سبب اڍائي ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا آهن،ڪيترائي زخمي ٿيا،کربين رپين جو نقصان ٿيو ،جنهن ۾ ...

Read More »

۽ جڏهن مسيحائي پيشو، هٽ وکر بڻجي ويو

هو سٺ سال جو بزرگ هيو، مرداڻي غدود جو مريض ٻارن وانگيان پئي رنو. ٻه شاديون  ٿيل نياڻيون هيس ۽ هڪ پٽ، پٽ ڪٻاڙ جو ڪم ڪندو هيس ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ مشڪل سان پالي سگهندو هو.ڌيئرون ڪپڙا سبڻ ...

Read More »

بيمار رڍن جو اسڪينڊل : ڪرپشن جا پيرا کڄن ٿا

  ويهڙ ئي ۾ پاڪستان ۽ ان جا ذميوار ڪامورا ملڪي ۽ عالمي ميڊيا جي زينت بڻيل رهيا.ان جو سبب پاڪستاني ڪامورن جي ڪارڪردگي نه پر سندن لاپرواهي هئي جنهن جو مظهر آسٽريليا مان 22000 بيمار رڍن جو پهچڻ آهي.انهن ...

Read More »

آدم خوري،ايڪويهين صديءَ ۾ به جاري

انهيءَ ٿلهي همراهه کي جڏهن ڪُهو ته مون کي انهيءَ جي ران وارو گوشت ڏجو— واهه جو مزو هوندس!” “ ها… صحيح ٿو چوين.. سردار! مون کي وري انهي جي ٻانهن ڏجانءِ واهه جا ڏورا اٿس!… ورزش ڪندڙ ماڻهوآ ، ...

Read More »

آمريڪا بهادر ۽ والار تحريڪ

پرفيسر نوم چومسڪي عالمي سطح تي مڃتا ماڻيندڙ اهو مفڪر ۽ دانشور آهي جيڪو آمريڪا ۾ رهندي به آمريڪي بالادستي ۽ زورآوري خلاف علمي ۽ عملي لحاظ کان گذريل چئن ڏهاڪن کان متحرڪ رهندو اچي پيو.سندس سياسي لکڻين کي دنيا ...

Read More »

صحت جون اڻپوريون سهولتون سهانگو موت- مهانگي زندگي

مون کي اهو احساس ننڍپڻ کان ئي رهيو آهي ته معاشي اڻبرابري اسان جي ملڪ ۽ غريب عوام جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي.1977ع ۾ منهنجو ڏاڏو “ اپينڊڪس” (Appendix) جي سوڄ ڪري (جنهن کي طب جي زبان ۾ اپينڊيسائٽس ...

Read More »

منٽو ۽ ورهاڱو– II

  سعادت حسن منٽو، چيخوف، ڪافڪا، جارج آرويل، ڪاميو، نسيم کرل. آکاڻيون ٻڌائيندڙ انسان، جن حياتيءَ جا پنجاهه ورهيه پورا نه ڪيا. چاليهن جي پيٽي ۾ اجل جو شڪار ٿيا. سندن سيني ۾ انيڪ داستان هئا جيڪي هو پاڻ سان ...

Read More »

پلر جي پالوٽ ۽ انتظامي نااهليءَ سبب تباهه حال سنڌ

  هن سال جو سانوڻ وري خيرن سان سيپٽمبر جي پهرين هفتي کان شروع ٿيوآهي. هن برسات کي ٿر ۽ لاڙ جا ماڻهو جيتوڻيڪ اڻ مندائتيون پاڇاٽيون برساتون چئي رهيا آهن.پر ٿر جيڪو آگسٽ جي مهيني تائين برساتون نه پوڻ ...

Read More »

روانڊا: پراڻا زخم، ناسور بڻجي ويا

روانڊا آفريڪي ملڪ آهي جتي  1994ع ۾ ٻن قبيلن وچ ۾ گهرو ويڙهه ٿي جنهن ۾ اٺ لک ماڻهو مارجي ويا ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿيا پاڙيسري ملڪن ۾ پناهه ورتائون ۽ هزارين عورتن سان جنسي ڏاڍائي پڻ ڪئي ...

Read More »
صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو