Home / ڪرنٽ افيئر (page 9)

افيئر آرڪائيوز: ڪرنٽ افيئر

فيڊ ميمبرشب

زرعي ٽئڪس: اهڙو سون ئي گهوريو جيڪو ڪَن ڇني

پاڪستان ۾ اڪيچار اهڙيون سياسي پارٽيون آهن جيڪي پاڻکي ‘اصول پرست’ ڪوٺائين ٿيون ۽ دعوى ڪن ٿيون ته اهي هيٺئين ۽ وچولي طبقي جون حقيقي نمائندگي ڪندڙ آهن ۽ سندن مقصد، صدين کان پيڙهيل طبقن جي عوام جي عام حالت کي بهتر بڻائڻ آهي پر جيڪڏهن عملي طرح ڏسجي ته گھڻو ڪري اهي ڳالهيون سياست ۽ مشهوري حاصل ڪرڻ لاءِ آهن جن جو حقيقت سان پريَ جو ڪوبه واسطو ڪونهي ڇاڪاڻ ته سکڻن بيانن جاري ڪرڻ سان نه ته ڪنهن جي حالت بهتر ٿئي ٿي ۽ نه ئي وري ڪنهن جو خالي پيٽ ڀرجي ٿو. تازو متحدا جي رابطا ڪاميٽيءَ جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار جو، راولپنڊيءَ جي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري طرفان ڪوٺايل تقريب ۾ تقرير دوران چوڻ هو ته وقت اچي ويو آهي ته زميندارن تي زرعي ٽئڪس مڙهجي.

Read More »

نام نهاد مهاجر صوبي جي نالي ۾ سنڌ ۾ نسلي فسادن جي سازش تيار

  صدر آصف علي زرداريءَ ملتان ۾ سرائيڪي صوبي لاءِ چٽو اعلان ڪندي چيو ته سندس سرڪار ئي سرائيڪي صوبو قائم ڪندي. پيپلز پارٽيءَ جي سرائيڪي صوبو قائم ڪرڻ جي پاليسي ۾ ملتان کي ان صوبي جي راڄڌاني بڻائڻ جي ...

Read More »

صدر زرداريءَ جي ڪاري جادو جا ڪمال

 

سينيٽ جي چونڊن کان پوءِ هاڻي اڳ ـ وقتيون عام چونڊون ٿيڻ جا امڪان ختم ٿي ويا آهن. جن پارٽين گذريل سال آڪٽوبر کان ئي اليڪشن مهم هلائڻ شروع ڪري ڏني هئي تن جا پئسا هاڻي ٻڏل سمجهيا پيا وڃن. کين ٻيهر مهم هلائڻي پوندي. ٻين پارٽين مان جيڪي گهارا پيا ۽ جيڪو هر پاسي جو پاڻي وهندو سناميءَ ۾ پوندو پئي ويو سو نه رڳو رڪجي ويو آهي پر جي اليڪشن پنهنجي وقت تي ٿي ته ڪا ابتي سنامي به شروع ٿي سگهي ٿي. سناميءَ جو زور ٽٽڻ سان پيپلز پارٽي سرڪار جي ٻيڙي به لوڏن مان نڪري آئي آهي ۽ ان جي مقابلي جي سگهه (Resilience)به وڌي آهي.نواز ليگ به ڪجهه ساهه پٽيو آهي.

Read More »

رنڪل ڪماري مامرو: سازش يا ٻيو ڪجهه

 

اڄڪلهه سنڌي ميڊيا تي خاص ڪري ٽن هندو نارين جو مذهب مٽائي شادي ڪرڻ جون خبرون ڌيان جو مرڪز آهن. سول سوسائٽي، قوم پرستن، وفاق پرستن کان وٺي هڪ عام ماڻهو به ان تي احتجاج ڪري رهيو آهي. اڪثريت ان کي هندو ڀائرن جي خلاف هڪ خوفناڪ سازش چئي رهي آهي ۽ ان جو ذميوار هڪ مشهور پير کي قرار ڏنو پيو وڃي.

Read More »

نام نهاد مهاجر صوبي جو مطالبو ڌريا ئي ڌاريا، مِٽ مُئيءَ جا نه ٿيا

ٿورا ڏينهن ٿيا آهن ته سنڌ جي گاديءَ واري شهر ۽ سنڌ جي دل يعني ڪراچيءَ ۾  سو کن ماڻهو، وي.آءِ.پي زون ۽ ٻين مختلف رستن تان ٿيندا ڪراچي پريس ڪلب وٽ اوچتو اچي ڪڙڪيا جن سنڌ اندر هٿ ٺوڪئي مهاجر صوبي ٺاهڻ جي گھُر ڪئي ۽ اهي دڙڪا دهمان به ڏنا ته جيڪو اسان سان ٽڪرائبو سو پاش پاش ٿي ويندو.

بينظير ڀٽو جي قاتلن جي گرفتاري: اڻ جوابيل سوال

شهيد بينظير ڀٽو جي باري ۾ گذريل چئن سالن دوران گهڻو ڪجهه لکجي چُڪو آهي. ليکڪن ۽ صحافين سندس باري ۾ يادگيريون به سهيڙيون آهن. سندس 1993ع واري سرڪار کان وٺي 27 هين ڊسمبر 2007 تائين ڪيترائي ڀيرا ساڻس ملاقاتون ...

Read More »

پ پ قيادت ۽ مرزا وچ ۾ ڇڪتاڻ يا نورا ڪشتي

هلندڙسا ل 27هين روزي تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ قران مٿي تي رکي پاڪستان جي تاريخ جي لائيو ڏيکاري ويندڙ ڊگھي پريس ڪانفرنس کانپوءِ ميڊيا جي “ڊارلنگ” بڻيل ذوالفقار مرزا سنڌ ۾ ته گھٽ ۾ گھٽ سياسي سوچ رکندڙ ماڻهن ...

Read More »

مرزا جي لنڊن ياترا: ملڪ ۾ سياسي ٻائيتال

ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سنڌ جي سياست ۾ هڪ اهڙو ڪردار بڻجي ويو آهي جيڪو گهڻن ماڻهن ۽ پ پ جي ڪجهه وزيرن لاءِ مٿي جو سُور، ايم ڪيو ايم لاءِ زبردست سياسي داٻو، عوام لاءِ ڪڏهن هيرو ته ڪڏهن ولين، ...

Read More »

رحمان ملڪ لاءِ سياسي مفادن خاطر پي ايڇ ڊي ڊگري

هڪڙي دور ۾ ڪراچي يونيورسٽي ملڪ جي تمام وڏي يونيورسٽي سمجهي ويندي هئي ۽ پاڪستان جي نمبر ون يونيورسٽي هئي. هن وقت هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي فهرست موجب ڪراچي يونيورسٽي ٽئين نمبر تي آهي. يونيورسٽي ۾ جتي انتظامي طور بدنظمي، ...

Read More »

بيگم ڀٽو: سياسي تاريخ جو مظلوم ڪردار

  ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي قبرستان ۾ 23 آڪٽوبر 2011 تي بيگم نصرت ڀٽو کي مٽيءَ ماءَ حوالي ڪيو ويو. انهي قبرستان جي تاريخ به ڏاڍي پيچيده آهي ۽ ان سان ملڪ جي سياست جا اهم راز پڻ لاڳاپيل آهن. ...

Read More »
صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو