Home / افيئر ٽئگ: March-15-2012

افيئر ٽئگ: March-15-2012

فيڊ ميمبرشپ

سنڌ يونيورسٽي: ڏوهاري فيڪٽر ۽ نااهل وائيس چانسل

  سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر نظير مغل کي پاسيرو ڪري، پروين شاهه کي وقتي وي سي مقرر ڪري، سنڌ حڪومت في الحال معاملي کي ٿڌو ڪرڻ چاهي ٿي، پر وقت ۽ حالتون اهو ٻڌائين ٿيون ته اهو سڀ ...

Read More »

رنڪل ڪماري مامرو: سازش يا ٻيو ڪجهه

 

اڄڪلهه سنڌي ميڊيا تي خاص ڪري ٽن هندو نارين جو مذهب مٽائي شادي ڪرڻ جون خبرون ڌيان جو مرڪز آهن. سول سوسائٽي، قوم پرستن، وفاق پرستن کان وٺي هڪ عام ماڻهو به ان تي احتجاج ڪري رهيو آهي. اڪثريت ان کي هندو ڀائرن جي خلاف هڪ خوفناڪ سازش چئي رهي آهي ۽ ان جو ذميوار هڪ مشهور پير کي قرار ڏنو پيو وڃي.

Read More »

لک بهاري ۽ بنگالي سنڌ جا شهري بڻجي ويندا

هي ڳالهه سمجهه کان مٿانهين آهي ته آخر پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ۾ ئي ڌارين کي سنڌ ۾ آڻڻ يا سنڌ ۾ رهندڙ ڌارين کي شهريت ڏيڻ جا معاملا ڇو پيدا ٿيندا آهن. شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومت دوران بهارين کي سنڌ آڻڻ جو اعلان هونئن ته عوامي احتجاج کانپوءِ واپس ورتو ويو هو. پر هن ڀيري شايد وفاقي وزير رحمان ملڪ ۽ اسانجو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه بنگالين تي وڌيڪ مهربان نظر اچن ٿا.

Read More »

ڏاڍي ٿي

  ارباب غلام رحيم حڪومت جا آخري ڏهاڙا هئا، جڏهن پاڻ پهرين ڀيري ٻڌوسين ته “نه وساريو ته سنڌ اسيمبليءَ ڪراچي ۾ آهي.” بيان الائي قائد تحريڪ ڏنو هو يا تحريڪي ساٿين، پر بيان هليو ۽ بيان ۾ ڏنل ڌمڪي ...

Read More »

رجنيش سان روبرو

  هڪڙو وقت هو جڏهن سنڌ ۾ سياسي ڪارڪن سياست ۽ لٽريچر پڙهڻ سان گڏ گرو رجنيش تي پڻ پڙهڻ جا هيراڪ ٿيا، جيڪڏهن کين ڪٿان سندس ڪتاب هٿ ايندو هو ته اهو قيمتي وکر وانگر گهڻن ماڻهن جي هٿن ...

Read More »

بَڇَ ۽ ويڙهاند ۾ فرق

  مهان آتمائون تاريخ جا پَير آهن ته سندن پئدا ڪيل ٽرئجڊي، سَاگا وقت جي ٻِرانگهه چئجي. زمانو کانئن سواءِ اڳتي وڌي ئي نه ٿو سگهي. هيرو پيار ڪندو ۽ پوءِ جنگ وڙهڻ هليو ويندو. ڇاتي ۽ مُنهن تي گهاوَ ...

Read More »

شڪارپور: معصوم ٻارڙن جو ساهُه مُٺِ ۾

  شڪارپور ضلعي ۾ ٻني تڪرار، سڱاوتي تڪرار ۽ برادري جهيڙن ۾ سال 2012ع جي جنوري ۽ فيبروري دوران جتي ڪيتريون ئي اڻ ڳڻيون حياتيون ڳڙڪايون آهن، اُتي ان اثر معصوم ٻارڙن جي زندگين کي به نه بخشيو آهي. جنوري ...

Read More »

نياڻين جو وڪرو-هڪ ٻيو موقف ٿر جي لوئي ۽ لڄ نه لڄايو

گذريل ڪجهه سالن ۾ ٿر ۾ غير سرڪاري تنظيمن جو اهڙو ڄار وڇايو ويو آهي جو اڌ پڙهيل هر ڪوئي پنهنجو پاڻ وڏو سماجي ڪارڪن سڏائڻ ۾ فخر ٿو محسوس ڪري. انهن غير سرڪاري تنظيمن سٺو ڪم ڪندڙ ادارن جي ...

Read More »

سنڌ جي گئس ڀڳڙن مٺ تي ۽ ايران کان مهانگي گئس وٺڻ جو معاهدو!

 

وفاقي بيوروڪريسي روايتن ۽ پاڪستان جي تاريخ کي برقرار رکندي هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جي مفادن، حقن خلاف سازشن جو ڄار اڻيو آهي. ڳالهه ملڪي معاملن ۾ صوبن وچ ۾ معاهدن جي هجي يا ملڪن جا پاڪستان سان معاهدا هجن، مصيبت سدائين سنڌ جي ڳچيءَ ۾ ئي پئي آهي. اهي معاهدا پاڻي جا هجن يا سرحدي معاملن جا گهاٽي ۾ سنڌ جو عوام ئي رهيو آهي.

Read More »

فرانس ۾ صدارتي چونڊون ۽ تاريخ جي ڪُک ۾ لڳل خنجر

 

روس کانپوءِ فرانس ۾ به هي چونڊن جو سال آهي. ايندڙ صدارتي اليڪشن ۾ ٽن ڌرين ۾ مقابلو آهي. اپريل يا مئي ۾ پهريون مرحلو ڪرايو ويندو. اگر ڪو اميدوار واضح اڪثريت يا مقرر ڪيل ووٽ نٿو حاصل ڪري ته پوءِ ٻيو مرحلو شروع ڪيو ويندو. ان ۾ جنهن اميدوار سڀ کان وڌيڪ ووٽ کنيا ته ان کي ڪامياب قرار ڏنو ويندو.

Read More »
صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو