Home / ڪور افيئر (page 18)

افيئر آرڪائيوز: ڪور افيئر

فيڊ ميمبرشب

!سنڌ لاءِ سوناميءَ جهڙي ٻوڏ

10 آگسٽ 2011 کان ڏکڻ سنڌ ۾ آيل برساتي ٻوڏ جهڙي طرح سان ڀيانڪ تباهي مچائي جيڪا دهشت ۽ وحشت پيدا ڪئي آهي. ان المناڪ تباهي جا دل ڏاريندڙ منظر ڏسي هانوَ ڦاٽي ٿو. ڏکڻ سنڌ ۾ هن کان اڳ پڻ اهڙيون بيشمار قدرتي آفتون اينديون رهيون آهن. پرهن ڀيري آيل آفت کي لکين ٻوڏ متاثر ۽ ساڃاهه وند ماڻهو قدرتي گهٽ ۽ هٿرادو پيدا ڪيل آفت وڌيڪ قرار ڏئي رهيا آهن. ويجهي ماضي ۾ ڌکڻ سنڌ ۾ لاڙ جي ٻن تاريخي ضلعن بدين ۽ ٺٽي ۾ 19 مئي 1999ع ۾ آيل دهشتناڪ سامونڊي طوفان ۽ 25 جولاءِ 2003 جي ايل بي او ڊي

Read More »

!برساتي ٻوڏ ۽ ايل بي او ڊي جو راڪاس

سنڌ جي تاريخ ۾ سنڌ لاءِ جيڪي انتهائي نقصانڪار فيصلا ڪيا ويا آهن، انهن ۾ ايل بي او ڊي رٿا جو غلط ۽ هاڃيڪار فيصلو به هڪ آهي. گذريل هڪ صدي جي تاريخ ۾ سنڌ جي قومي تشخص_ سياسي معاشي حالتن جي تباهي لاءِ جيڪي هاڃيڪار ۽ دير اثر وجهندڙن فيصلا ڪيا ويا انهن مان ڪجهه هيٺيان فيصلا اهم آهن.

1_ هن ملڪ ٺهڻ شرط، سنڌ مان لکين پڙهيل لکيل خوش حال سنڌي، غير مسلم هئڻ سبب سنڌ مان بي دخل ڪيا ويا. سنڌ جو سڄو وچولو ڪلاس ڀڄايو ويو،

Read More »

! پنجاهه ورهيه پوئتي ڌڪجي ويل سنڌ

آخرڪار سيپٽمبر جي ٻئي هفتي ۾ ميڊيا جو ڌيان سنڌ ۾ برساتن جي ڪري ٿيل تباهه ڪارين طرف ويو. آگسٽ جي شروعات ۾ شروع ٿيل برساتن سبب سنڌ ۾ 21 ضلعن کان وڌيڪ ۾ ٻوڏ آئي آهي جن مان هن وقت تائين ڏهن ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي. هن وقت تائين هڪ ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا آهن. سنڌ اڃا 2010 هي ٻوڏ جي تباهه ڪارين جي اثرن مان ڪونه نڪتي هئي ته هڪ ڀيرو وري سانوڻي جي برساتن ٻوڏ جي صورتحال پيدا ڪئي آهي، جيڪا گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خطرناڪ آهي. گذريل سال اڌ سنڌ متاثر ٿي هئي.  هن سال تقريباَ سڄي سنڌ متاثر آهي. جيڪي ضلعا گذريل سال جي ٻوڏ کان بچيل هئا، سي هن سال جي برساتن سبب آيل ٻوڏ ۾ متاثر ٿيا آهن. تازين برساتن سنڌ ۾ وڏي پئماني تي تباهي آندي آهي

Read More »

!ٻوڏ جي تباهي ۽ سرگرم جهان خاني گروهه

9 آگسٽ کان شروع ٿيل برساتن جو سلسلو 16 هين سيپٽيمبر تائين جاري رهيو، انهي برساتن کانپوءِ جيڪا بدين ۽ٻين ضلعن ۾ تباھي آئي آهي ويجھي تاريخ ۾ انهي جو مثال نٿو ملي، هن دفعي ضلعي بدين ۾ ڦٽين جو بهترين فصل ٿيو هو، جيڪو اڃا مارڪيٽ ۾ وڃڻ ئي شروع ٿيو هو ته برساتن سبب مڪمل طرح ختم ٿي ويو، اهڙي ريت ساريون،ٽماٽو.گدرا ڇانهيون، مرچ ۽ سبزيون به مڪمل طرح ختم ٿي ويون،ڪمند جي فصل کي تمام گھڻو نقصان ٿيو آهي ساريون ذري گھٽ ختم ٿي ويون آهن،

Read More »

ذوالفقار مرزا: اصل راند ڪهڙي آهي؟

ذوالفقار مراز جي پريس ڪانفرنس، تقريرن ۽ بيانن جا اڄ ڪلهه وڏا چرچا آهن. مرزا پيپلز پارٽي جو ڪو عام رواجي اڳواڻ يا فردوس عاشق اعواڻ، بابر اعواڻ، رحمٰن ملڪ يا حنا رباني کر وانگر ڪٿان ”نازل” ٿيل رهنما ناهي. لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ سپاف جي سرگرم رهنما رهندڙ هن شخص جو پيپلز پارٽي سان چئن ڏهاڪن کان مٿي جو لاڳاپو آهي. ٻئي پاسي آصف علي زرداري جي سڀ کان ويجهو ساٿي هجڻ ۽ جيالي طور سندس طاقت کان سڀ واقف آهن. پيپلز پارٽي جي موجوده سنڌ حڪومت ۾ سندس ڪردار ڊي فيڪٽو وڏي وزير وارو هيو

Read More »

!سنڌ هڪ هڪاڻي چاهي ٿي

87_1986ع ۾ ڊي آءِ جي حيدرآباد اعليٰ اختيارين کان فحش فلمن جي هڪ اهڙي اڏي تي ڇاپو هڻڻ جي اجازت گُهري ٿو جتي پنجن رپين جي ٽڪيٽ تي وي سي آر تي فحش فلمون ڏيکاريون وينديون هيون. اجازت ان ڪري ...

Read More »

!ايم ڪيو ايم سنڌ ٽوڙڻ چاهي ٿي، سنڌ ٽٽي ته پاڪستان ٽٽي ويندو

ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ملڪي سياست ۾ تازو جيڪو بحث ڇيڙيو آهي. ان پاڪستان جي اسٽيبلشمنٽ، عدليه ۽ سرڪار کي لوڏي ڇڏيو آهي. ٻن عالمي سپر طاقتن آمريڪا ۽ برطانيا کي وضاحتون ڪرڻيون پئجي ويون. ماڻهو ذوالفقار مرزا جي انڪشافن کي ...

Read More »

!سنڌي عوام ۾ قومپرستيءَ جي نئين لهر

سڄي سنڌ جيتوڻيڪ پ پ پ کي ووٽ ناهي ڪندي، پر ان وقت جڏهن سنڌ ۾ ڪمشنري نظام بحال ڪيو ويو، ته ايئن لڳو ته سڄي سنڌ هڪ تندُ ۽ تار ۾ هئي جيڪا حڪومت جي اهڙي قدم کي ساراهي ...

Read More »

!سڄڻ جيئرا جاڳندا

  مانواري شاهاڻي جا هي ٻه ويچار به ڌيان طلب آهن. هڪ ته، پاڻ سرد جنگ جي زماني کان اڃا ٻاهر نه نڪتا آهيون. جڳ جهان ۾ طاقت جو توازن ٻيءَ ريت ٿي چڪو. آمريڪي ۽ روسي بلاڪ ڪڏهوڪو ختم ...

Read More »

!پ پ: پنهنجي وڍيءَ جو ويڄ نه طبيب

ايم ڪيو ايم جي سرڪار ۾ واپسي ٿي وئي. سنڌ جي گورنر جي واپسيءَ سان ئي اندازو ٿي ويو هُو ته ايم ڪيو ايم سرڪار ۾ واپس ايندي. پر راءِ عامه پنهنجي حق ۾ ڪرڻ لاءِ آهستي آهستي قدم کنيا ...

Read More »
صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو