Home / ڪور افيئر (page 9)

افيئر آرڪائيوز: ڪور افيئر

فيڊ ميمبرشب

بلاول جي ثقافتي ايمرجنسي سنڌ فيسٽيول: کيل ختم، پئسا هضم!

بلاول جي ثقافتي ايمرجنسي  سنڌ فيسٽيول:  کيل ختم، پئسا هضم!

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري “ثقافتي ايمرجنسي” نافذ ڪندي سنڌ فيسٽيول ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. سنڌ فيسٽيول ملهائڻ جي منطق نهايت عجيب ۽ غريب آهي. مثال طور سرڪاري طور تي جاري اشتهار ۾ چيو ويو آهي ته ...

Read More »

چوڌري اسلم جو قتل ڪراچي، جتي هاڻي طالبان جو ڊپ راڄ ڪري ٿو!

چوڌري اسلم جو قتل ڪراچي، جتي هاڻي طالبان  جو ڊپ راڄ ڪري ٿو!

لڳي ٿو 2014ع ڪراچي لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿيندو. جنوري جا شروعاتي ٽي هفتا شهر ۾ دهشتگردي جي واقعن جا نه وساريندڙ گواهه آهن. ورلي ڪو ڏينهن گذريو آهي جو شهر ۾ ڪو غير معمولي واقعو نه ٿيو هجي. ڪڏهن ...

Read More »

طالبان خلاف فيصلائتي جنگ يا ڳالهيون؟

طالبان خلاف فيصلائتي جنگ يا ڳالهيون؟

A Repoter پاڪستان هن وقت جنگ جي حالت ۾ آهي، پر ان حقيقت کي اسان جا حڪمران اڃا به قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، اهوئي سبب آهي ته طالبان سان ڳالھين يا جنگ جي حوالي سان ڪنهن به فيصلي ته ...

Read More »

سنڌ بدلجي رهي آهي حيدرآباد:پ پ جو مڪاني نظام جي حمايت ۾ شو فلاپ

نه رڳو پيپلز پارٽي  پاڻ پر پاڪستان جون سموريون سياسي ۽ مذهبي ڌريون سنڌ کي ان جو مضبوط ڳڙهه سمجهنديون رهيون آهن،ڪافي ڀيرا هن پارٽي سنڌ ڪارڊ جو استعمال ڪيو آهي ۽ اهو استعمال ان کي هميشه ڦٻندو رهيو آهي، پر سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس

Read More »

شهيدن جي پارٽي نيٺ سنڌ کي شهيد ڪري ڇڏي

پاڪستان پيپلز پارٽي  جنهن ماضيءَ ۾ ملٽري توڙي سول ڊڪٽيٽرن سان ڊگھي عرصي تائين مهاڏو اٽڪايو هو سا هڪ ڏينهن سانڊيَ وانگيان ست رنگ بدلائيندي ۽ مينڊيٽ ڏيندڙ سنڌ جي عوام سان ايڏي وڏي جٺ ڪندي، اها ڳالهه سنڌ جي عوام خواب ۾ به ڪڏهن سوچي ڪونه هوندي. ايئن ضرور هو ته پاڪستان پيپلز پارٽي مارچ 2008 ۾ حڪومت جون واڳون سنڀالڻ کان وٺي هٿ ٺوڪي سرچاءَ واري پاليسي جي نالي ۾ ڪجھه اهڙا ڪارناما ڪرڻ شروع ڪيا هئا

جن تي سنڌ جي عوام جو اچرج وچان عقل ئي دنگ رهجي ويو هو. مثال: ڪراچيءَ جو واٽر بورڊ جنهن ۾ تڏهوڪي سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمنٽ ڪراچيءَ جي انتهائي تعصب پرست اڳوڻي ميئر سيد مصطفى ڪمال جنهن جو واسطو لساني تنظيم سان آهي، تنهن لساني بنيادن تي اٽڪل چار هزار ماڻهو ڀرتي ڪيا سي پ پ پ جي ڪو ـ چيئرمن آصف علي زرداري جيڪو ان وقت خير سان اڃا ملڪ جو صدر ڪونه بڻيو هو پر سندس پارٽي اقتدار ۾ اچي چڪي هئي تنهن پهرين سَٽَ ۾، لساني تنظيم کي خوش ڪرڻ لاءِ سندن غير قانوني ڀرتين کي، فارغ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو پر جيڪڏهن اها ڪرم جي نظر ٻين کاتن تي به پوي ها جت هونئن ته لساني تنطيم جا ماڻهو گھٽ پر سنڌين سميت ٻين قوميتن جا وڌيڪ ماڻهو هئا ته گھڻن جو

ڀلو ٿي پوي ها صدر آصف زرداري جنهن ڪجھه غير ملڪي دورن دوران سنڌي ٽوپي پاتي آهي پر هڪ ڳالهه نوٽ ڪرڻ جي آهي ته ڪو سکڻي سنڌي ٽوپي پائڻ سان سنڌي ماڻهن جون دليون کٽي سگھي ها ته اڄ لساني تنظيم جو سربراهه الطاف حسين ۽ تعصب پرست اڳوڻو سٽي ميئر ۽ هاڻوڪو سينيٽر سيد مصطفى ڪمال سي اڄ سنڌين جا هيرو هجن ها.

Read More »

ٻٽو مڪاني نظام : ڪوڙو ڪفرسين

“ اسٽيبلشمينٽ پيپلز پارٽيءَ مان جان ڇڏائڻ چاهي ٿي ” اهو جملو سالن کان ٻڌندا پيا اچون ۽ ان معاملي تي ڪيترائي ليک به پڙهڻ لاءِ مليا. مان ڀانيان ٿو ته هاڻ ان جملي تي لکڻ ۽ بحث ڪرڻ وقت وڃائڻ آهي، اڄ جڏهن سنڌي عوام جي مخالفت باوجود پيپلز پارٽي ٻٽي مڪاني نظام وارو آرڊيننس آندو ۽ بل جي صورت ۾ 5 منٽن اندر  سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرايو ته ان وقت سڄاڻ ماڻهن کي پ پ جي اهڙي عمل تي ڪابه حيرت نه ٿي ڇاڪاڻ ته موجود ٻه پيڙهيون 70واري ڏهاڪي کان پيپلز پارٽي جي ڪردار کان چڱي ريت واقف آهن، جنهن ڪري ٽين پيڙهي کي ملڪ جي ان وڏي جماعت کي سمجهڻ ۾ ڪابه ڏکيائي نه ٿي ٿئي.

 

Read More »

۽ جڏهن سنڌ بڻي فلسطين

هنن جڏهن “انتفاده” جو اعلان ڪيو ته سندن ٻارن جي غُليل انقلابي هٿيار جي حيثيت اختيار ڪري وئي، سندن عورتن جون ڍنڍڪرون رحم جي صدا نه پر بغاوت جو پڙاڏو ٿي ٻُريون ۽ سندن نوجوانن جا ٽينڪن آڏو ڳايل آزاديءَ جا گيت سندن شهادتن جا لمحا بحث لاءِ ڇڏي ويا، فلسطينين جي جدوجهد ڪنهن سياسي مسئلي جي عارضي حل لاءِ نه هئي. سندن آزادي اڃا اڌوري آهي پر گروهي اختلافن ۽ نظرياتي ويڇن باوجود هنن دشمن جو مقابلو هٿ ۾ هٿ ڏئي ڪيو ۽ عام شهري هوندي به هڪ منظم لشڪر جيان ويڙهه وڙهندا رهيا. آئرلينڊ جي صديون پراڻي غلامي پرامن پارلياماني انداز سان پوري ٿيڻ واري آهي،پر آئرش ريپبلڪن آرميءَ جي ويڙهاند به ڪا ننڍي وِٿ ناهي جنهن کي نظرانداز ڪري ڇڏجي ۽ اسان ان مان ڪو سبق نه سکي سگهئون.

Read More »

سنڌيونيورسٽي: نااهل هن باغ جو مالهي آ

سنڌ يونيورسٽي ۾ استادن ۽ وائيس چانسلر مغل جي وچ ۾ اختلاف هرگذرندڙ ڏينهن بدکان بدتر ٿيندا ٿا وڃن.شايد ئي ڪو سرڪاري ادارو اهڙو هجي جنهن جي اسٽاف وچ ۾ اختلاف نه هجن پر اهي جڏهن ذاتي ٿي وڃن ته انهي اداري لاءِ انتهائي هاڃيڪار ثابت ٿيندا آهن.

Read More »

پ پ وزيرن جي سنڌين سان ويساهه گهاتي سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌ جو سودو !

سنڌ اسيمبليءَ سومر ڏينهن تاريخ پهرين آڪٽوبر سال ٻه هزار ٻارهن تي سنڌ ۾ نئون ڪارو قانون منظور ڪيو- جنهن جو سرڪاري نالو“ سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2012 ” آهي . آرڊيننس جيڪو سنڌ جي گورنر جاري ڪيو جنهن کي اسيمبلي ۾ بل جي صورت ۾ پيش ڪيو ويو- 160 جي ايوان ۾ جيڪي ميمبر موجود هئا

Read More »

بلدياتي آرڊيننس جي منظوري ؛ سنڌ جي روح ۾ کُتل خنجر

جيڪڏهن ڏسجي ته پيپلز پارٽي جي سرڪار ارڙهين کان ويهين ترميم تائين وڏا تاريخي ڪم ڪيا آهن. اختيارن جي صوبن کي منتقليءَ جي ايجنڊا تي ٻه رايا موجود آهن: هڪ اهو ته هرڪو مخالف هو پرپيپلز پارٽيءَ جي سرڪار جان جوکي ۾ وجهي اهو خطرناڪ ڪم ڪري ورتو. ٻيو رايو اهو آهي ته مالڪن جي پنهنجيassesment ان قسم جي هئي ته هاڻي

Read More »
صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو