Home / ڪور افيئر (page 10)

افيئر آرڪائيوز: ڪور افيئر

فيڊ ميمبرشب

شهيدن جي پارٽي نيٺ سنڌ کي شهيد ڪري ڇڏي

پاڪستان پيپلز پارٽي  جنهن ماضيءَ ۾ ملٽري توڙي سول ڊڪٽيٽرن سان ڊگھي عرصي تائين مهاڏو اٽڪايو هو سا هڪ ڏينهن سانڊيَ وانگيان ست رنگ بدلائيندي ۽ مينڊيٽ ڏيندڙ سنڌ جي عوام سان ايڏي وڏي جٺ ڪندي، اها ڳالهه سنڌ جي عوام خواب ۾ به ڪڏهن سوچي ڪونه هوندي. ايئن ضرور هو ته پاڪستان پيپلز پارٽي مارچ 2008 ۾ حڪومت جون واڳون سنڀالڻ کان وٺي هٿ ٺوڪي سرچاءَ واري پاليسي جي نالي ۾ ڪجھه اهڙا ڪارناما ڪرڻ شروع ڪيا هئا

جن تي سنڌ جي عوام جو اچرج وچان عقل ئي دنگ رهجي ويو هو. مثال: ڪراچيءَ جو واٽر بورڊ جنهن ۾ تڏهوڪي سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمنٽ ڪراچيءَ جي انتهائي تعصب پرست اڳوڻي ميئر سيد مصطفى ڪمال جنهن جو واسطو لساني تنظيم سان آهي، تنهن لساني بنيادن تي اٽڪل چار هزار ماڻهو ڀرتي ڪيا سي پ پ پ جي ڪو ـ چيئرمن آصف علي زرداري جيڪو ان وقت خير سان اڃا ملڪ جو صدر ڪونه بڻيو هو پر سندس پارٽي اقتدار ۾ اچي چڪي هئي تنهن پهرين سَٽَ ۾، لساني تنظيم کي خوش ڪرڻ لاءِ سندن غير قانوني ڀرتين کي، فارغ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو پر جيڪڏهن اها ڪرم جي نظر ٻين کاتن تي به پوي ها جت هونئن ته لساني تنطيم جا ماڻهو گھٽ پر سنڌين سميت ٻين قوميتن جا وڌيڪ ماڻهو هئا ته گھڻن جو

ڀلو ٿي پوي ها صدر آصف زرداري جنهن ڪجھه غير ملڪي دورن دوران سنڌي ٽوپي پاتي آهي پر هڪ ڳالهه نوٽ ڪرڻ جي آهي ته ڪو سکڻي سنڌي ٽوپي پائڻ سان سنڌي ماڻهن جون دليون کٽي سگھي ها ته اڄ لساني تنظيم جو سربراهه الطاف حسين ۽ تعصب پرست اڳوڻو سٽي ميئر ۽ هاڻوڪو سينيٽر سيد مصطفى ڪمال سي اڄ سنڌين جا هيرو هجن ها.

Read More »

ٻٽو مڪاني نظام : ڪوڙو ڪفرسين

“ اسٽيبلشمينٽ پيپلز پارٽيءَ مان جان ڇڏائڻ چاهي ٿي ” اهو جملو سالن کان ٻڌندا پيا اچون ۽ ان معاملي تي ڪيترائي ليک به پڙهڻ لاءِ مليا. مان ڀانيان ٿو ته هاڻ ان جملي تي لکڻ ۽ بحث ڪرڻ وقت وڃائڻ آهي، اڄ جڏهن سنڌي عوام جي مخالفت باوجود پيپلز پارٽي ٻٽي مڪاني نظام وارو آرڊيننس آندو ۽ بل جي صورت ۾ 5 منٽن اندر  سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرايو ته ان وقت سڄاڻ ماڻهن کي پ پ جي اهڙي عمل تي ڪابه حيرت نه ٿي ڇاڪاڻ ته موجود ٻه پيڙهيون 70واري ڏهاڪي کان پيپلز پارٽي جي ڪردار کان چڱي ريت واقف آهن، جنهن ڪري ٽين پيڙهي کي ملڪ جي ان وڏي جماعت کي سمجهڻ ۾ ڪابه ڏکيائي نه ٿي ٿئي.

 

Read More »

۽ جڏهن سنڌ بڻي فلسطين

هنن جڏهن “انتفاده” جو اعلان ڪيو ته سندن ٻارن جي غُليل انقلابي هٿيار جي حيثيت اختيار ڪري وئي، سندن عورتن جون ڍنڍڪرون رحم جي صدا نه پر بغاوت جو پڙاڏو ٿي ٻُريون ۽ سندن نوجوانن جا ٽينڪن آڏو ڳايل آزاديءَ جا گيت سندن شهادتن جا لمحا بحث لاءِ ڇڏي ويا، فلسطينين جي جدوجهد ڪنهن سياسي مسئلي جي عارضي حل لاءِ نه هئي. سندن آزادي اڃا اڌوري آهي پر گروهي اختلافن ۽ نظرياتي ويڇن باوجود هنن دشمن جو مقابلو هٿ ۾ هٿ ڏئي ڪيو ۽ عام شهري هوندي به هڪ منظم لشڪر جيان ويڙهه وڙهندا رهيا. آئرلينڊ جي صديون پراڻي غلامي پرامن پارلياماني انداز سان پوري ٿيڻ واري آهي،پر آئرش ريپبلڪن آرميءَ جي ويڙهاند به ڪا ننڍي وِٿ ناهي جنهن کي نظرانداز ڪري ڇڏجي ۽ اسان ان مان ڪو سبق نه سکي سگهئون.

Read More »

سنڌيونيورسٽي: نااهل هن باغ جو مالهي آ

سنڌ يونيورسٽي ۾ استادن ۽ وائيس چانسلر مغل جي وچ ۾ اختلاف هرگذرندڙ ڏينهن بدکان بدتر ٿيندا ٿا وڃن.شايد ئي ڪو سرڪاري ادارو اهڙو هجي جنهن جي اسٽاف وچ ۾ اختلاف نه هجن پر اهي جڏهن ذاتي ٿي وڃن ته انهي اداري لاءِ انتهائي هاڃيڪار ثابت ٿيندا آهن.

Read More »

پ پ وزيرن جي سنڌين سان ويساهه گهاتي سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌ جو سودو !

سنڌ اسيمبليءَ سومر ڏينهن تاريخ پهرين آڪٽوبر سال ٻه هزار ٻارهن تي سنڌ ۾ نئون ڪارو قانون منظور ڪيو- جنهن جو سرڪاري نالو“ سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2012 ” آهي . آرڊيننس جيڪو سنڌ جي گورنر جاري ڪيو جنهن کي اسيمبلي ۾ بل جي صورت ۾ پيش ڪيو ويو- 160 جي ايوان ۾ جيڪي ميمبر موجود هئا

Read More »

بلدياتي آرڊيننس جي منظوري ؛ سنڌ جي روح ۾ کُتل خنجر

جيڪڏهن ڏسجي ته پيپلز پارٽي جي سرڪار ارڙهين کان ويهين ترميم تائين وڏا تاريخي ڪم ڪيا آهن. اختيارن جي صوبن کي منتقليءَ جي ايجنڊا تي ٻه رايا موجود آهن: هڪ اهو ته هرڪو مخالف هو پرپيپلز پارٽيءَ جي سرڪار جان جوکي ۾ وجهي اهو خطرناڪ ڪم ڪري ورتو. ٻيو رايو اهو آهي ته مالڪن جي پنهنجيassesment ان قسم جي هئي ته هاڻي

Read More »

مڪاني آرڊيننس: پ پ سنڌ وڪڻي ڇڏي

ڪجهه خطائون ماضيءَ جو اڻ مِٽِ حصو آهن، ميرن جي صاحبيءَ واري دور ۾ سندن سپاهين جو وڏو انگ هجڻ باوجود فرنگيءَ جي ٿوري لشڪر کان مليل شڪست کي اڄ ان دليل سان رد ڪيو وڃي ٿو ته انگريز وٽ بارود برسائڻ لاءِ گندرف جي نئين وِٿ وجود ۾ اچي چڪي هئي جنهن کان اڻ واقفيت اصل سبب هو جنهن غلاميءَ ۾ ڌڪيو نه ته

Read More »

نئون مڪاني نظام : شرم تمڪو مگر آتي نهين

خميس 13 سيپٽمبر 2012 تي، مڪاني ادارن بابت آرڊيننس ‘ايس. پي.ايل.جي او ـ 2012 ’ جاري ڪرڻ خلاف ‘سنڌ بچايو ڪاميٽيءَ’ جي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ هڙتال ڪئي وئي، پر پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ سرڪار ساڳي ڏينهن

Read More »

نئون مڪاني نظام – پيرپاڳاري جو پ پ کي حمايت کان کتو جواب

سنڌ سرڪار جي ٽن وڏن اتحادين هڪٻئي سان نانيءَ ويڙهو ڪري مڪاني ادارن جو نئون آرڊيننس جاري ڪيو آهي،جيتوڻيڪ آرڊيننس جي تيارين جي مرحلي ۾ ٻيا اتحادي به صلاح مصلحت ۾ گڏ هئا- مسلم ليگ فنڪشنل، اي اين پي ۽ ...

Read More »

آمريتي مڪاني نظام: پ پ متحده ڳٺ جوڙ پٺيان اصل ٿيوري ڇا آهي

6 سيپٽمبر تي ساڍن چئن سالن جي بليڪ ميلنگ کان پوءِ نيٺ متحده پنهنجي مرضي جو نظام آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. جيتوڻيڪ چوڻ وارا چون ٿا ته هي آرڊينس رات جو آندو ويو آهي، پر هن کي ترتيب ڏيڻ ۽ فائنل ڪرڻ واري عمل ۾ ڪيئي مهينا لڳا،

Read More »
صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو