Home / افيئر ٽئگ: April-30-2012 (page 2)

افيئر ٽئگ: April-30-2012

فيڊ ميمبرشپ

بابر ۽ اياز جمالي کي زمين ڳهي وئي يا آسمان

عوامي حڪومت ۾ ملڪ جي مختلف حصن خصوصن بلوچستان ۽ سنڌ مان قومپرست نوجوانن کي قانون نافذ ڪندڙ ۽ عوام جي ٽيڪس تي ڳريون پگهارون ۽ سهولتون حاصل ڪندڙ مملڪت پاڪستان جي شهرين جي تحفظ جي دعويدار پوليس کنڀڻ شروع ...

Read More »

بيلَٽ کان بُليٽ جي سياست تائين

پيپلز پارٽي جي حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کان پهرين ئي لياري بدترين گينگ وار جو شڪار بڻجي چڪي هئي ۽ اتي ٻه سرگرم ڏوهاري ٽولا هڪ رحمان ڊڪيت ۽ ٻيو ارشد پيو جي اڳواڻيءَ۾ هڪٻئي سان جهيڙي ۾ مصروف هئا.متحده قومي موومينٽ جي سپورٽ ارشد پپوءَ کي هئي. متحده جي خواهش هئي ته ارشد پپوءَ جي ڏوهاري ٽولي جي مدد سان لياري جيڪو روايتي طور پيپلز پارٽي جو ڳڙهه آهي

Read More »

پنجاب جي نارنگ منڊي ۾ مذهب مٽائي شادي ڪندڙ مسلمان ۽ عيسائي جوڙو عتاب هيٺ

پاڪستان ۾ اقليتون ڏينهون ڏينهن غير محفوظ بڻجي رهيون آهن. ويجهڙ ۾ سنڌ ۾ رنڪل ڪماري، آشا ڪماري ۽ لتا جي زبردستي مذهب مٽرائي شادي ڪرائڻ ۽ ان ڏس ۾ ڀرچونڊي درگاهه جي پيرن جي ڪردار تي پڻ آڱريون کڄي ...

Read More »

سنڌ هڪ ٻي ٻوڏ ڀوڳيندي

گذريل سال جي برساتن سنڌ جي معيشت کي سخت متاثر ڪيو. خاص ڪري زراعت، چوپايو مال ۽ بنيادي ڍانچي کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي جنهن کي بحال ڪرڻ لاءِ جتي مالي وسيلا ۽ وقت درڪار آهي. اتي سرڪار جي مرضي ۽ منشا جي ضرورت آهي. سياري جي سخت سرديءَ ۾ برسات متاثرن جي مشڪلاتن ۾ ويتر اضافو ٿي ويو. عارضي ڪئمپن ۾ رهندڙ 42 سيڪڙو متاثرن کي سياري کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد گهربل هئي. اهڙي صورتحال ۾ حڪومت توڙي غير سرڪاري ادارن کي جيترو ڪردار ادا ڪرڻو هئو، سو اڃا تائين نه ڪري سگهيا آهن. هڪ پاسي متاثرين لاءِ صورتحال خراب ٿيندي پئي وڃي ته ٻئي پاسي هن سال جون سانوڻي واريون برساتون به ويجهو اچن پيون.

بحاليءَ جي حوالي سان حڪومت نون مهينن جي تڪڙي بحالي واري رٿا جنوري 2012 کان سيٽمبر 2012 تائين شروع ڪئي. پر اڄ به 55 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي تڪڙي سهائتا جي ضرورت آهي. پر سرڪار توڙي عالمي ادارا متاثرين کي اجهو، کاڌو، تعليم ۽ صحت جهڙيون سهولتون ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن مسلسل ٻن سالن کان ٻوڏ کي منهن ڏيندڙ ماڻهو زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن کان محروم ٿي ويا آهن.

Read More »

سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر مها ٻوڏ جو خطرو

نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر ظفر قادر 21 اپريل تي ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ملڪ جي عوام کي خبردار ڪيو آهي ته هن سال سانوڻي جون برساتون گذريل سال کان به وڌيڪ پوڻ جو امڪان آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڏاکڻي سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي ڏکڻ پنجاب، خيبرپختون خواهه ۽ ٻين علائقن ۾ خوفناڪ ٻو ڏ اچي سگهي ٿي.

Read More »

سنڌ جي ابتدائي آدمشماري ڪراچيءَ ۾ اردو ڳالهائيندڙ اقليت ۾

  آدمشماري هميشھ سنڌين لاءِ اهم سياسي اشو پئي رهندو آيو آهي. جڏهن کان پاڪستان وجود ۾ آيو آهي تڏهن کان ئي سنڌ جي شهرن ۾ آباديءَ ۾ واڌ ۽ اُها واڌ غير سنڌين جي طرفان ٿيندي پئي رهي آهي، ...

Read More »

ڪراچي ڊي ايڇ اي سٽي-سنڌين کي دربدر ڪندڙ منصوبو

  سپر هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي جي وچ ۾ تعمير ٿيندڙ هڪ ڊي ايڇ اي سٽي ڪراچي جيڪا ذوالفقار آباد کان به وڌيڪ خطرناڪ ترين رٿا آهي جتي 5 لک ڌاريا آباد ڪيا ويندا جنهن ۾ 60 سيڪڙو ...

Read More »

سياهه-چن: ڀارت ۽ پاڪستان لاءِ موت جي ماٿري

سياهه-چن جنهن کي عام طور سياچن ڪوٺيو وڃي ٿو، اهو اصل ۾ آهي  سياهه-چن معنيٰ ڪارو گلاب. ڪارو گلاب فقط سياهه چن جي برفاني پهاڙين جي مختصر ميداني علائقن  ۾ ٿئي ٿو. سياهه-چن يعني ڪاري گلاب جو گل ڪاراڻ مائل ...

Read More »

لياري آپريشن پس پرده ڪهاڻي


نه رڳو ڪراچي کان ٻاهر پر لياري کان به پري رهندڙ اهو سمجهڻ کان قاصر آهن ته پيپلز پارٽي هن ڳڙهه ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان هلندڙ ڇڪتاڻ جي پويان ڪهڙا سبب آهن، لياري جي صورتحال انتهائي خراب ٿي چڪي آهي،

Read More »

لياري آپريشن ڇو ۽ ڇا لاءِ

ڪراچيءَ جو قديم ترين علائقو لياري اپريل جي آخري هفتي کان رياستي آپريشن جي ور چڙهيل آهي. اپريل جي آخري هفتي ۾ ڇهه پوليس اهلڪارن سميت 50 کن ماڻهو قتل ٿي ويا آهن.سوين زخمي آهن. هزارين ماڻهو لياري جي مختلف علائقن مان لڏپلاڻ ڪري چُڪا آهن.

Read More »
صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو