Home / افيئر ٽئگ: June-15-2012

افيئر ٽئگ: June-15-2012

فيڊ ميمبرشپ

پنجاب جي وڏي وزيرشهبا زشريف سان ڪچهري ايم ڪيو ايم سان اتحاد نه ڪبو،سنڌي قومپرستن سان رابطا آهن

مينار پاڪستان وٽ شامياني ۾ پنجاب جي وڏي وزيرميان شهباز شريف جي ڪئمپ آفيس جو پهريون ڏينهن هو ،اسان ويهارو سنڌي صحافين کي ڪوچ ۾ ويهاري پنجاب اطلاعات جي آفيسر وڏي وزير جي ڪئمپ آفيس پهچايو45 سينٽي گريڊگرميءَ جو پد هجي ڪجهه پکا هلي رهيا هئا .هن ڪچهري  ۾  اسان کانسواءِ سينيٽر پرويز رشيد،ذوالفقار کوسو،راڻا ثناءُالله ۽ پنجاب جي اطلاعات کاتي جو سيڪريٽري معين الدين وارثي پڻ موجود هو.

Read More »

ايڪتا جي گُهرج

  شڪر ٿو ادا ڪجي اسان جا نوجوان پڙهي پيا آهن.سڄو سڄو ڏينهن انٽرنيٽ تي ويٺا آهن.اخبارون، رسالا پيا ڏسن.معلومات گڏ ڪندا وتن.گفتگو جو ڍنگ اچي ويو اٿن.سٺا ڪپڙا اوڍڻ ڄاڻين.مهانگين هوٽلن ۾ ترسڻ،کاڌي کائڻ جا طريقا سمجهي چڪا.جهازن ۾ ...

Read More »

پهرين ورسي جي موقعي تي حسن درس : جوڳي نه ڪنهن جا مِٽ

وقت جي وير هر احساس،ساروڻي يا جذبا لوڙهي ٿي ڇڏي، جو سال صديون گذرندي دير ئي نه پئي ٿئي.گذريل سال 16 جون ۽ اڄ 16 جون کي سال ٿي ويو، ڄڻ ڪلهوڪي ڳالهه هجي.اڃا ته اسان جا لڙڪ ئي نه ...

Read More »

مهدي حسن کي ڀيٽا موسيقي: هوا۾ ڳنڍ

هڪ سال ۾ ٽي سئو پنجهٺ ڏهاڙا ۽ صديءَ ۾ ڏهه ڏهاڪا ورهين جا هوندا آهن. عظيم انسان صديون پئدا ڪنديون آهن. اڀاڳي سال وٽ اهڙي سگهه ڪٿي جو مهان آتمائن کي جنم ڏئي سگهي.ڪنهن هڪڙي عام ماڻهوءَ منجهه وقت ...

Read More »

نوسهري جي پاڻ ساڙيندڙ نوجوان جي درد ڪهاڻي

پ پ جي موجوده اقتداري دور ۾  باهه ڏئي ساڙڻ وارو هي ٽيون واقعو آهي، اٽي لٽي ۽ اجهي جو منشور کڻي آيل پ پ حڪومت ۾  بيروزگاري کان تنگ اچي ڪنڊياري جي هڪ نوجوان سياستدانن جي شهر اسلام آباد ...

Read More »

پهرين ورسي جي موقعي تي ساري سنڌ حَسن جو پاڇو

ٻي خبر ناهي پرمرڻ کان پو تو سان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون (اياز ) اپريل جا ايذاءَ  يا جون جي جدائي ٻارنهن ئي مهينا اسان جو پيڇو ڪندا ۽ وڇوڙي جا وڍ اکين جا ٽوڙي بند ٽوڙيندا رهندا. دل جو ...

Read More »

محبت سنڌ ريلي تي حملو ۽ ڌرتي ڌڻين جو ڪروڌ

محبت سنڌ جي نالي تي نڪتل امن ريلي جنهن ۾ هڪ وڏو تعداد سنڌي ڀينرن جو پڻ شامل هيو.ان کي گذرئي ته  چند ڏينهن   ٿياآهن.پر ان  حملي ۾ زخمين جو هڪ وڏو انگ شهر جي مختلف اسپتالن ۾ موت سان ...

Read More »

سنڌ ۾ ٽين مهاٻوڏ جو خطرو : بدين ٻُڏي ئي ٻُڏي

برساتن ۽ ٻوڏ جي مند سر تي چڙهي آئي آهي. 13 جون جي شام ۽ رات جوٿرپارڪر ضلعي جي ٽن تعلقن مٺي، ڇاڇرو،۽ ننگر پارڪر جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ سانوڻي جي پهرين برسات تيز هوا کنوڻ ۽ گجگوڙ سان ...

Read More »

ميرمرتضيٰ قتل ڪيس جو جوابدار روينيو بورڊ جو سربراهه مقرر

گذريل سال ڊسمبر جي مهيني جي ڳالهه آهي ته  مان پنهنجي هڪ صحافي دوست سان گڏ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج ۽ مشهور قانوندان جسٽس (ر) رشيد اي رضويءَ سان گڏ سندس آفيس ۾ ڪنهن دوست جي ڪيس جي ...

Read More »

لياري ۽ ملير ترقياتي ادارن جي بحالي. وٽ کوٽا يا ڦودني ۾ ڦير

7جون 2012 ع تي سنڌ اسيمبلي ۾ قانون واري وزير اياز سومري طرفان ملير ۽ لياري ترقياتي اداري جي آمر مشرف طرفان ختم ڪيل  قانوني حيثيت بحال ڪرڻ لاءِ ايوان ۾ انهن بابت ڌار ڌار ٻه بل پيش ڪيا ويا هئا ...

Read More »
صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو