Home / افيئر ٽئگ: September-15-2012 (page 2)

افيئر ٽئگ: September-15-2012

فيڊ ميمبرشپ

ماسٽر ريجنل ميگاپراجيڪٽ- هڪ ٻيو ميگاڊزاسٽر

14 سيپٽمبر 2012ع تي حيدرآباد ۾ سيڊا ۽ واٽر سيڪٽر امپرومينٽ پراجيڪٽ (وسپ) جي نگراني ۾ سنڌو درياهه جي کاٻي طرف کان اڳوڻي قديم ڊيلٽا ۽ هاڻوڪي سامونڊي پٽي مان برساتي ٻوڏن واري پاڻي کي خير خوبي سان سمنڊ ۾ ...

Read More »

سياسي بنيادن تي جاري ڪيل 3 لک هٿيارن جا لائسنس، آخر ڪنهن لاءِ

  25 جولاءِ 2012ع تي سنڌ جي هڪ مقامي اخبار ۾ گڏيل قومن جي هڪ رپورٽ شايع ٿيل هئي ته پاڪستان ۾ تقريبن 2 ڪروڙ ننڍا وڏا هٿيار موجود آهن جيڪي ٽوٽل جو ٽوٽل غيرقانوني طور تي دهشتگردن،ڏوهارين ۽ عام ...

Read More »

معجزن جامنتظر مسڪين ماڻهو

هوءَ 23 سالن جي مس هئي ۽ شادي به ٽي سال اڳ ٿي هيس. سهڻي، خوش شڪل، رنگ جي چٽي ۽ معصوم ،بيماري ويتر هي معصوم بڻائي ڇڏيو هئس. هن جا سمورا ارمان پاڻي ۾ لڙهي ويا جڏهن خبر پيس ...

Read More »

ڪامريڊ سلام بخاري، سنڌ جنهن جي رڳ رڳ ۾ سمايل هئي

دنيا جي عظيم ماڻهن جي مطالعي مان معلوم ٿيندو ته هو عام زندگي ۾ ٻين کان بلڪل نرالا ۽ الڳ سوچ ۽ عمل تي گامزن رهن ٿا. ذاتي زندگي ۾ ٺاهه ٺوهه، پذيرائي، وڏائي، نمائشي انداز ترڪ ڪري مقصد ۽ ...

Read More »

روحل واءِ کان ڪارونجهر تائين

ڀٽ ڌڻي چيو آهي ته “ هلو هلو ڪورئين نازڪ جنين جو نينهن، ڳنڍين سارو ڏينهن ڇنڻ مور نه سکيا” سو اسان ڪجهه دوست مارئي جي ديس جنهن کي عام طور دردونديءَ جو ديس به چون ان پاسي پنڌ پياسين. ...

Read More »

گهوٽڪي : صنعتي ادارن ۾ مقامي ماڻهن سان ٻه اکيائي

گهوٽڪي جيڪو سنڌ جو پنجاب سان لڳندڙ آخري ضلعو آهي. گهوٽڪي ڪراچي کانپوءِ سنڌ جو ٻيو وڏو صنعتي زون آهي. گهوٽڪي پنجن تعلقن گهوٽڪي، ڏهرڪي، ميرپور ماٿيلو، خانڳڙهه ۽ اوٻاوڙو تعلقن تي ٻڌل ضلعو آهي، جنهن جو هيڊ ڪوارٽر ميرپور ...

Read More »

تڪراري مڪاني نظام ۽ ميڊيا لارڊ

اردو ميڊيا جي هڪ نام نهاد اينڪر شاهد مسعود جڏهن صدر آصف علي زرداري جي سنڌي ٽوپي پائڻ واري عمل تي اعتراض ڪري اهو چيو هو ته ءِ سندس موجب صدر کي سنڌي ٽوپي پائڻ نه گهرجي“ اهڙو پروگرام جيو ...

Read More »

سنڌ بدلجي رهي آهي حيدرآباد:پ پ جو مڪاني نظام جي حمايت ۾ شو فلاپ

نه رڳو پيپلز پارٽي  پاڻ پر پاڪستان جون سموريون سياسي ۽ مذهبي ڌريون سنڌ کي ان جو مضبوط ڳڙهه سمجهنديون رهيون آهن،ڪافي ڀيرا هن پارٽي سنڌ ڪارڊ جو استعمال ڪيو آهي ۽ اهو استعمال ان کي هميشه ڦٻندو رهيو آهي، پر سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس

Read More »

شهيدن جي پارٽي نيٺ سنڌ کي شهيد ڪري ڇڏي

پاڪستان پيپلز پارٽي  جنهن ماضيءَ ۾ ملٽري توڙي سول ڊڪٽيٽرن سان ڊگھي عرصي تائين مهاڏو اٽڪايو هو سا هڪ ڏينهن سانڊيَ وانگيان ست رنگ بدلائيندي ۽ مينڊيٽ ڏيندڙ سنڌ جي عوام سان ايڏي وڏي جٺ ڪندي، اها ڳالهه سنڌ جي عوام خواب ۾ به ڪڏهن سوچي ڪونه هوندي. ايئن ضرور هو ته پاڪستان پيپلز پارٽي مارچ 2008 ۾ حڪومت جون واڳون سنڀالڻ کان وٺي هٿ ٺوڪي سرچاءَ واري پاليسي جي نالي ۾ ڪجھه اهڙا ڪارناما ڪرڻ شروع ڪيا هئا

جن تي سنڌ جي عوام جو اچرج وچان عقل ئي دنگ رهجي ويو هو. مثال: ڪراچيءَ جو واٽر بورڊ جنهن ۾ تڏهوڪي سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمنٽ ڪراچيءَ جي انتهائي تعصب پرست اڳوڻي ميئر سيد مصطفى ڪمال جنهن جو واسطو لساني تنظيم سان آهي، تنهن لساني بنيادن تي اٽڪل چار هزار ماڻهو ڀرتي ڪيا سي پ پ پ جي ڪو ـ چيئرمن آصف علي زرداري جيڪو ان وقت خير سان اڃا ملڪ جو صدر ڪونه بڻيو هو پر سندس پارٽي اقتدار ۾ اچي چڪي هئي تنهن پهرين سَٽَ ۾، لساني تنظيم کي خوش ڪرڻ لاءِ سندن غير قانوني ڀرتين کي، فارغ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو پر جيڪڏهن اها ڪرم جي نظر ٻين کاتن تي به پوي ها جت هونئن ته لساني تنطيم جا ماڻهو گھٽ پر سنڌين سميت ٻين قوميتن جا وڌيڪ ماڻهو هئا ته گھڻن جو

ڀلو ٿي پوي ها صدر آصف زرداري جنهن ڪجھه غير ملڪي دورن دوران سنڌي ٽوپي پاتي آهي پر هڪ ڳالهه نوٽ ڪرڻ جي آهي ته ڪو سکڻي سنڌي ٽوپي پائڻ سان سنڌي ماڻهن جون دليون کٽي سگھي ها ته اڄ لساني تنظيم جو سربراهه الطاف حسين ۽ تعصب پرست اڳوڻو سٽي ميئر ۽ هاڻوڪو سينيٽر سيد مصطفى ڪمال سي اڄ سنڌين جا هيرو هجن ها.

Read More »

ٻٽو مڪاني نظام : ڪوڙو ڪفرسين

“ اسٽيبلشمينٽ پيپلز پارٽيءَ مان جان ڇڏائڻ چاهي ٿي ” اهو جملو سالن کان ٻڌندا پيا اچون ۽ ان معاملي تي ڪيترائي ليک به پڙهڻ لاءِ مليا. مان ڀانيان ٿو ته هاڻ ان جملي تي لکڻ ۽ بحث ڪرڻ وقت وڃائڻ آهي، اڄ جڏهن سنڌي عوام جي مخالفت باوجود پيپلز پارٽي ٻٽي مڪاني نظام وارو آرڊيننس آندو ۽ بل جي صورت ۾ 5 منٽن اندر  سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرايو ته ان وقت سڄاڻ ماڻهن کي پ پ جي اهڙي عمل تي ڪابه حيرت نه ٿي ڇاڪاڻ ته موجود ٻه پيڙهيون 70واري ڏهاڪي کان پيپلز پارٽي جي ڪردار کان چڱي ريت واقف آهن، جنهن ڪري ٽين پيڙهي کي ملڪ جي ان وڏي جماعت کي سمجهڻ ۾ ڪابه ڏکيائي نه ٿي ٿئي.

 

Read More »
صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو