Home / افيئر ٽئگ: April-15-2012

افيئر ٽئگ: April-15-2012

فيڊ ميمبرشپ

زرداريءَ جي دهلي ياترا ۽ درگاهي ڊپلوميسي

 

8 اپريل 2012 تي صدر پاڪستان جي ڀارتي دوري جو اعلان ڪيو ويو ته پاڪستاني صدر صوفي اولياء معين الدين چشتي جي روضي مبارڪ جي زيارت ڪندو. اهو دورو صدر جو نجي دورو هوندو. هن جو اعلان جيڪو اچانڪ هيو ان هندستاني ايوانن ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو ته بنا ڪنهن شيڊول جي پاڪستان جو صدر اچي رهيو آهي ۽ هن جو ڪنهن سان ملاقات جو ٽائيم به ورتل ڪونهي ۽ نه وري ڪنهن سان ڪا لنچ وغيره رکيل اٿس. پوءِ ڪوششن کانپوءِ صدر پاڪستان کي راضي ڪيو ويو ته هو هندستان جي وزير اعظم سان ملاقات جو ٽائيم ڏئي ۽ لنچ به ساڻس گڏ ڪري. نئين دهلي ۽ اسلام آباد جي سفارتڪاري کانپوءِ آمريڪا جي پيغام سميت صدر راضي ٿيو ته هو نئين دهلي ويندو ۽ ڀارتي وزير اعظم سان ملاقات ڪندو. ٻيو اهو به ٿيو ته صدر جي دوري دوران ڀارتي ڪورٽ پاڪستاني ڊاڪٽر چشتي کي ضمانت تي جيل کان ٻاهر ڪڍيو پر ان شرط سان ته هو پاڪستان نه ويندو ۽ ڪورٽ ۾ پيش ٿيندو. 20 سالن کان هو قيد ۾ هو ۽ ان تي قتل جو الزام هيو. بهرحال ڀارتي حڪومت خير سگالي جو مظاهرو ڪندي ڊاڪٽر چشتي کي جيل مان آزاد ڪيو. پاڪستاني صدر پنهنجي دوري جي اعلان کان اڳ ۾ ڀارت جي مهاڻن کي جيڪي پاڪستاني قيد ۾ هيا انهن مان 50 کن قيدين کي واهگا سرحد جي ذريعي ڀارت موڪليو. اهو چيو وڃي پيو ته اهو خير سگالي جو اظهار هيو. اچانڪ اعلان ڀارتي خارجه پاليسي جي وزارت کي پريشان ضرور ڪيو. ياد رهي ته صدر پاڪستان آصف علي زرداري پنهنجي پهرين تقرير دوران اهو اعلان ڪيو هو ته هو پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان جنگ نٿو چاهي پر هو باهمي لاڳاپن تحت گڏيل واپار چاهي ٿو. ڪاروبار ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ڪاروبار جي اهميت سڀ کان وڌيڪ آهي ۽ ان ۾ هو پاڙي وارن سان سٺا لاڳاپا چاهي ٿو. هن جو اهو به خيال هيو ته جنگ مسئلن جو حل ڪونهي ۽ نفرتن کي گهٽائڻ گهرجي ۽ گڏيل صلاح مشورن سان باهمي اختلافن کي اگر ختم نٿو ڪري سگهجي ته ان ۾ ضرور گهٽتائي اچڻ گهرجي. ان ۾ اهو به هيو ته هڪٻئي جي باهمي عزت ۽ احترام ضروري هئڻ گهرجي.

Read More »

ڪروڙ ماڻهن کي ڀاڪر ۾ وٺڻ جي سزا

 

هڪ اهڙي جاءِ آهي جتي پهچڻ بعد ميڊيسن، سائنس نه پر آرٽ ڪوٺجي ته بهتر ٿيندو. خاص طور، فارينسڪ ميڊيسن ته آهي ئي سموري فَنُ. ٻن ڏهاڪن دوران ٻه سو جي لڳ ڀڳ پوسٽ مارٽم چڪاسون ڪندڙ ۽ انهن جون رپورٽون لکندڙ راوي، تجربي جي روشني ۾، بشير قريشي جي ڪُمهلي لاڏاڻي کي فطري موت قبولڻ کان نهڪار ٿو واري. هي سٽون سندس موڪلاڻيءَ جي چوٿين ڏهاڙي لکيون پيون وڃن. ڪيميڪل ايگزامنر وٽان نتيجو اچڻ ۾ اڃا وقت لڳندو. پاڻ جنهن پرڳڻي ۾ رهون ٿا اُتي خون لُڙهي وڃڻ جي روايت ورلي ناهي. قومي تحريڪ ۾ بشير جو مرتبو هُن جي اوچتي مرگ بابت سوال اُٿارڻ جو ڪارڻ چئجي ته غلط نه ٿيندو. فرض ٿا ڪريون ته جسماني حصن جي ڪيميائي تپاس ۾ ڪنهن زهريلي مادي جو ڏَسُ نه ملي. ايئن اڻ ٿيڻو به نه آهي. هتان جي وايومنڊل ۾ فقط چند ڏوڪڙن عيوض کير، پاڻي ۽ پاڻي، کير ٿيو وڃي. ڳجها هٿ چُست هجن ته هر طرح جي توقع رکي سگهجي ٿي. ڪيميڪل ايگزامنيشن ڪندڙن پاران نفيءَ ۾ رپورٽ جاري ٿيڻ جي صورت ۾ پڻ راقم، نابريءَ تان دستبردار نه ٿيندو. انومان يقين ۾ بدلجندي نهاريندو ته ڪٿي نه ڪٿي گڙٻڙ موجود آهي.

Read More »

عمل پسند اڳواڻ جو وڇوڙو

80 ۽ 90ع جي ڏهاڪن ۾ قومپرست هلچل جي ڪيترن ئي ڏڦيڙن ۽ تنقيدن جو شڪار رهي، اتي ان سنڌي سماج اندر قومپرستيءَ وارن لاڙن کي عوامي سطح تي عام ڪرڻ ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪيو. خاص طور تي 90ع واري ڏهاڪي ۾ قومپرستي سنڌ اندر يونيورسٽيءَ جي شاگردن جي محدود دائري مان نڪري هڪ عوامي احساس واري شڪل اختيار ڪري سنڌ جي شهرن توڙي واهڻ وستين ۾ عام ٿي وئي. اها الڳ ڳالهه آهي ته قومپرست سياست ڪندڙ تنطيمون ڪيترن ئي ٽڪرن ۾ ورهائجي ويون پر عوامي سطح تي سنڌ بابت بنيادي سوالن تي چٽائي وڌيڪ گهري ۽ ڪشادي ٿي وئي. نتيجي ۾ سنڌ جي بنيادي مفادن تي سنڌ اندر هڪ عوامي ٻڌيءَ جي لهر جنم ورتو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو قومپرست تنظيمن جي الڳ هجڻ جي باوجود سنڌ ۾ مجموعي طور عوامي سطح جو هڪ اڻ لکيو اتحاد موجود آهي. ان جا مثال سنڌ جي جاگرافيائي وحدت، سنڌي ٻولي ۽ ڪلچر جي بقا، پاڻي، ڌاري آبادي ۽ شهرن جي مالڪيءَ وارن معاملن تي سنڌ اندر موجود غير معمولي ٻڌيءَ جي شڪل ۾ نظر اچن ٿا.

Read More »

ڇا بشير قريشي جو خون به لڙهي ويندو

 

23 مارچ 2012 تي ڪراچيءَ ۾ لکين سنڌين جو گڏجڻ، سو به بنا ڪنهن لوڀ ۽ لالچ جي، هڪ اهڙي قومپرست ڌر جي پٺيان جنهن وٽ نه ته ڪنهن ملازمت جو آسرو هجي ۽ نه اقتدار اختيار جو، بس ان ڌر وٽ آهي ته آزادي ۽ خوشحاليءَ جو خواب. سنڌ جي ويجهڙ جي سياسي تاريخ ۾ اهو هڪ وڏو ڇال هو. ڇو ته هيلتائين اقتداري ايوانن ۾ ويٺل ڌرين وٽ سنڌ جي قومپرستن لاءِ اها منفي راءِ رهي آهي ته اهي هڪ ڪائونسلر جي سيٽ به نٿا کٽي سگهن، پر هي تبت سينٽر کان وٺي نمائش چورنگيءَ تائين ماڻهن جو ڇوليون هڻندڙ سمنڊ انهن سڀني ڌرين لاءِ پيغام هو ته سنڌ جي قومپرست جهدوجهد هاڻي عوام سان ڳنڍجي چڪي آهي. ايئن اهو پيغام سنڌ، ملڪ ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهتو ته سنڌي مظلوم قوم آهن ۽ هن ملڪ اندر سندن حق غضب ڪيا ويا آهن. جڏهن ته ڪراچي شهر جيڪو سنڌ جي راڄڌاني پڻ آهي، ان تي مالڪي جي دعويدارن کي به احساس ٿيڻ لڳو ته نه ٻيلي اسانجي مالڪي اجائي آهي، اصل ڌڻي ميدان تي اچي چڪا آهن.

Read More »

جسقم اڳواڻ آصف بالادي چوي ٿو بشير قريشي کي ڪراچي کي قومپرست سياست جو مرڪز ٺاهڻ جي سزاڏني وئي

 

جسقم جي سربراهه بشير قريشي جو 7 اپريل تي ٿيل سڪرنڊ ويجهو پراسرار موت اڃا تائين هڪ ڳجهه بڻيل آهي، ان حوالي سان مختلف ٿيوريز سامهون اچي رهيون آهن. ان حوالي سان صورتحال کي سمهجڻ ۽ حقيقتن کي عوام آڏو آڻڻ لاءِ “افيئر” طرفان جسقم جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل آصف بالادي سان هڪ خصوصي ڪچهري ڪئي وئي، جنهن جو تت هيٺ ڏجي ٿو.

Read More »

بشير قريشي جي تدفين سن بدران رتيديري ۾ ڇو ٿي

جيئي سنڌ قومي محاذ جي سربراهه بشير قريشي جي اوچتي لاڏاڻي کانپوءِ سڄي سنڌ سوڳوار ٿي وئي. هر ماڻهو حوصلو هاري ويٺو. ليڪن سندس پراسرار موت ڪيترائي سنجيده سوال پٺتي ڇڏي ويو آهي. جيئن ڪجهه ماهر ڊاڪٽرن جي راءِ آهي ته بشير خان جو موت سڪرنڊ ويجهو واقع ٿيو هو ته ان جو پوسٽ مارٽم به ان ئي حد يعني سڪرنڊ يا نوابشاهه اسپتال ۾ ٿيڻ کپندو هو ۽ اتي ئي سندس پراسرار موت بابت حد جي ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وڃي ها، ليڪن ايئن ڪرڻ بدران پوسٽ مارٽم چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي مان ڪرايو ويو. پوسٽ مارٽم کانپوءِ جڏهن تدفين جو معاملو آيو ته سڄي سنڌ ۾ ٻه رايا هئا، هڪڙن ماڻهن جو خيال هو ته بشير خان جي مڙهه کي ڪراچي ۾ دفن ڪيو وڃي جيئن ڪراچي اندر سنڌين جي گڏجڻ لاءِ ڪو مرڪز جڙي سگهجي، ٻي راءِ اها هئي ته سندس مڙهه کي قومپرست سياست جي سياسي ۽ قومي محور سن ۾ دفن ڪيو وڃي. باقي رتيديري لاءِ سواءِ سندس ڪٽنب ۽ پاڙيسرين جي عام راءِ نه هئي.

Read More »

قومي جهدوجهد جي علمبردار جو وڇوڙو

سنڌ ۾ قومي تحريڪ جي اڳواڻن جي شهادتن ۽ موت تي نظر وجهنداسين ته سائين جي ايم سيد، ٺوڙهي ڦاٽڪ جا شهيد، سميع الله ڪلهوڙو جي شهادت، سرائي قربان کهاوڙ، روپلو چولياڻي ۽ نور الله تنيو جي شهادت ۽ سڄي ڄمار قومي تحريڪ کي ڏيندڙ عاشق سنڌ سڪندر سومرو ۽ تازو عشق سنڌ ۾ شهيد ٿيندڙ بشير خان قريشي جي شهادت جنهن سڄي سنڌ کي روئاري ڇڏيو. سنڌ جي آجپي لاءِ جهدوجهد ڪندڙ هر اڳواڻ توڙي ڪارڪن عظيم آهن پر اهي وڌيڪ عظيم آهن جن کي سازش تحت شهيد ڪيو ويو يا جن پنهنجي سڄي زندگي قومي تحريڪ جي حوالي ڪري ڇڏي هجي ۽ قومي آزادي لاءِ جهدوجهد ڪندي دم ڏنو هجي. سنڌ جي سڀني شهيدن وانگر بشير خان قريشي به سنڌ جي عشق ۾ جان ڏيئي هميشھ لاءِ امر ٿي ويو. قومي تحريڪ جي انهن سڀني اڳواڻن کي مختلف طريقن سان شهيد ڪيو ويو. سائين جي ايم سيد جي بيماري وقت پرڏيهه مان علاج نه ڪرايو ويو ڪجهه اڳواڻن کي ٽارچر سيلن ۾ جسماني ٽارچر ڏيئي شهيد ڪيو ويو، ڪجهه اڳواڻن کي سرعام گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو ۽ بشير خان قريشي کي سقراط جيان زهر جو پيالو ڏيئي شهيد ڪيو ويو. انهن سڀني کي هڪ ڏوهه ۾ شهيد ڪيو ويو ته هو سنڌ جي آجپي لاءِ جهدوجهد ڪري رهيا هئا. سندن جهدوجهد جو هڪ ئي مقصد هو ته پنهنجي مادر وطن کي آزاد ڪرائجي.

Read More »

سنڌ، جنهن جي پڄاڻي نه آ

لفظ “آزادي” پنهنجي معنيٰ ۾ جيترو وڏو آهي، اوترو ئي ڳرو پڻ. آزادي پنهنجن متوالن کان جتي صدين جي سگهه، انتها جي Commitment ، هماليه جيڏي حوصلي ۽ قرباني جي تقاضا ڪري ٿي، گڏوگڏ آزاديءَ جي منزل طرف ويندڙ سڀني رستن جي وک وک ڪنڊن سان ڍڪيل هجي ٿي. تاريخ گواهه آهي ته انهن قومن کي ئي آزاديءَ جي سونهري سپني جي ساڀيان ملي، جن پنهنجي ڪمزوريءَ کي سگهه ۾ بدلائي، ڪنهن به ڏاڍ ۽ جبر کي رستي جي رنڊڪ بڻجڻ نه ڏنو ۽ ان ويڙهه جي سموري عرصي جي هر مرحلي ۽ هر لمحي تي ثابت قدم ٿي ڏيکاريو.

Read More »

بشير قريشي جو وڇوڙو ۽ سنڌي چئنلن جي غير ذميوار رپورٽنگ

سنڌ وري هڪ ٻي سڪرات مان گذري، جڏهن 7-اپريل واري رات جي پوئين پَهر ۾ ميڊيا سنڌ جي ارڏي عاشق بشير خان قريشيءَ جي اوچتي لاڏاڻي جي خبر نشر ڪري ڇڏي. جيتوڻيڪ اهو وقت رات جو 2 وڳي کان 3 وڳي تائين وارو هو، جنهن وقت سموري خلق اگهورننڊ ۾ هوندي آهي، پر اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سيل فون ٽيڪنالوجي جي وسيلي سموري سنڌ تائين هيءَ اڀاڳي خبر منٽن ۾ پهچي وئي ۽ پوءِ پرهه ڦِٽيءَ کان پهريائين سنڌ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ جاڳي پئي ۽ سموري سنڌ سڏڪن ۾ هلي وئي. پهريان موبائل تي فون آيا، پوءِ ميسجز جو ڊگهو سلسلو شروع ٿي ويو، ايئن سموري سنڌ، (جتي جتي ٽي وي تائين ماڻهن کي رسائي دستياب آهي) اچي گوڏا کوڙي خبرون ٻڌڻ ويهي رهي ۽ سامهون هئا سنڌي ميڊيائي چينل، ڪي ٽي اين، مهراڻ، سنڌ ٽي وي ۽ آواز نيوز چينل! هڪ ته خبر ايتري ڏکوئيندڙ هئي، جو ان کي پهريان ٻڌڻ ۽ پوءِ هضم ڪرڻ به سڀ ڪنهن جي وس ۾ ڪونه هو، پر جنهن ريت سنڌي ،ميڊيا هن اشو تي Mis reporting ڪئي، منهنجي خيال ۾ مون گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي شعوري عمر ۾ ڪنهن به اشو تي ڪنهن نيوز چينل جي ايڏي نااهلي ۽ لاپرواهي نه ڏٺي آهي.

Read More »

مون اهڙا مڙس مٿير ڏٺا بشير قريشي جي جهدوجهد جو عوامي رنگ

جيئن ڪنهن کي اوچتو اچي ڪو هانءُ ۾ ڌڪ لڳي، بشير خان قريشي جي شهادت کي سموري سنڌي قوم ايئن محسوس ڪيو. هو جيڪو قومي تحريڪ جو راڻو هو جنهن جو ماروئڙن سان وچن ۽ واعدو سون جي سڪي وانگر پڪو ۽ جٽادار هو. جيڪو قافلو ڏيئا ڏيئا ٿي ٻريو هو، ان کي هن پنهنجي ڄمار، اوجاڳا، وسيلا ۽ حياتيءَ جو پل پل ۽ آخر ۾ پنهنجو رت ڏيئي به جلائي رکيو. “ٻَري جن ٻاري، آئون نه جيئندي ان ريءَ”.

Read More »
صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو